• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڏا وار.....

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
3496nup.jpg

وڏا وار ڇوڙي جو گهمندي هئي
ڪئين قلب ٽوڙي جو گھمندي هئي

ورسٽي ۾ ڪَئين دفعا مون ڏٺو
گل چوٽيءَ ۾ جوڙي جو گھمندي هئي

سندس حسن تي ها فدا ڪئين جوان
جوانيون مروڙي جو گھمندي هئي

قداور هُو سجني ۽ سهڻي سڄي
سنها چپ ڀڪوڙي جو گھمندي هئي

هو پنهنجي نظر سان هزارن دلين تي
ڪي خنجر به کوڙي جو گھمندي هئي

ادائن سان پنهنجو ڪري وئي ”عبيد“
ولين جان وڪوڙي جو گھمندي هئي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا عبيد ڪاٿي لڪيا پيا هو توهان جا خيال زبردست آهن ڏاڍو پسند آيا باقي علم عروض جي ڪيتري ڄاڻ آهي ۽ هي غزل ڪهڙن رڪنن تي ٺاهيو اٿئو مان به اڃا سکان پيو پر توهان ڀاءُِ آهيو گڏجي اڳتي هلنداسين
 
ڊگهو قد سڌي ڪاٺي هيٺاهين تي ڦٻيل چولو
ڇوري ڇتا اهڙا ڇوڙيا جو ڇا چئجي
واه.
عورت وارن بابت سرويچ چوي ٿو ته ” ڇوري ڇَتا نه ڇيڙ تون ، ڇورا ڇِتا ٿِي پوندا... مينڍا نه منهن تي موڙ تون، ڇورا ڇِتا ٿِي پوندا.“
 
Back
Top