• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جو واحد ناسور موالي، نشائي روڪ تحريڪ جو حصو بڻجي سنڌ سماج بچايو، سنڌ بچايو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
1513794_10203734782470868_3469999796216567224_n.jpg
 
سنڌ جو واحد ناسور موالي، نشائي روڪ تحريڪ جو حصو بڻجي سنڌ سماج بچايو، سنڌ بچايو.
متان پوءِ دير ٿي وڃي ۽ هٿ مليندا رهو! ڇو جو هاڻ توهانجي سنڌي جنريشن ۽ سماج مڪمل نشي ۽ موالپڻ جي عادي ڪيو پيو وڃي ۽ تيزرفتاريءَ سان ٿيندو پيو وڃي. ته ايمرجنسي نافذ ڪرائڻ، لازمي تعليم پرائمري کان پروفيشنل تائين بشمول مُفت تعليم ڪتاب ۽ ٻين سهولتن ۽ گهرجن جي، لاءِ اُپاءَ وٺڻ ۽ جدو جهد لاءِ ميدان تي لهو، پوءِ ڀلي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪريو پر ميدان تي اچو جي ڳالهين سان نه پر حقيقي طرح سان سنڌ ۽ سنڌيت جا حُبدار ۽ دعويدار آهيو ته. نڪرو قوم جي برين واش ڪريو، سنڌ ۽ سنڌي سماج بچايو، پنهنجو اکيون ڦوٽاري، سڀ ڪم ڪار وساري جهاد ڪريو صرف هڪ ناسور جي خاطمي لاءِ ته سنڌي سماج هر بُرائيءَ کان بچي سگهي ٿو.

بين الاقوامي سازشن ۽ ڪن سنڌي پوءِ ڍايل وڏيرن جي ملي جُلي سازش سان جيڪي سنڌ جي 95 سيڪڙو غريبن ۾ نشي جي علت وجهي کين غلام ۽ پنهنجو ٻارڻ بڻايو ويٺا آهن کين بيوقوف ۽ ڪُند ذهن ڪري مُفت نشا پتا ۽ سهولتون ، ڪاپي ڪلچر تحت ڊگريون، ڪوڙيون ڊگريون ۽ سفارشي ڪلچر تحت نوڪريون ڏئي ۽ استحصال ڪري ويٺا آهن ميرٽ سنڌيءَ جو ضلعن جي ٻهراڙي علائقن جا ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائي ۽ پوءِ ڀڄي وڃن ٿا امريڪا، برطانيا، ڪئناڊا ۽ سنڌي موالين جي حوالي ڪري.

ته جيئن سنڌ جي وسائلن تي سندن هڪ هٽي رهي، چاهي اُهي ٻاهرين مُلڪن مان ڏوريون هلائين يا بنگلن ۾ سمهين، سنڌي نشي ۾ غرق ڪيو ويو آهي سازش سان ڄاڻي ٻُجهي، ۽ علم کان تمام گهڻو ڏور، ڏئي سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر، رکي کين غلام ابن غلام . ۽ پلانگ رٿيل آهي انهن جي 95 سيڪڙو غريبن کي ڪند ذهن، سست، ڪم چور ڪاهل بڻائي رکڻ جي. ۽ پوءِ دُهل شرنائين جي ٿاپ تي هر سال کين نچڻ ڪُڏڻ جو موقعو به ڏئي خوش ڪجي ٿو پر سندن ادارو به آهي هڪ موالي ۽ نشائيءَ جي هٿ ۾ جيڪو آڻي ٿو موالين کي صرف اڳيان.

ته سازش آهي اها بين الاقوامي ته مُڪمل نشائي ڪري پوءِ ڪنهن مذهبي تفرقي يا خراب ڪمن ۽ جهيڙن جهٽن ۾ کين استعمال ڪرڻ لاءِ ٻارڻ بڻائجي.

ته ته هوش ڪريو اي نشي ۾ مدهوش سُتل سنڌيو. نشي جي علت ڇڏيو، صرف علم پرايو، پنهنجي علم جي قوت سان سماج بدلايو، دشمنن جي چالن کي سمجهو متان پوءِ سنڌ ٽڪڙا ڪرائي وڃي ڄاڻي ٻُجهي پنهنجي بقا لاءِ. متان پوءِ اچو سنڌ گهمڻ لاءِ اصلي سنڌي واڻين وانگر ويزا وٺي جي سمجهه ۾ اچي پيو.
ته اي 5 سيڪڙو وڏيرن جو چوسيل ڳنڍيريون کائي 95 سيڪڙو غريبن جو استحصال ڪرڻ وارئو سنڌي سماج بچايو ۽ واپس آڻيو سنڌ کي باب الاسلام طرف .

واحد موالي ۽ نشائي ڪلچر ٿراپي ڏئي توهان جو سماج تبديل ڪيو ويو آهي. اڄ توهانجو ڏاهو، سماجي هيرو، ڪو اکين ٺار به ان برائيءَ کان بچيل ناهي. اڄ توهان جي ميرٽ ۽ ترقيءَ جو راز موالي پڻ ۽ نشائي پڻ ۾ وڌو ويو آهي جي توهان نشي جي علت ۾ آهيو ته ميدان ۽ ادار به توهانجا. جي توهان علم وارا آهيو ته ڏور ڪيل آهيو . صرف يڪجا ٿي هر طريقو استعمال ڪري سنڌ مان موالين جي پاڙ پٽيو ته سنڌي سماج سُڌري پوي. هڪ ناسور تي ڪنٽرول ڪريو ته سڀ ڪُجهه بهتر ٿي ويندو. ڇا هاڻ توهان کي رستو يا گس وڄائي اڳتي وڌائيندڙ موالي هوندا؟ خدارا هوش ڪريو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اسلام ۾ کُلو چيل آهي ۽ دُنيا به ڄاڻي ٿي ته نشو قومن کي بيغرت ڪري ڇڏيندو آهي ۽ بيغرتي طرف وڌندڙ پهريون ڏاڪو آهي ڇو جو جنهن ۾ پنهنجي پرائي جي سُڃاڻپ ڪا نه ٿي رهي. افسوس جو سُهڻي سنڌ ۾ انٽرنيشنل سازش ۽ پيسي جي ڀرمار ڦينڪ ۽ مدد سان توهانجي سنڌي نوجوان نسل کي به موالي ۽ نشائي ڪلچر ۾ غرق ڪيو پيو وڃي ۽ موالي ، نشائي ازم تيزي سان فروغ پيو ڪيو وڃي! ته سنڌي غلام بڻائي ڪنهن مذهبي تفرقي لا مستقبل ۾ استعمال ڪري سگهجن، کين ٻارڻ بڻايو وڃي. کين سست، ڪم چور، ڪاهل ، ننڊ جي سُتي ڏئي سُمهاريو وڃي ۽ غلام ابن غلام بڻايو وڃي. گهوسٽ اسڪولن، ۽ استادن جي مدد سان ڪاپي ڪلچر، رشي ڪامورن جي مدد سان سفارشي ڪلچر توهانجي سُتي ۾ وڌو پيو وڃي ته سنڌي علم نه پرائي سگهي. ته بچا لا اُپا وٺو متان پو هٿ مهٽيندا رهو ته ڪنهن خبردار نه ڪيو ۽ سنڌ تي دُنيا جي مختلف قومن جا موالي هڪ ۽ طاقتور ٿي قابض ٿي ويا. نشائي ۽ موالي ڪلچر، جيڪو گهٽين، اوتارن، اوطاقن، ولين، بُزرگن، درويشن جي مزارن کان پنهنجو سفر ڪري چُڪو هو ، هاڻ توهانجي ادبي، سماجي محفلن جي پُڄاڻين تائين، گهرن جي ڊرائنگ رومن تائين، تعليمي پرائمري توڙي پروفيشنل ۽ ٽيڪنيڪل تعليمي مرڪزن تائين، صوبائي توڙي قومي ادارن ، ڪارپوريشن تائين ،حتى ڪه سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سنڌي چينلن ۾ ميڪ اپ مين، بوم آپريٽرن، لائيٽ مين ۽ ڪئمرا مين کان شروع ٿي جونيئر ۽ سينيئر ايڪٽر، ماڊلس عورت توڙي مرد، سنگرس، ميوزيشن ، نيوز ۽ انٽرٽينمينٽ ڊائريڪٽرس، پروڊيسرس ۽ پروگرام مئنيجرس جي دسترس تائين پُهچي ويو آهي ۽ اُتان بيڌڙڪ ڦهلجي واڌ پيو ٿئي ۽ ان ڪري فحاشي ، جنسي عشق به جنم پيو وٺي . هاڻ نشو ئي رشوت ۽ سفارش جي واحد ڪرنسي آهي جيڪا هُجي ته اڳتي ترقي ، مزدوري، نه ته پوئتي موٽ . خبردار ! اهو ناسور غريبن مان نڪري هاڻ وائيٽ ڪالرس، وڏيرن جي اولادن جي معرفت، شاعرن، ليکڪن، اديبن، ڏاهن، ۽ صرف هڪ وچجندڙ ناسور سنڌ جي ٻچي ٻچي ۾ تيزي سان وڌندو وڃي جيئن کين ڪند ذهن بڻائي سنڌ جي وسيلن تي هڪ هٽي قائم ڪئي وڃي.
ته سنڌ سُڌار، علم ويچار موالي نشائي روڪ تحريڪ جو حصو بڻو. پنهنجي ارد گرد ماحول کي ڏسي جانچي پاڻ شروعات ڪريو ۽ موالي ازم روڪ ڪريو ته سنڌ بچائي سگهجي.
 
اي سنڌ جا غيور سنڌيئو! رومالن ۾ ويڙهيل سازشن کي پرکڻ جي عادت وجهو ۽ موالي ازم تحت سنڌ کي وڌيڪ غلام ابن غلام بڻائڻ کان موالي نشائي روڪ تحريڪ جو حصو بڻو. ڇا توهانکي اُن وقت دهچڪو نه لڳندو آهي ته جڏنهن توهان کي خبر پوندي آهي ته توهان جنهن جا فين ۽ گهڻ گهريا آهيو ۽ سندس ڪنهن ڪاوش تي کيس دل جي گهراين سان پيار ٿا ڪريو ۽ جان فدا ڪرڻ تي به رضامند ۽ بيپرواه ۽ ان جي ڏسيل رستو وٺي اڳتي وڌڻ چاهيو ٿا ته ڇا محسوس ٿيندو هوندو جڏنهن توهانکي خبر پوندي آهي ته اُهو پاڻ هڪ مفلوج موالي ۽ نشائي شخص آهي ! جنهنجون لڪي گُذرجندڙ هم پيالن سان شامون ۽ راتون نشي ۽ جنسي فحاشي ۽ سوچ طرف راغب آهن ۽ هن جو ويلفيئر طرف وڌايل قدم به در اصل انهن خواهشن پوري ۽ تڪميل ٿيڻ جي گهرج آهي. ته توهانجو حال ڇا ٿيندو هوندو ڇو جو ثابت آهي ته موالي ۽ نشائي پڻ بيغرتي ۽ جنسي عشق طرف وڌڻ جو پهريون ڏاڪو آهي ۽ مذهب به اهو چئي ٿو ته هن ۾ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ سڃاڻپ جي صلاحيت ناهي رهندي. تڏنهن ته نشي کان پري رهڻ جو حڪم آهي ۽ سنڌي ته آهي ئي غيرتمند قوم، جنهن جي ڪلچر ۾ ڪارو ڪاري تحت جوڙن کي ئي قتل ڪريو ٿي ڇڏجي. پوءِ اتي توهانکي ڇا ٿو ٿي وڃي ۽ اُهو نشائي موالي ڪنهن غيرتمند سنڌيءَ جو دوست ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ته توهان ساڻس پوءِ عقيدت جا رشتا ڪيئن وڌائي هلندا. توهانجو خواب ته چڪنا چور ٿي ويو جڏنهن راز افشا ٿي ويو ته مار فلاڻو موالي (نشائي) آهي. اسان ٿا توهانکي ٻُڌايون! جي توهان چاهيو ٿا ته توهانجو من پسند هڪ غيرتمند ۽ اصول پرست رهي ته کيس موالپڻ ۽ نشي واپرائڻ يا ڳالهين ڪرڻ وقت نفرت ۽ ڀرپور نفرت جو گيسچر ڏيو ڊائريڪٽ جي فري آهيو ۽ هُجتي به ته ان ڊائريڪٽ جي هو طاقتور يا صرف هڪ طرفو ڄاڻ سڃاڻپ وارو آهي. ڪريو ساڻس ايتري نفرت، ايترو مُنهن گهنجائي، جو هو خود شرمسار ٿي سمجهي ان جو ڪارڻ ۽ نشو واپرائڻ ڇڏي ڏي. سندس سُتل حس جاڳايو جيڪا سُمهي چُڪي آهي نشن ڪري ۽ نسون خشڪ ٿي ويون اٿس سوچڻ جي صلاحيت وساري. اهڙيو نفسياتي ٿراپيون استعمال ڪري نشو ڇڏائڻ جي ترغيب ڏيوس جتي ويهو اُتي چئوس! ڇا تون موالي آهين! موالين ۽ نشائين سان نفرت جو اظهار ڪريو چاهي انڊائريڪٽ ڪريو! حتيٰ ڪه هو ماڻهو ن ۽ انسان ۽ غيرتمند سنڌي ٿي وڃي ۽ شرمسار ٿي نشو ڇڏي ڏي. ڪير به هُجي، سڌو سئون يا رومال ۾ ويڙهي بار بار موالين ۽ نشاين کي احساس ڏياريو ته نشائي ۽ موالي ازم بيغرتي، بي حسي، بي شرمي، جنسي خواهشن طرف گهلجڻ جو پهريون ڏاڪو آهي ۽ ڪو سنڌي موالي ٿيڻ پسند ڪونه ڪندو ڇو جو هو هڪ غيرتمند قوم آهي.
 
Back
Top