سنڌ جو واحد ناسور موالي، نشائي روڪ تحريڪ جو حصو بڻجي سنڌ سماج بچايو، سنڌ بچايو.
متان پوءِ دير ٿي وڃي ۽ هٿ مليندا رهو! ڇو جو هاڻ توهانجي سنڌي جنريشن ۽ سماج مڪمل نشي ۽ موالپڻ جي عادي ڪيو پيو وڃي ۽ تيزرفتاريءَ سان ٿيندو پيو وڃي. ته ايمرجنسي نافذ ڪرائڻ، لازمي تعليم پرائمري کان پروفيشنل تائين بشمول مُفت تعليم ڪتاب ۽ ٻين سهولتن ۽ گهرجن جي، لاءِ اُپاءَ وٺڻ ۽ جدو جهد لاءِ ميدان تي لهو، پوءِ ڀلي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪريو پر ميدان تي اچو جي ڳالهين سان نه پر حقيقي طرح سان سنڌ ۽ سنڌيت جا حُبدار ۽ دعويدار آهيو ته. نڪرو قوم جي برين واش ڪريو، سنڌ ۽ سنڌي سماج بچايو، پنهنجو اکيون ڦوٽاري، سڀ ڪم ڪار وساري جهاد ڪريو صرف هڪ ناسور جي خاطمي لاءِ ته سنڌي سماج هر بُرائيءَ کان بچي سگهي ٿو.
بين الاقوامي سازشن ۽ ڪن سنڌي پوءِ ڍايل وڏيرن جي ملي جُلي سازش سان جيڪي سنڌ جي 95 سيڪڙو غريبن ۾ نشي جي علت وجهي کين غلام ۽ پنهنجو ٻارڻ بڻايو ويٺا آهن کين بيوقوف ۽ ڪُند ذهن ڪري مُفت نشا پتا ۽ سهولتون ، ڪاپي ڪلچر تحت ڊگريون، ڪوڙيون ڊگريون ۽ سفارشي ڪلچر تحت نوڪريون ڏئي ۽ استحصال ڪري ويٺا آهن ميرٽ سنڌيءَ جو ضلعن جي ٻهراڙي علائقن جا ڪوڙا ڊوميسائل ٺهرائي ۽ پوءِ ڀڄي وڃن ٿا امريڪا، برطانيا، ڪئناڊا ۽ سنڌي موالين جي حوالي ڪري.
ته جيئن سنڌ جي وسائلن تي سندن هڪ هٽي رهي، چاهي اُهي ٻاهرين مُلڪن مان ڏوريون هلائين يا بنگلن ۾ سمهين، سنڌي نشي ۾ غرق ڪيو ويو آهي سازش سان ڄاڻي ٻُجهي، ۽ علم کان تمام گهڻو ڏور، ڏئي سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر، رکي کين غلام ابن غلام . ۽ پلانگ رٿيل آهي انهن جي 95 سيڪڙو غريبن کي ڪند ذهن، سست، ڪم چور ڪاهل بڻائي رکڻ جي. ۽ پوءِ دُهل شرنائين جي ٿاپ تي هر سال کين نچڻ ڪُڏڻ جو موقعو به ڏئي خوش ڪجي ٿو پر سندن ادارو به آهي هڪ موالي ۽ نشائيءَ جي هٿ ۾ جيڪو آڻي ٿو موالين کي صرف اڳيان.
ته سازش آهي اها بين الاقوامي ته مُڪمل نشائي ڪري پوءِ ڪنهن مذهبي تفرقي يا خراب ڪمن ۽ جهيڙن جهٽن ۾ کين استعمال ڪرڻ لاءِ ٻارڻ بڻائجي.
ته ته هوش ڪريو اي نشي ۾ مدهوش سُتل سنڌيو. نشي جي علت ڇڏيو، صرف علم پرايو، پنهنجي علم جي قوت سان سماج بدلايو، دشمنن جي چالن کي سمجهو متان پوءِ سنڌ ٽڪڙا ڪرائي وڃي ڄاڻي ٻُجهي پنهنجي بقا لاءِ. متان پوءِ اچو سنڌ گهمڻ لاءِ اصلي سنڌي واڻين وانگر ويزا وٺي جي سمجهه ۾ اچي پيو.
ته اي 5 سيڪڙو وڏيرن جو چوسيل ڳنڍيريون کائي 95 سيڪڙو غريبن جو استحصال ڪرڻ وارئو سنڌي سماج بچايو ۽ واپس آڻيو سنڌ کي باب الاسلام طرف .
واحد موالي ۽ نشائي ڪلچر ٿراپي ڏئي توهان جو سماج تبديل ڪيو ويو آهي. اڄ توهانجو ڏاهو، سماجي هيرو، ڪو اکين ٺار به ان برائيءَ کان بچيل ناهي. اڄ توهان جي ميرٽ ۽ ترقيءَ جو راز موالي پڻ ۽ نشائي پڻ ۾ وڌو ويو آهي جي توهان نشي جي علت ۾ آهيو ته ميدان ۽ ادار به توهانجا. جي توهان علم وارا آهيو ته ڏور ڪيل آهيو . صرف يڪجا ٿي هر طريقو استعمال ڪري سنڌ مان موالين جي پاڙ پٽيو ته سنڌي سماج سُڌري پوي. هڪ ناسور تي ڪنٽرول ڪريو ته سڀ ڪُجهه بهتر ٿي ويندو. ڇا هاڻ توهان کي رستو يا گس وڄائي اڳتي وڌائيندڙ موالي هوندا؟ خدارا هوش ڪريو.