اي سنڌ سلامت ! ! ! الوداع . . . . . . . . . .

'ڏوراپن جو ڏيهه' فورم ۾ عبد الله فهيمي طرفان آندل موضوعَ ‏29 مئي 2014۔

  1. عبد الله فهيمي

    عبد الله فهيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    363
    ورتل پسنديدگيون:
    931
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    سنڌي علماء جي ڪتابن کي جمع ڪرڻ
    ماڳ:
    ڳوٺ حاجي بگن خان ابڙو تعلقه ۽ ضلع لاڙڪاڻه
    مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته
    سنڌ سلامت
    هڪ اهڙو فورم آهي،
    جتي توهان کي
    علم، ادب، ڄاڻ، پروڙ، سکيا وغيره وغيره
    حاصل ٿيندي.
    بس !!!!
    پوءِ سنڌ سلامت تي حاضر ٿيس.
    پر !!!!
    افسوس جو هتي،
    نفرت ئي نفرت پکڙجي رهي آ،
    هتي ته هڪ دوست، ٻئي دوست جي خيالن جو دشمن بڻجي ٿو.
    مڃان ٿو ته منهنجي تحرير جي ڪري
    ڪافي دوست، دشمن بڻجي ويا هوندا،
    محبت، نفرت ۾ بدلجي وئي هوندي.
    فاصلن ۾ دوريون ٿي ويو هونديون،

    هي فقير انهن سڀني جي خدمت ۾ هٿ ٻڌي عرضگذار آهي ته
    خدارا مون کي معاف ڪجو.
    ۽ هي سوچ ويچار ڪري فيصلو ڪيو آهي ته
    اي سنڌ سلامت ! ! ! !

    الوداع . . . . . . .
    الوداع . . . . . . .
    الوداع . . . . . . .
    الوداع . . . . . . .
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    پر سائين ڇو ؟؟ وجه ڇا آهي ؟ اسان کي به ته خبر پوي..
     
  3. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    سنڌ سلامت جي اڱڻ تي هر رڪن هڪ گل وانگر آهي ۽ هر گل جي پنهنجي هڪ خوشبو هوندي آهي.

    توهان جو ايئن دل برداشته ٿي سنڌ سلامت کي ڇڏڻ جو فيصلو پڙهي تمام گهڻو افسوس ٿيو.

    توهان جي لکڻين ۽ توهان جي محنتن جو قدر سنڌ سلامت جا ڪيترائي پڙهندڙ ڪندا رهن ٿا. توهان جي ڪيل ديني جاکوڙ هميشه سنڌ سلامت تي توهان جي موجودگي ۽ توهان جي ياد ڏياريندي رهندي.

    مذهب ماڻهن کي ڳنڍيندو آهي، نفرتون دلين مان مٽائيندو آهي ۽ محبتن جي ڇانوَ مهيا ڪندو آهي.

    محترم ڀا...ڪجهه رڪنن جي ڪيل غير ذميدارانه تحريرن جي سزا سنڌ سلامت کي ڏيڻ نانصافي آهي. پنهنجي ڪيل تحقيقي تحريرن کان اسان کي محروم نه ڪريو.

    سنڌ سلامت جي انتظاميه شايد مذهبي سيڪشن تي چيڪ اينڊ بيلينس رکڻ ۾ ناڪام وئي آهي انهيڪري انتهائي بداخلاقي وارو مضمون مختلف پڙهندڙن طرفان نشاندهي ڪرڻ باوجود ڪيترائي ڏينهن عام پڙهندڙن جي پهچ ۾ رهيو ۽ لکندڙ کي ڪا به تنبيهه نه ڪئي وئي.. جنهن سان سنڌ سلامت جو اميج نهايت خراب بڻجڻ لڳو.

    توهان جي ، منهنجي ۽ ٻين دوستن جي ڪوششن ۽ مثبت انداز سان جواب ڏيڻ باوجود ان مضمون کي هڪ صحت مندانه بحث بدران ڄاڻي واڻي هٿ وٺي خراب کان خراب رخ ڏانهن موڙيو ويو....

    مذهبي رواداري ، برداشت، تحمل جا لفظ ته استعمال ڪيا پر انهن تي عمل ڏسڻ ۾ نه آيو. نتيجي ۾ توهان جهيڙو دوست اسان کان جدا ٿي رهيو آهي..مان وري به اهو ئي چوندس ته توهان جو سنڌ سلامت کي ڇڏي وڃڻ جو فيصلو انتهائي نامناسب آهي..برا مهرباني ان تي نظر ثاني ڪندا ۽ پنهنجي تحقيق ۽ دين جي علم کي ٻين تائين پهچائيندا رهندا. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين جي هڪ وڏي انگ کي ان کان محروم نه ڪندا. اهو هن ڌرتي جو توهان تي قرض آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن کي ياد ڏيارجي ته هي فورم آهي.. جنهن تي سنڌي مواد لکي موڪلڻ جي آزادي هر رڪن کي حاصل آهي... پر سندس لکيل هر تحرير سنڌ سلامت جي انتظامي تحرير نه سمجهي وڃي .. نه ئي ان کي اهو سمجهيو وڃي ته انتظاميه ان سان اتفاق ڪري ٿي...
    سنڌ سلامت ڪو ادارو يا آرگنائزيشن ناهي جنهن جا ملازم هجن ۽ هر رڪن جي تحرير تي نظر رکندي ان جي غلط لکڻ کي کيس تنبيهه ڏين ۽ سٺي لکڻ تي کيس انعام ڏين.. نه وري سنڌ سلامت رڪنن کي ڪجهه لکڻ ته اجرت ڏيندي آهي... جيڪڏهن ڪو رڪن پنهنجي خيالن جي اظهار کي پيش ٿو ڪري ته ان کي هر وقت چيڪ ڪرڻ انتظاميه جي وس ۾ ناهي.. بلڪه اهو رڪن جي اخلاقيات ۽ ان جي علمي سوچ تي رکيل آهي ته اهو ڇا موڪلي رهيو آهي...
    انتظاميه هميشه ان وقت حرڪت ۾ ايندي آهي جڏهن ڪنهن به تحرير جي رپورٽ ڪئي وڃي... يا وري پاڻمرادو ايڪشن تڏهن وٺندي آهي جڏهن رڪن ڪنهن ٻئي رڪن تي ذاتي تنقيد ڪري... توهان جو اشارو جنهن موضوع ڏانهن آهي ان جي ڪنهن به تحرير جي ڪنهن به رڪن رپورٽ نه ڪئي آهي... جنهن ڪري انتظاميه ڪنهن به رڪن کي تنبيهه ناهي ڪئي...
    افسوس ته ان ڳالهه جو به آهي جو دوست سڀ ڪجهه لکن به پاڻ ٿا، تحرير تي پسند ڪرڻ ۽ تنقيد به پاڻ ڪن ٿا جنهن سان جيڪا ڄنڊا پٽ ٿئي ٿي ان ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ الزام وري انتظاميه تي لڳائين ٿا...

    باقي جيتري قدر سائين عبدالله السندي طرفان هن موضوع جو تعلق آهي ته سندن هي خيال پڙهي ڏک ۽ افسوس انتظاميه کي پڻ آهي... کين گذارش آهي ته جيڪڏهن انتظاميه جي ڪنهن عمل سان کين تڪليف پهتي هجي ته نشاندهي ڪن ۽ پنهنجي فيصلي تي نظرِ ثاني ڪن... جو سندن آندل مواد سمورن سنڌين لاءِ انتهائي معلوماتي ۽ فائدي وارو ثابت ٿي سگهي ٿو...
     
    ايس ايم درس، سائل مهراڻ، TAHIR SINDHI ۽ 5 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  5. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    افسوس ٿيو آهي ڏک آهي ته اسانجي دوست جذبات ۾ اچي فورم ڇڏيو آهي

    [انتظاميه طرفان ترميم ڪيو ويو.. برائي مهرباني موضوع جي عنوان مطابق جواب لکو... ]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تڪڙ ۾ اهڙو فيصلو ڪيو.ڪهڙي سبب جو توهان سنڌ سلامت کي الوداع ٿا ڪريو.؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اسان جي دوست عبد الله السندي جو جذباتي فيصلو آهي. الله کيس سمجھ ڏيس. سنڌ سلا مت ۾ اهڙي ڪا به نفرت واري ڳالھ ڪا نهي. سائين مهرباني ڪري فيصلي کي تبديل ڪيو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ادا ذيشان...توهان جي اها ڳالهه درست آهي ته مذڪوره مضمون جي رپورٽ نه ڪئي وئي پر ان تي تحفظات موضوع اچڻ شرط شروع ٿي چڪا هئا.
    بحرحال جيئن ته هي فورم سڀني مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي گڏ وٺي هلڻ جي پاليسي تي قائم آهي ۽ هميشه افهام ۽ تفهيم چاهي ٿو، انهي ڪري انتطاميه جو اهو اهم فرض آهي ته مذهبي سيڪشن کي درست سمت ۾ هلائيندي رهي. مان مڃان ٿو ته اهو واقعي هڪ سخت ۽ ڏکيو ڪم آهي پر ان کانسوا هتي اهڙا بحث ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ٿيندا رهندا، رنجشون وڌنديون رهنديون ۽ اسان جا پيارا محترم دوست ايئن ئي اسان کان جدا به ٿيندا رهندا....!!


    نتظاميه طرفان تحرير ۾ تبديل ڪئي وئي آهي... براءِ مهرباني موضوع کان هٽيل ڳالهين لاءِ الڳ موضوع يا ڪچهري شروع ڪريو]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. امان الله ڀٽو

    امان الله ڀٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 اپريل 2013
    تحريرون:
    343
    ورتل پسنديدگيون:
    963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پڙهڻ
    ماڳ:
    نئونديرو
    [انتظاميه طرفان ختم ڪيو ويو... بهتر رهندو ته موضوع مطابق لکو]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0

    سائين يقينن ل آزاري کان پوءِ ڪنهن به فورم تي ڪنهن به محفل ۾ ڪنهن به ڪچهري ۾ باقي رهڻ هڪ مجاهدو آهي.
    پوين ليکن ۾ اسان کي پڻ ڏک ٿيو پر اهي زيادتي گهڻي زماني کان ٿينديون پيون اچن. تنها رهي ڪري دين خلاف ٿيندڙ روپيگينڊه جو جواب ڏيڻ ممڪن ناهي.
    اوهان سامهو انتظاميه جو صبر ۽ تحمل به آهي انهن جو به ڪو فڪر آهي، هوندو ايتري زيادتين بعد به اهي هن فورم تان ههڙي سيڪشن کي ختم نه ٿا ڪن ان لاِ ءِ انهن جي حوصلي کي اسان جو سلام آهي.
    اوهان ثابت قدم رهو اوهان جي تحريرن مان ڪنهن جي دل آزاري ناهي ٿي اوهان اسان لاءِ قابل عزت آهيو.
    اوهان هي اڱڻ ڇڏي باطل خيالن جي ماڻهن کي مظبوط ڪري رهيا آهيو.
    باقي اوهان اسان کان بهتر ٿا ڄاڻو اوهان جي سڄي عمر تحصيل علم ۾ گذري آهي.
    جيترو به ساٿ رهيو سڍو ساٿ رهيو. جي نه چاهيندي به اسان کان اوهان جي دل کي ڪو آزار پهتو هجي ته اسان هٿ ٻڌي اوهان ڱان معافي جا طلبگار آهيون.
    جاڏي پير تاڏي خير.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [انتظاميه طرفان ختم ڪيو ويو... بهتر رهندو ته موضوع مطابق لکو]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستن کي عرض ته هن موضوع ۾ پنهنجي وضاحتن پيش ڪرڻ بجاءِ موضوع مطابق بحث ڪريو... ها البته محترم دوست عبدالله السندي جي هن ڏوراپي جي موٽ ۾ جيڪڏهن توهان کي ڪاٿي انتظاميه جي غلطي نظر آئي آهي ته واضح ڪريو..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هڪ ٻه ماڻهن سان رنجش، سزا سموري فورم کي.... ناٽ فيئر... ناٽ فيئر....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين عبدالله السندي سڀ دوست توهان کي فيصلو تي نظرٽاني ڪرڻ جي التجا ڪري رهيا آهن ۽ اميد ته توهان فيصلو تبديل ڪيو هوندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حق جي راھ تي هلڻ ۾ هميشه رڪاوٽون اينديون رهنديون آهن ، صبر تي گامزن رهڻ گهرجي ، ڪجھ ماڻهن جي ڪري هن فورم کي ڇڏي ڏيڻ بهتر نه آهي ، اوهانسان ذاتي ڪچهري ۾ به اگر ڪنهن دل آزاري ڪئي آهي ، انجو مصداق هي شعر سمجهو ، هو چون تون مَ چئو واتان ورائي ، اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي............. ، اوهانجي فورم کي ڇڏي وڃڻ سان يقينن اسان کي دلي صدمو رسيو آهي ، هتي هر مڪتب فڪر جا ماڻهون آهن، انڪري توهان پنهنجو سلسلو جاري رکو جنهن مان ڪافي دوستن کي لاڀ حاصل ٿيندو والسلام
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ايترن جوابن کان پو هاڻ ڪجهه لکڻ بجاء بهتر لڳي ٿو انتظار ڪجي رسي ويندڙ دوست جو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    محُترم پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪريو! سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان توهانجي جهڙي دوست جي ڪاٽ علمي بحث لا هاڃا ڪار ثابت ٿيندي ۽ بائڪاٽ، ناراضگي، ضد اُهي ڪندا آهن جن جي علم جو ذخيرو ختم ٿي ويندو آهي. توهان ته ماشا الله علم فهم ۽ عقل سان انسائڪلو پيڊيا آهيو توهان طرفان ٻارڙن وانگر اها رُٺ رُٺان اهو مطلب ڪڍندي ته دليل کُٽي پيا آهن ۽ جواب جڏنهن ته سچ جا دليل ۽ حوالا کُٽن ئي ڪونه. ها ممڪن آهي هن وقت هڙون نه هُجن ته اُن لا حديثن ۽ قرآن جي ريسرچ ڪري کوٽي ڪڍڻا آهن.

    [اتنظاميه طرفان تبديل ڪيو ويو .. موضوع کان وڌيل گفتگو ذاتي ڪچهري ۾ موڪلڻ جي گذارش ڪجي ٿي]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 جون 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڙي بابا ! مون کي ته ڪو پرچائيندوئي ناهي . رسان به پاڻ ته وڃي پرچان به پاڻ . ڇاڪاڻ ته پاڻ کي ڪنهن ٻئي جي مٿان پنهنجي مرضي مڙهڻ جي عادت ناهي . به قول ڀٽائيءَ جي
    رتي رس م تن کان جن ريءَ سري نه ساه ،
    ه جهيڙين تون جهڪو ٿيءُ،پاند ڳچيءَ ڳل پاءِ،
    پاڻ وڃي پرچاءِ متان رٺوئي رهجيو وڃي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه چاچا ڪريم صاحب، اوهان ته چئو ٿا رسان به پاڻ پرچان به پاڻ، پر عبدالله السندي پرچي به ڪونه ٿو
     
  20. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اها ته ان جي مرضي آهي سائين اسان ته پنهنجي دل جو حال اوري ڇڏيو .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو