• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سماج سُڌار جو واحد حل لازمي ۽ مُفت تعليم ايمرجنسي نافذ ڪري ۽ موالي ازم جو خاتمون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
WE NEED TOTALLY FREE DRUG ADDICT SINDHI SOCIETY THE ONLY ONE WAY OF SINDH SURVIVAL
10383486_10203773371515570_1968105266681667908_n.jpg

سنڌي گهُرن ٿا گهڻي ۾ گهڻي بجٽ 2014 کان 2015 سالانا بجٽ ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪُٽنب جي لازمي تعليم سا به ايمرجنسي نافذ ڪري مُفت ڪتابن ۽ ٻين وسيلن، ٽرانسپورٽ ۽ اسڪالرس سان. پرائمريءَ کان پروفيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ۽ هر سنڌ جي يونيئن ڪائنسل جي رهواسين لاءِ برابريءَ جا حق نوڪري ۽ پروفيشنل تعليم لاءِ. سنڌ سماج بچايو علم ڏئي ۽ موالي ازم ۽ نشائي ازم وچ ۾ ڍال بڻجي. ڇو جو سنڌ دشمنن سنڌ جي وسائلن تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ ميرٽ ۽ غريب سنڌيءَ لاءِ نه صرف تعليم مهنگي ڪري کين مشڪل پُهچ وارو بڻايو آهي پر نشو ڪلچر وجهي کين ڪاهل، ڪُند ذهن ۽ سست، ڪم چور بڻايو آهي. باقي رهي سهي ڪسر ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي ڪلچر تحت، رٿي کين پڙهيل لکيل جاهل بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڀلي حُجن ڊگري هولدر پر چاڻو نه هُجن پنهنجي پروفيشن جا ته نڪرو ٻاهر ڳوٺ ڳوٺ گهٽي گهٽي، بند ڪريو نشائين جا اوتارا ۽ موالين جا ٺهيل اڏا بُرگن، درويشن ۽ ولي الله جي مزارن ڀرسان ته سنڌ سماج سُڌاري سگهجي.
 
منهنجي مرشد امير طريقت پير شريعت خادم انبياءِ حضرت خادم حسين سرهيو عطاري دائم ظله صاحب جن پنهنجي جوانيءَ ۾ هڪ تحريڪ جو بنياد وڌو هو، ته سنڌ ۾ گوڏ ڇوڙ تحريڪ هلائي وڃي، سنڌي ماڻهو کان زوري گوڏ لهرائي کيس جين جي پينٽ پهرائي وڃي، تاڪ سنڌي ماڻهو جو ذهن تبديل ٿئي، مدرسه ۽ مئخانه هڪ ئي ڪيٽگري ۾ آڻي انهن جي جاءِ تي انگريزي تعليم جا ادارا قائم ڪيا وڃن. مانواري سائين قبلي کي موٽ سٺي نه ملي. آنجهاني ڪيلاش ۽ آنجهاني گهنشام داس ان تحريڪ تي عملي ڪم ڪري به ڏيکاريو، ڪئي ماڻهن جون گوڏ مان جند آجي ڪرائي ۽ پينٽ شرٽ اوڍرائي. يقين ڪيو ته انهن جي سوچن ۾ تبديلي اچي وئي انهن دوستن مان ٻه دوست ته اهڙا آهن جيڪي اڄ به ڪئناڊا ۽ امريڪا ۾ گرين ڪارڊ جا مالڪ آهن، ۽ پنهنجن پونيئرن جي سٺي مدد ڪري رهيا آهن.
گوڏ ڇوڙ تحريڪ جي ناڪامي جا سبب، انهن ڏينهن ۾ شاگرد سياست اوج تي هئي انهن سڀني پارٽين ۽ ڌڙن جي مخالفت ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي هلچل ڪري هي تحريڪ دم ٽوڙي وئي.
 
Back
Top