الطاف گرفتار ته ٿيو آهي ۽ دوست خوش به ٿيا آهن پر ان جي گرفتار ٿيڻ سان ظاهري طور تي ته عوام کي نقصان ئي پهتو آهي ، گرفتار لنڊن ۾ ٿيو آ ۽ باه وري سنڌ ۾ ٻري آ ، عجب ڳاله آ ، ڪو گهران نٿو نڪري سگهي .
جڏهن ڪو قومپرست شهيد ٿيندو آ ته اردو ميڊيا جي ڪن تي جون به نه چرندي آ پر سائين هينئر ان اردو ميڊيا جو هان ٿو ڏري رڳو ڀائي ڀائي لڳي پئي اٿن...
ڪالهه مون پنهنجي ڌرتي جي من مهڻي شهر ڪراچي ۾ ڌارين کي سر عام ڏنڊا کڻي روڊن تي باهيون ڏيندي ڏٺو، شاهراه فيصل تي مان جنهن صورتحال کي اکين سان ڏٺو سوچيم ته هي ڌرتي اسان جي پنهنجي ڌيرتي تي بي يار و مددگار رلندا رهيا سين انهن جي رحم ۽ ڪرم تي هيا سين ، شاهراه فيصل تان ٺٽي طرف ويندڙ گاڏين ۾ پيهه سبب ٻڍڙن ۽ ٻارڙن کي پاڻي ڦڙي لا تڙپندو ڏٺم پر ڪري به ڇا ٿي سگهيم، رستا بند، پمپ بند ڪٿي ڪو پاڻي جو ڦڙو ڪون گرمي ، گاڏين جي گرمائش سبب ساهه ٿي نڪتو، الله پاڪ غرق ڪري انهن کي جو ههڙو ممڻ مچايو اٿن، سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي ۾ لڳو پيو هيو ته ڪٿان ڪا ڪنڊ ملي ته نڪرجي، پيٽرول ختم ٿي ويا، پو همٿ ڪري واپسي واري روڊ تي موٽر سائيڪل کي موڙي پوئي نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ ڪامياب ٿي ويم ڪارساز کان ڊالميا واري روڊ کان جوهر پهتس.. پر گهر تائين شاهراه فيصل تي ڦاٿل ماڻهن بابت سوچيندو رهيم ۽ انهن لا خير عافيت جو دعائون گهرندو رهيم...
ڪوشش ڪبي ته هن موضوع کي وڌيڪ زنده رکجي ۽ جيڪا ڊويلپمينٽ ٿي رهي آهي ان بابت سنڌين کي آگاهه ڪجي..
“الطاف حسين کي خبر پئجي وئي هتي ته حالات مشڪل ٿيندا پيا وڃن... الطاف حسين انگلينڊ مان نڪرڻ پئي چاهيو... ان لاءِ پاڪستاني پاسپورٽ جو مطالبو ڪري رهيو هيو... پر ائين ٿي نه سگهيو... برطانيه ۾ ته ماڻهون قانون جي پڪڙ ۾ اچي ويندا آهن... پاڪستان ۾ قتل به ڪري ڇڏجي ته پڪڙڻ وارو ڪو ناهي...: ڪاشف عباسي..
الطاف لاءِ دنيا جي سموري نيشنلٽي هڪ طرف پاڪستاني نيشنلٽي ٻئي طرف آهي... : طلعت حسين
آخرڪار هتان جي 90 سيڪڙو عوام جي خواهشن برخلاف ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ... توڙي جو اها خبر گهڻن کي نه وڻي هوندي ايسيتائين جو ڪي ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس جي هن ڪاروائي کي به پاڪستاني روايتي ڊرامن وانگر سمجهندي هوندي پر ڳالهه اڃان ختم ناهي ٿي.... اسڪاٽ لينڊ يارڊ الطاف کي جولائي ۾ ٻيهر گهرائي ورتو آهي...
الطاف جي آزاد ٿيڻ تي گهڻا ماڻهون ڀلي خوش نه ٿين پر سندس ڪارڪن مسرتن ۾ جهومندا رهيا... آزادي کان پوءِ الطاف ڪارڪنن کي خطاب ۽ مبارڪون ڏنيون.. الطاف جو چوڻ هو ته هو ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ وارو ناهي... ان جو مقابلو اڄ جي يزيدن سان آهي... هُو غريب، محروم ۽ پيسجندڙ طبقي لاءِ آواز اٿاريندو رهندو... وڌيڪ تفصيل لاءِ وڊيو حاضر آهي..