• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خدمت جو آن لائين ميڊيا ايوارڊ 2014

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
10450455_10203812176925681_4843964397281220480_n.jpg

ڪي ٽي اين جي ڊائريڪٽر مرحوم امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾ هر سال جيان هن سال (2014) ۾ به (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر(نيوسعيدآباد) ۽ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ملي جُلي پنهنجو ٽيون 2014 .ايوارڊ ڊسٽريبيوشن سيرمينيءَ جو احتمام ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي هر شعبي جي ڪارگرديءَ کي مد نظر رکندي سنڌ جي فنڪارن ۾ آن لائين ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويندا. ته جيوريءَ جي فيصلي موجب، سال 2014 جو خدمت ايوارڊ ڏنو ويو آهي :

ته هن سال 2014 جو سنڌي خدمت ايوارڊ، وڃي ٿو (ڪاوش ٽيليويزن نيٽورڪ) عرف (ڪي.ٽي.اين) کي جنهن پنهنجون طويل ترين خدمتون ڏئي نه صرف سنڌ سماج کي تُرت خبرن کان باخبر رکيو پر سنڌي ثقافت تي ڏهاڙا ملهائڻ جو بُنياد رکي سنڌي قوم کي يڪتا ڪيو. سنڌي سِٽلائيٽ جو گهڻي ۾ گهڻي ويئُرشپ رکڻ، بهترين اداڪار، گُلوڪار، ٽيڪنيڪل شعبي سان تعلق رکندڙ ڪئمرا مين، ايڊيتر، ڊائريڪٽر پئدا ڪري سنڌي ميڊيا جي اڻ وسرندڙ خدمت ڪئي. جي هن کي سنڌي قوم جو نيشنل ٽي وي چينل چئجي ته مغالطو نه ٿيندو، هي مڙني سنڌي چينلن جو ابو يا اما جو رول ڪري ٿو جنهن جي ترغيب تي ٻين سنڌي چئنلن جو وُجود پيو ۽ هر سنڌي چينل تي ڪم ڪندڙ ڪِرُو تقريبن هن چئنل جي سکيا جو ڪارڻ آهي ۽ هي واحد سنڌي چينل آهي جيڪو پنهنجي ڪوالٽي ، بهترين ايڊمنسٽريشن، مئنيجمينٽ ۽ ڪنٽرول قائم ڪندو اچي. سندس هن سموري خدمتن ڪري کيس ايوارڊ ڏيڻ خود اسان لاءِ ايوارڊ آهي.

جيئن ئي (ساليوُوڊ آڊيٽوريم) نيو سعيدآباد سنڌ ۾ وقفي وقفي ۽ ساهيءَ سان ويهي ،مُتفق ٿي پوءِ سنڌي فنڪارن ، خدمتگارن جا نالا انائونس ڪندي آهي جن کي پوءِ سگهوئي هن فيس بوڪ وسيلي آن لائين ايوارڊ ڏنا ويندا آهن. ان ڪري انتظاميا دير سان انائنسمينٽ ڪرڻ تي معافيءَ جي طلبگار آهي. ايوارڊ يافتا فنڪارن ۽ ٽيلنٽس کي گُذارش آهي ته هي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، فيس بوڪ تان ئي ڪاپي ڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ميموري ڪارڊ ۾ سيو ڪريو ۽ پوءِ وڻي ته رڪارڊ لاءِ ڪلر پرنٽ ڪرائي فريم ڪري رکي سگهن ٿا.
 
10394469_10203820142244809_3817136312508600433_n.jpg

In Remembrance of KTN Director Imdad Shah Rashdi (Late); Sollywood Production, Publication Research Center (New Saidabad) & Sindhi Artists Welfare Association (SAWA) has jointly announced their 3rd ON-LINE Award (2014) Ceremony from Sollywood auditorium New Saidabad Sindh.

The All in One, The Best Professional Director, Camera man, Producer, Commercial Maker (Sindhi / Urdu Media) Award-2014 Goes to Mr. ALI AKBAR PATHAN. He had Various Good Story Sindhi Drama serials, Soaps on his record, He is un biased Director, works as Team Leader & Creates Family Atmosphere when record a Play, he is one having simultaneous attitude with All Artist and crew on Set.

ڪي ٽي اين جي ڊائريڪٽر مرحوم امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾ هر سال جيان هن سال (2014) ۾ به (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر(نيوسعيدآباد) ۽ سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ملي جُلي پنهنجو ٽيون 2014 .ايوارڊ ڊسٽريبيوشن سيرمينيءَ جو احتمام ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي هر شعبي جي ڪارگرديءَ کي مد نظر رکندي سنڌ جي فنڪارن ۾ آن لائين ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويندا. ته جيوريءَ جي فيصلي موجب، سال 2014 جو خدمت ايوارڊ ڏنو ويو آهي :

ته سال 2014 جو ايوارڊ وڃي ٿو مُحترم (علي اڪبر پٺاڻ ) ڏي جيڪو هڪ پروفيشنل سنڌي اُڙدو ميڊيا جو، هڪ ڪمرشيل ۽ اينٽرٽينمينٽ ڊائريڪٽر، ڪئمرا مين، پروڊيوسر هُئڻ سان گڏ هڪ مُڪمل محبتون ميڙيندڙ بهترين انسان، ٽيم ليڊر آهي ۽ پنهنجي سيٽ تي ڊراما رڪارڊ ڪرڻ وقت هڪ فيملي ماحول جوڙيو اچي ۽ هر فنڪار، .
ريو يا ٽيڪنيڪل ٽيم کي يڪسان اسٽيٽس سان ڊيل ڪري ٿو.

جيئن ئي (ساليوُوڊ آڊيٽوريم) نيو سعيدآباد سنڌ ۾ وقفي وقفي ۽ ساهيءَ سان ويهي ،مُتفق ٿي پوءِ سنڌي فنڪارن ، خدمتگارن جا نالا انائونس ڪندي آهي جن کي پوءِ سگهوئي هن فيس بوڪ وسيلي آن لائين ايوارڊ ڏنا ويندا آهن. ان ڪري انتظاميا دير سان انائنسمينٽ ڪرڻ تي معافيءَ جي طلبگار آهي. ايوارڊ يافتا فنڪارن ۽ ٽيلنٽس کي گُذارش آهي ته هي ايوارڊ سرٽيفڪيٽ، فيس بوڪ تان ئي ڪاپي ڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ميموري ڪارڊ ۾ سيو ڪريو ۽ پوءِ وڻي ته رڪارڊ لاءِ ڪلر پرنٽ ڪرائي فريم ڪري رکي سگهن ٿا.
 
10443311_10203820240247259_9114542836480812597_n.jpg

ته سال 2014 جو ايوارڊ وڃي ٿو بهترين سنڌي ڊراما اسڪرپٽ رائيٽر (فرهاد علي قائم خانيءَ) ڏي. سنڌي ميڊيا تي منفرد مذاحيه، سنجيده، فيملي ڊراما جن کي تقريبن سنڌي ميڊيا جي هر سينيئر ڊائريڪٽر رڪارڊ ڪري فخر محسوس ڪري ٿو ۽ ۽ هر سينيئر ۽ ڪريڪٽر ايڪٽر پرفارم ڪري.
 
Back
Top