نثارابڙو
نائب منتظم
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هِڪُ بزرگ پنهنجن ڪجهه پوئلڳن ساڻ ڪنهن پاسي سفر ٿي ڪيو، واٽ تي ڊاٻي خاطر وڻن جو ڇانورو ڏسي ويهي رهيا، پريان هڪ تلاءُ پڻ هو، ٿوري دير کانپوءِ بزرگ پنهنجي هڪ پوئلڳ کي چيو ته هو وڃي پيئڻ لئه تلاءَ مان پاڻي ڀري اچي ...
پوئلڳ اٿي ٿانءُ کڻي ويو پاڻي ڀرڻ پر جيئن ئي تلاءَ تي پهتو ته جانورن جو هڪ ڌڻ اچي ان تلاءَ ۾ گهريو ۽ پاڻي لڙياٺو ڪري ڇڏيائون، پوئلڳ سوچيو ته هاڻ پاڻي ڀرڻ مناسب ناهي جو پاڻي گهڻو ميرو ٿي چڪو هو، انڪري هو موٽي آيو ۽ بزرگ کي ٻڌايائين ته جانورن جي گهڙڻ سبب پاڻي گدلو ٿي ويو آهي ... ٿوري دير کانپوءِ ڀري ايندس ...
ٿوري دير گذري ته بزرگ پنهنجي پوئلڳ کي پاڻي ڀري اچڻ لئه چيو ... پوئلڳ ويو تلاءَ ڏانهن، پر وري موٽي آيو ۽ چيائين ته پاڻي اڃان صاف ناهي ٿيو ... ٿوري دير کانپوءِ وڃي ڀري ايندو ...
اڃان ڪجهه دير گذرڻ کانپوءِ بزرگ پنهنجي پوئلڳ کي پاڻي ڀري اچڻ جي يادگيري ڪرائي، پوئلڳ ويو تلاءَ ڏانهن ۽ ڏٺائين ته هاڻ پاڻي صاف آهي ۽ پيئڻ جي قابل آهي، سو پاڻي ڀري اچي بزرگ کي ٻڌايائين ته هو پاڻي ڀري آيو آهي ...
بزرگ ٿوري سوچ کانپوءِ پنهنجن پوئلڳن کي چيو ته هن تلاءَ واري پاڻي جي گدلي ٿيڻ ۽ صاف ٿيڻ ۾ اسان لئه هڪ سبق آهي ... ڪوئي ٻڌائيندو ته ڇا؟
سڀني چيو ته اوهان بهتر ڄاڻو ٿا ... اوهين ٻڌايو؛
بزرگ فرمايو؛ انسان جي دل ۽ دماغ پڻ ان تلاءَ جي پاڻيءَ جيئان آهي جنهن ۾ ڪاوڙ جي اچڻ سان ايتري ته گدلاڻ اڀري ايندي آهي جو انسان جو پورو وجود گندگيءَ سان ڀرجي ويندو آهي ۽ پوءِ هو ان سماج جي ڪنهن به ڪم جو نه رهندو آهي ۽ ابتڙ هاڃيڪار ٿي پوندو آهي ... انڪري اوهانجي دل ۽ دماغ ۾ جڏهن به ڪاوڙ يا غصي جا آثار نمايان ٿين ته اوهين سماج ۽ ماڻهن کان پري ٿي ويندا ڪريو ۽ دل ۽ دماغ جي ٿڌي ٿيڻ جو انتظار ڪندا ڪريو ۽ پڪ سان ڪجهه وقت اندر اوهانجو دماغ ٿڌو ٿي ويندو ۽ اوهانجي ڪاوڙ ختم ٿيندي جنهن کانپوءِ اوهين معاملن کي صحيح رخ ۾ ڏسي سگهندا ۽ حل ڪري سگهندا ....