هڪ بزرگ جي نصيحت؛

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ بزرگ جي نصيحت؛
    [​IMG]
    پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هِڪُ بزرگ پنهنجن ڪجهه پوئلڳن ساڻ ڪنهن پاسي سفر ٿي ڪيو، واٽ تي ڊاٻي خاطر وڻن جو ڇانورو ڏسي ويهي رهيا، پريان هڪ تلاءُ پڻ هو، ٿوري دير کانپوءِ بزرگ پنهنجي هڪ پوئلڳ کي چيو ته هو وڃي پيئڻ لئه تلاءَ مان پاڻي ڀري اچي ...

    پوئلڳ اٿي ٿانءُ کڻي ويو پاڻي ڀرڻ پر جيئن ئي تلاءَ تي پهتو ته جانورن جو هڪ ڌڻ اچي ان تلاءَ ۾ گهريو ۽ پاڻي لڙياٺو ڪري ڇڏيائون، پوئلڳ سوچيو ته هاڻ پاڻي ڀرڻ مناسب ناهي جو پاڻي گهڻو ميرو ٿي چڪو هو، انڪري هو موٽي آيو ۽ بزرگ کي ٻڌايائين ته جانورن جي گهڙڻ سبب پاڻي گدلو ٿي ويو آهي ... ٿوري دير کانپوءِ ڀري ايندس ...

    ٿوري دير گذري ته بزرگ پنهنجي پوئلڳ کي پاڻي ڀري اچڻ لئه چيو ... پوئلڳ ويو تلاءَ ڏانهن، پر وري موٽي آيو ۽ چيائين ته پاڻي اڃان صاف ناهي ٿيو ... ٿوري دير کانپوءِ وڃي ڀري ايندو ...

    اڃان ڪجهه دير گذرڻ کانپوءِ بزرگ پنهنجي پوئلڳ کي پاڻي ڀري اچڻ جي يادگيري ڪرائي، پوئلڳ ويو تلاءَ ڏانهن ۽ ڏٺائين ته هاڻ پاڻي صاف آهي ۽ پيئڻ جي قابل آهي، سو پاڻي ڀري اچي بزرگ کي ٻڌايائين ته هو پاڻي ڀري آيو آهي ...

    بزرگ ٿوري سوچ کانپوءِ پنهنجن پوئلڳن کي چيو ته هن تلاءَ واري پاڻي جي گدلي ٿيڻ ۽ صاف ٿيڻ ۾ اسان لئه هڪ سبق آهي ... ڪوئي ٻڌائيندو ته ڇا؟

    سڀني چيو ته اوهان بهتر ڄاڻو ٿا ... اوهين ٻڌايو؛

    بزرگ فرمايو؛ انسان جي دل ۽ دماغ پڻ ان تلاءَ جي پاڻيءَ جيئان آهي جنهن ۾ ڪاوڙ جي اچڻ سان ايتري ته گدلاڻ اڀري ايندي آهي جو انسان جو پورو وجود گندگيءَ سان ڀرجي ويندو آهي ۽ پوءِ هو ان سماج جي ڪنهن به ڪم جو نه رهندو آهي ۽ ابتڙ هاڃيڪار ٿي پوندو آهي ... انڪري اوهانجي دل ۽ دماغ ۾ جڏهن به ڪاوڙ يا غصي جا آثار نمايان ٿين ته اوهين سماج ۽ ماڻهن کان پري ٿي ويندا ڪريو ۽ دل ۽ دماغ جي ٿڌي ٿيڻ جو انتظار ڪندا ڪريو ۽ پڪ سان ڪجهه وقت اندر اوهانجو دماغ ٿڌو ٿي ويندو ۽ اوهانجي ڪاوڙ ختم ٿيندي جنهن کانپوءِ اوهين معاملن کي صحيح رخ ۾ ڏسي سگهندا ۽ حل ڪري سگهندا ....
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هڪ بزرگ جي نصيحت؛

    بيشڪ سائين وڏو سبق آهي هن ننڍي قصي ۾۔۔۔ الله پاڪ اسان کي ڪاوڙ جي موذي مرض کان محفوظ رکي۔۔۔ ۽ دل و دماغ کي پريشر کان بچائي۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ بزرگ جي نصيحت؛

    جي مٺڙا مست سائين، ڪاوڙ جيتوڻيڪ حرام آهي پر کائڻ حلال آهي ۔۔۔ ڪاوڙ جي حالت ۾ انسان، انسانيت کان نڪري حيوان جي شڪل اختيار ڪندو آهي ۔۔۔
    shal judy hujeen
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هڪ بزرگ جي نصيحت؛

    برابر سائين

    توهان درست آهيو
     
  5. فياض احمد عباسي

    فياض احمد عباسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مئي 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هڪ بزرگ جي نصيحت؛

    ڪاوڙ جي حالت ۾ انسان، انسانيت کان نڪري حيوان جي شڪل اختيار ڪندو آهي ۔

    ادا نثارابڙا صاحب بلڪل صحيح ٿا فرمايو مٿين عبارت ۾ پر يار انسان حيوان جي شڪل اختيار نه ڪندو آهي ليڪن ڪاوڙ ۾ انسان حيوانن جهڙا ڪم مطلب ته عقل کان وانجهايل حرڪتون ضرور ڪندو آهي
    ادا جي مان صحيح پيو چوان ٺيڪ جي نه ته پوء منهنجو به اِهوئي حشر جيڪو هن ويچاري يار جوasul matt
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ بزرگ جي نصيحت؛

    ادا سائين اوهان به صحيح آهيو انسان شڪل ڪونه مٽائيندو آهي پر ان شڪل ۾ عمل حيوان يا شيطان وارا ڪندو آهي ۔۔۔ پر جيئن ته عام لغت ۾ چئبو ته ”تون ته ڪو حيوان آهي“ مطلب اهو ناهي هوندو ته همراهه جي شڪل بدلي وئي آهي پر سندس عمل اهڙا هوندا آهن،

    يا وري ڪو ماڻهون ڪنهنکي ائين چئي ته ” ڪتا “ مطلب اهو ناهي هوندو ته ڪو هو ڪتي جي شڪل وٺندو آهي پر سندس عمل ڪتي وارا هوندا آهن ۔۔۔ مٿي منهنجو مطلب به ساڳيو آهي ۔۔۔ اوهانجي مهرباني جو ڪن مهٽ ڪري هوشياري وٺرائي اٿوَ ۔۔۔
    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو