Sindhi Media
سينيئر رڪن
پنهنجي اڇن وارن کي قدرتي طريقي سان ڪارو ڪريو ۽ ڪيميڪل ڊيميجز کان بچايو
اڌيڙي عمر ۾ جسم ۾ (وٽامن اِي) جي گهٽتائي ڪري ڪارن وارن جو پروسيس اڇن وارن جي پروسيس ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. پوءِ وڌندڙ عمر شخصيت سميعت هر شخص جي اندوني نفسياتي خواهش هوندي آهي هر وقت پنهنجا خوبصورت ڪارا وارا ڪرڻ ۽ پو هو انهن کي ڊائي ڪرڻ لا هو بازار مان مختلف ڪيميڪل پوڊر يا لِڪُئڊ يا ڪريم آڻي وارن کي رنگي ڪارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اهو ڪيميڪل عمل ويتر سندس ڪارن وارن کي به اڇو ڪري ڇڏيندو آهي.
اچو ته اسان توهان کي وارن کي ڪارو ڪرڻ ۽ انهن ڪيميڪل عملن کان بچائڻ لا قدرتي ڪارو ڪرڻ جو طريقو ٻُڌايون جيڪو اسانجي روزمره استعمال ۾ به آهي.
توهان کي صرف ٽن شين کي استعمال ڪرڻو آهي
1. ليمون جو رس
2. آملا پائوڊر (بازار مان يا پنساري کان آرام سان ملي وڃي ٿو)
3. سادو پاڻي.
ٺاهڻ جي ترڪيب هن ريت آهي:
1 . چار چمچا آملا جو پائوڊر کڻو.
2. هن ۾ هڪ چمچو ليمي جو رس ملايو.
3. پو هن ۾ ٻه چمچا پاڻي جا ملايو.
4. چڱي طرح مڪس ڪري ان جي پيسٽ ٺاهيو.
5. ان پيسٽ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ تائين پاسي ڪري رکو ته عمل مڪمل ٿي وڃي.
6. ڪلاڪ تائين رکيل اها پيسٽ چڱي طرح پنهنجي وارن ۾ هڻو جتي جتي اڇا وار هُجن.
7. ان وارن ۾ ٿڦيل پيسٽ کي هاڻ گهٽ ۾ گهٽ 20 يا 25 منٽ سڪڻ لا ڇڏيو ته جيئن اها آهستي آهستي وهي توهانجي وارن جي پاڙ وڃي وٺي.
8. آخر ۾ پنهنجي 20 يا 25 منٽ پيسٽ لڳل وارن کي صرف سادي پاڻي سان کنگهالي ڌوئي صاف ڪريو.
تنبيهه :
1. ڪوشش ڪريو ته وارن کي صاف ڪرڻ وقت ڪو صابڻ يا شيمپو استعمال نه ڪرڻ گهرجي.
2. وار ڌوئڻ وقت خيال ڪريو ته اکيون کُليل نه هُجن ۽ اهو پاڻي اکين ۾ نه پئجي سگهي.
3. هن پيسٽ کي هر 4 ڏينهن کان پو استعمال ڪندا رهو.
عمل مڪمل:
اهو عمل جسم ۾ گهٽ موجود (وٽامن اِي) کي بُوسٽ ڪندو ۽ ڪُجهه مهنن جي عمل ڪرڻ کان پو توهان ڏسندا ته توهان جا وارا منهنجي وارن جيان مُڪمل ڪارا ٿي ويندا. ۽ ها جنهن ڏينهن توهان اها گهر ۾ ٺاهيل وارن کي قدرتي ڪارو ڪرڻ جي پيسٽ استعمال نه ڪري رهيا هُجو ته پنهنجي وارن ۾ صابڻ يا شيمپو هڻي سگهو ٿا. بهتر ٿيندو ته ڪو هربل شيمپو استعمال ڪندا ۽ پنهنجي وارن کي ڪنهن سرهن جي تيل جي مالش به ڪريو ته وار جلد وڏا ۽ گهاٽا ٿي پوندا.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: