ٻين کي ته ڇا پاڻ کي به حيرت ٿيندي اٿم ته بظاهر صفا ويجها يار (آهيون به صفا ويجها) پر گورڌن ولاسائي سان اڄ تائين منهنجيون رُڳو ٻه مُلاقاتون آهن. سو به هڪ اتفاقي طور حيدرآباد ۾ هُنڊا پيليس لڳ هوٽل تي سج لٿي مهل جڏهن هڪ ٻي جو منهن به نظر نٿي آيو. بس چانهه جي ڪم تي هڪ سرد شام جا 15 منٽ هڪ ٻي کي ڏيئي اُٿياسين جو هو ٿڪل هو ۽ آئون تڪڙو هوس. ٻيو دفعو تازو تُرڪي جي گادي واري هنڌ انقره ۾ سڄو ڏينهن گهُمندي ڦِرندي گڏ گُذاريوسين. پر گُذريل چار سالن ۾ شايد ئي ڪو ڏينهن (هفتو ته قطعي نه) هوندو جو اسان جو فيس بُڪ يا فون تي رابطو نه ٿيو هُجي. تنهنڪري ئي چوندو آهيان ته سماجي رابطن جي ويب سائٽس اسان کي ڪمپيوٽر ۽ موبائل ۾ اکيون هڻڻ ۽ آسپاس کان بي خبر ضرور ڪيو آهي پر پيارن سان هر پل رابطي جو تُحفو به اهڙو ڏنو آهي جو املهه ٿو لڳي. گورڌن ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ فاصلو ڪو 35 ڪلوميٽر مس آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽي ۾ به ڪي وٿيون ناهن. پر پوءِ به اسان جي پهرين ملاقات فيس بُڪ تي ٿي. جڏهن هي منهنجي فرينڊ لسٽ ۾ به نه هو پر هن جو هڪ مائٽ مُڪيش منهنجو شاگرد رهي چُڪو هو جنهن جي وال تان هن جي ٿر جي فوٽو گرافي تي نظر پئي. اهو البم جنهن مون کي ايترو مُتاثر ڪيو جو رهي نه سگهيس ۽ فورن ساڻس رابطو ڪيم ۽ ڪا دير فوٽو ڇڏي انٽر کان پوءِ مُنجهي بيهه رهندڙ شاگردن جي مسئلن تي ڳالهائيندا رهيا هُئاسين. گورڌن جي فوٽو گرافي جو اُن ڏينهن کان شيدائي آهيان ۽ اڪثر اهو البم به ورائي ورائي پيو ڏسندو آهيان جنهن ۾ هُن ٿر جا فوٽو ڪڍيا هُئا. پوءِ سندس سنگاپور ۽ ملائيشيا ٽوئر جا فوٽو ۽ وري حيدرآباد جا فوٽو . . . . . . هاڻي انقره ۾ مُلاقات ٿي ته ڪُجهه گُر به سِکيم پر هڪ ڏينهن ۾ گورڌن سان ڪچهري، تاريخي مُلڪ جو گادي جو هنڌ گهُمڻ ۽ فوٽو گرافي سِکڻ . . . .ڪول ملائي ڪُجهه به نه ٿيو همراهه هاڻ شؤق کي جنون ۾ بدلجندو ڏسي وڏي ”فوڪس“ واري وڏي ڪئميرا ورتي آهي جنهن سان شاندار فوٽوگرافي جاري آهي. هن جو اڪ جي ماکي جو ڪڍيل فوٽو بابت به اڳ لکيو هُئم . . .
فوڪس لفظ کي ايپاسٽرافي ڏئي، دل کٽي ورتي اٿئي........ ڪيمرا کي اٿلائڻ پُٿلائڻ شروع ڪيو اٿم. واهه جا رنگ ٿي ڏي، نوان نوان......
ڳالهه صرف وڏي فوڪس واري ڪيمرا جي ناهي ..... پر ڪمال اهو آهي ته اوهان تصويرن کي وقتائتو پنهنجي ڪيمرا ۾ قيد ڪندي اهڙا ته سين ڪلڪ ڪيو جيڪي ٻين کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ۽ ڏسندڙ ان طرف متوجهه ٿئي ....... ۽ اهو فن ۽ هنر گورڌن وٽ آهي. سندس اهو شوق سندس فيسبوڪ تي شيئر ٿيندڙ تصويرن مان اڳ ئي لڳائي چڪو آهيان ۽ اتفاق اهو آهي ته منهنجي گورڌن سان اڃان تائين ڪا ملاقات به ناهي ....
حفيظ جڏهن گورڌن جي ٿر بابت فوٽوگرافي جي ڳالهه ڪئي ته لنڪ تي ڪلڪ ڪندو روانو ٿيس... 404 ايرر ڏسي البم بٽڻ تي ڪلڪ درست لنڪ کولي ورتم پر ان کان اڳ ئي ٻين البمز تي به نظر پئي.. گورڌن جي البمز ۾ تصويرن جو جهجهو تعداد نظر آيو... ٿر جي فوٽوگرافي واقعي به متاثر ڪيو... هوئن ته فوٽو گرافي جو شوقين منهنجو دوست علي علي به خاصو آهي پر سندس فوٽوگرافي ۾ اهو فوٽو ڪنهن به ڪم جو ناهي جنهن ۾ هو پاڻ موجود ناهي.. پر مان وري ان جي ابتڙ سمجهان... جنهن فوٽو ۾ پاڻ آهي اهو ڪنهن ڪم جو ناهي... خير ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فوٽو به نظر مان گذرندا آهن جن ۾ هڪ تصوير اندر خاص آبجيڪٽ کي اهڙي طرح فوڪس ڪيو ويندو آهي جو باقي تصوير ڌنڌلي نظر اچي... بلڪل عام انسان جي اک جي نظاري وانگر... ڇا اهو ڪيمرا جو ڪمال هوندو آهي يا فوٽوگرافر جو...؟ ڪوشش ته پاڻ به چڱي ڪندا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ فوٽو ڪڍڻ وقت اسٽائيل به چائنيز ماڻهن وانگي هوندا آهن پر پنهنجا فوٽو ڪڏهن اهڙ نڪتا نه ئي وري ڏيکارڻ جهڙا ... ڇا بهتر فوٽو ڪڍڻ لاءِ بهتر ڪيمرا هجڻ سان گڏو گڏ فوٽو ڪڍڻ جو بهتر طريقو به هجڻ گهرجي...؟
ها يار، اهي ٻئي ڦوٽو مون کي پاڻ کي به ڏاڍا وڻندا آهن. پهريون ڦوٽو شام ويل ٿڪيل جسم ۽ سُتل دماغ جي نوابشاهه کان حيدرآباد سفر دوران ورتل آهي. ٻي تصوير مٺي جي سرد شام آهي......
مون کي گهر وارا چوندا آهن ته جن تصويرن ۾ آئون نه هوندو آهيان اهي تصويرون سُٺيون هونديون آهن، باقي جن ۾ آئون هوندو آهيان اها تصوير سُٺي نه هوندي آهي. اها تعريف به ٿي وئي ته تعدي به. اُن وقت جا جذبات ۽ احساسات ٻُڙي هوندا آهن......
مٿي ڏنل تصويرون ڏِسي مون کي به شوق ٿيو ته تصويرون اوهان سان ونڊ ڪريان. هي تصويرون هڪ سال پراڻيون آهن ۽ پروفيشنل ڪئمرا بجا موبائل فون تي ورتل آهن. اسان جي ڳوٺ ڀرسان ڪڻڪ جو فصل گرلز اسڪول جي ٺهندڙ نئين عمارت جي ڀرسان برسينگ (گاهه جو قسم) سهڻو پيو لڳي ڳوٺ ڀرسان نم جا وڻ پهرين ته تمام گهڻا هئا پر هاڻي واپارين جي وَر چڙهي ويا آهن . ڪمند جو تازو پوکيل فصل جنهن ۾ هٿرادو ڀاڻ ڇٽيل آهي. ڳوٺ جي ڀرسان خوبصورت منظر اسان جي پاڙي واري مسجد جيڪا هاڻ مڪمل تعمير ٿي چڪي آهي. جنوري 2013 ۾ ڪڻڪ جي فصل ۾ ڳوٺ ڀرسان انبن جي باغ جو هڪ دلڪش منظر ڳوٺ ڀرسان هڪ خوبصورت تصوير . (ڳوٺ جي پريان نظر ايندڙ دونهون ، ڪمند جي پَٽي ساڙڻ کان پو ٿيو) نج ٻهراڙي ۾ اسان جو ڳوٺ برسينگ ۽ سرنهن جو فصل ٽنڊوآدم . جهول روڊ تي هڪ خوبصورت منظر ٽنڊوآدم ويجهو فقير منٺار رح جي مدرسي جو پري کان ورتل ڦوٽو. اسان جي ڳوٺ ۾ منهنجي گهر جي مين گيٽ وٽان ورتل هڪ خوبصورت منظر ٽنڊو آدم جهول روڊ تي هڪ ”باغ واري مسجد“ جو ورتل ڦوٽو.
توهان جو هي جملو مون کي هاڻي سوال طور نظر آيو آهي! خير ڪڏهن ڪڏهن اهڙا فوٽو به نظر مان گذرندا آهن جن ۾ هڪ تصوير اندر خاص آبجيڪٽ کي اهڙي طرح فوڪس ڪيو ويندو آهي جو باقي تصوير ڌنڌلي نظر اچي... بلڪل عام انسان جي اک جي نظاري وانگر... ڇا اهو ڪيمرا جو ڪمال هوندو آهي يا فوٽوگرافر جو...؟ جواب اهو آهي ته ڪيمرا ۽ ڦوٽو ڇِڪيندڙ ٻنهي جو گڏيل ڪمال هوندو آهي.
ادا گورڌن ، ادا حفيظ سچ پيو چوي........... تصويرون ڏسي دل ڏاڍي خوش ٿي جيڪي فلڪرتي اپلوڊ ٿيل آھن اھي به......... واه واه ادا.........
ذيشان رشيد جو سوال اهم هُيو جنهن جو مُطمئن ڪندڙ جواب گورڌن ولاسائي طرفان آيو. آئون انقره ويس ته گورڌن کان فوٽو گرافي جي هڪ ئي ٽِپ سکيم. هن ٻُڌايو ته ڪئميرا ۾هلڪو زوم آڻيو. ان سان اوهان جي پسند جو آبجيڪٽ وڌيڪ چِٽو ٿيندو. جيڪو اڪثر ماڻهو جي مُنڍي ئي هُجي ٿو. پر جي نظارو به کپي ته پوءِ ايئن ئي ڪڍي سگهو ٿا. اهو ترابزون جي جبلن جي سير دؤران فائقه جا فوٽو ڪڍندي تجربو ڪيم. هڪ ئي هنڌ جا ٻه فوٽو ڏسو. هي تصويرون ڪڍندي مون ڪي به اهڙا اسٽائل نه هنيا جيڪي مٿي رشيد پنهنجي جواب ۾ ڏيکاريا آهن. بلڪ هڪ انچ به نه چُريس بس رُھو هڪ ۾ زوم ۽ ٻي ۾ بنا زوم جي. اها ئي شئي مون کي مريد روجهاڻي جي فوٽوز ۾ به نظر ايندي آهي جنهن جا فوٽو ڪافي سُٺا لڳن ٿا. هڪ ٻيو فوٽوگرافر مليو جيڪو آمريڪا جو آهي. ان ٻُڌايو ته اوهان فوٽو ڇڪڻ مهل اسڪرين کي چار حصن ۾ ورهايو. ماڻهو کي کاٻي يا ساڄي پاسي کان ٻي نمبر ۾ رکو. اها به سُٺي ٽِپ هُئي.
پر اسان واري ڪيمرائن ۾ خانا ته ٺهن ئي ڪونه ٿا .... تصورن ڪڍرائڻ مهل مرتضى ڏاڍو ياد ايندو آهي .... چوندو آهي ته يار تصوير ڪڍي وٺو اسان ساهه ئي ڪونه پيا کڻون ته متان تصوير خراب ٿي
ڦوٽو ڇڪڻ سان ساهه کڻڻ جو ڪو تعلق ڪونهي ڪو. بلڪي عام رواجي منظر دوران ڇڪيل ڦوٽو وڌيڪ سهڻا لڳن ٿا. مون کي چُرندڙ پرندڙ ماڻهن جا ڦوٽو وڌيڪ سُٺا پيا لڳن..... عبدالحفيظ لغاري چار خانن واري ڳالهه ڪم واري آهي. منهنجي ڦوٽن ۾ ڏسندين ته ماڻهو هميشه سائيڊ ۾ ئي هوندو.
ڦوٽو هميشه آبجيڪٽ جي بلڪل برابر اونچائي سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪجي. فائقه جي ٻئين ڦوٽو ۾ حفيظ کي ٿورو هيٺ جهُڪي ڦوٽو ڇڪڻ کپي ها......
مٺا ... ٽوٽڪو مليو .. معنا بهتر ڦوٽو گرافر ٿيڻ لاءِ مون واري ڏنل تصوير تحت ڊائمو ڏيڻو ئي پوندو... هوئن به توکي هن عمر ۾ شرمائڻ نه گهرجي... مان قيوم کي پارت ڪندس ته ڦوٽو ڪڍندي تنهنجو ڦوٽو بلڪل نه ڪڍي...
وڏا خدا جب حُسن ديتا هي نزاڪت آ هي جاتي هي. . . . . . گورڌن ولاسائي صحيح ٿو چوي. فوٽو ڪڍرائڻ مهل سيٽجي سُڪي بيهڻ کان ڀلو آهي ته بس ايئن ئي فوٽو ڪڍجن ته ڀلو. بخش مريد به اهو ئي چوندو آهي. ڪئيميرا ۾ خانا فعال ڪري سگهجن ٿا گرڊ جي آپشن سان. نه ته خيالي طور مٿان کان هيٺ اسڪرين کي چار ڪالم ۾ ورهايو.
عبدالحفيظ لغاري مون واري ڪيمرا جي اک ۾ 11 ٽٻڪا ٺهن ٿا، ڪتابچي ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن توهان جو سبجيڪٽ انهن 11 ٽٻڪن مان ڪنهن هڪ نظر اچڻ کپي. ڦوٽو پاڻهي ڀلو ٿيو وڃي.