گڏوگڏ ڦوٽو کي ڇِڪڻ کان پو ڪمپوٽر سافٽويئر ذريعي صاف ڪيو ويندو آهي، نه ته ڦوٽو مزو نه ڪندو. جيئن هيٺين ٻنهي تصويرن ۾ واضع آهي. پهرين تصوير سڌو ڪيمرا مان ڪاپي ڪيل آهي، ٻي تصوير ڪمپيوٽر سافٽويئر ذريعي صاف ڪئي وئي آهي.
سوين سافٽويئر آهن، آئون پهريان اي سي ڊي سي استعمال ڪندو هُئس. انهي سان تڪڙو ايڊيٽنگ ٿيندي آهي. ان سان گڏ گوگل وارن جو پڪاسا پڻ سُٺو آهي. آئون نئين ڪيمرا کان پو اي سي ڊي سي جو ايڊوانسڊ ڊيولپ آپشن استعمال ڪندو آهيان. گڏوگڏ ڪيمرا سان گڏ آيل ڪيپچر اين ايڪس 2 صفا آخري آهي پر شرط اهو آهي ته ڦوٽو انهن جي ڪيمرا را ڪوالٽي ۾ نڪتل هُجن. http://www.acdsee.com/ http://picasa.google.com/