Sindhi Media
سينيئر رڪن

آن لائين ساليُووڊ ايوارڊ جو سلسلو اڃا جاري رهندو ڇو جو! سنڌي سوشل ميڊيا جو وڏي ۾ وڏو نيوٽرل ۽ غير جانبدار فورم (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) سنڌ ديس جي ڪُنڊ ڪُڙچ مان انتهائي تيزيءَ سان پنهنجي لڪيل سنڌي ٽيلنٽ جي ڳولا ۾ آهي ته جيئن کين سالانا (امداد شاه راشدي ايوارڊ) ۾ مڃتا ڏئي سامهون آندو وڃي.
دوستو! جيئن ته توهانکي خبر آهي ته ٽيڪنالاجي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو هن دئور (سوشل ميڊيا) جي ميڊيم کي تمام اڳتي کڻي وڃي رهيو آهي ۽ هن وقت دُنيا جو ٻچو ٻچو انٽرنيٽ جي دُنيا ۾ داخل آهي جنهن (پبلشنگ)، (پرنٽنگ) ۽ بل آخر (اليڪٽرانڪ ميڊيا ) کي به مات ڏئي تمام پوئتي ڌڪيلي ڇڏيو آهي ۽ سبب اهو ته سوشل ميڊيا تي ڪا به سينسر شپ ڪانهين ته سوشل ميڊيا جا ميمبرس پاڻ تي خود اخلاقي پابنديون هڻي سينسر شپ لاڳو ڪري هلن ۽ اُميد ته اخلاقي حدون نه اورانگهيندا ۽ حدون اورانگهيندڙ درحقيقت هتي پنهنجو اندر ۽ اوقات ڏيکاريندڙ آهن ته در اصل هُنن جي جينس ڇا آهي . توهانکي پنهنجي ڊيٽا شيئر ڪرڻ وقت اهو نه وسارڻ گهرجي ته سوشل ميڊيا هڪ اهڙي قسم جو مقناطيسي آئينو (آرسي) آهي جنهن ۾ هر لڪل راز فاش ٿي ويندو آهي هن ۾ توهان نه صرف پنهنجو پاڻ کي کُلو پڙهڻ لا پيش ڪريو ٿا پر دُنيا به اوهانجي ڪردار، طبيعت ۽ فطرت جو اندازو لڳائي سگهي ٿي ته پنهنجي ڊيٽا احتياط سان شيئر ڪريو متان ڪنهن تنقيد هيٺ نه اچي وڃو ڇو جو هن ٽيڪنالاجي ڪري دُنيا ۾ هاڻ قانونن اظهار جي آزادي آهي ۽ ڪنهن به عدالت ۾ چيلينج نٿي ٿي سگهي.
دوستو! جيئن ته سوشل ميڊيا هڪ اهڙو فورم جتي هر عام و خاص موجود رهي ٿو ۽ انفارميشن ايڏي ته وُسعت ۾ آهي جو دُنيا جا سڀ اڪابر، اسٽيٽس جا باني خود ، لمحن اندر انفارميشن شيئر ڪرڻ لاءِ هتي ئي موجود آهن ته (سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ) به هڪ اهڙو فاسٽ فورم آهي جيڪو حقيقي سچو آواز رکي ٿو سنڌي نيوٽرل ۽ غير متعصب ماڻهن جو ۽ پيش ڪري ٿو سنڌ جي ٽيلنٽس کي سچائي ايمانداري ۽ ٻيائيءَ کان هٽي اڀياس ۽ ريسرچ ڪري اڳيان آڻي متعارف ڪرائي ٿو ۽ هن نجو واحد فنڪشن سنڌ جي ناسورن جي پاڙ پٽڻ لاءِ اُپاءَ وٺڻ آهي جنهن جي ڪري سنڌ جو سماج مُڪمل تباه ڪيو ويو اهي.
ته دوستو! سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ جو شعبو (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيو سعيدآباد) جيڪو هلي ٿو سرپرستيءَ ۾ (سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) ۽ مشتمل آهي اهڙي ٿنڪ ٽيم تي جيڪي هر شيءِ تي نظر تي ڪُرڙي نظر رکن ٿا جيڪا سنڌ سماج جي تباهيءَ جو ڪارڻ آهي.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: