هيءُ خبرتوهان الاهي ڏُک مان پڙهندئو ته سنڌي ٽيليويزن جو اداڪار ۽ ڊائريڪٽر جناب عباس پيرزادو صاحب 16 جون تي هن فاني دُنيا کي الوداع چئي اصلي دُنيا ۾ موٽ ڪري ويا اهن. (انا لله وانا اليه راجعون) سندن جناز نماز اڄ 17 جون تي سندن شهر دادوءَ ۾ ادا ڪئي ويندي. پاڻ انتهائي خوش گُفتار ۽ ملنسار انسان هُئا ۽ سندن هن وفات تي سنڌ جو هر فنڪار سندن پوين جي ڏکن ۾ شريڪ اهي(ڪُل نفسن ذائقت الموت) سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئشن (ساوا) جا سڀئي ميمبر ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) جي انتظاميا پڻ هن ڏکدائڪ موقعي تي رنجيده آهي ۽ الله جل شانهُ کان سندس قبر ڪُشادي، آسان پُڇاڻي ۽ جنت لاءِ دُعاگو آهي. جنهن به دوست کي جناب عباس پيرزادي سان ڪي گهڙيون گُذارڻ جو موقعو مليو ته کي عرض آهي ته ساڻس گهاريل ڪي واقعا هتي شيئر ڪريو ته سندن ياد کي شدت سان برزبان ڪري سگهجي ۽ خبر پوي ته پاڻ ڪهڙا بهترين انسان هُئا جيڪي پوءَ دُنيا ۾ ڳيا وڃن ٿا ۽ دُنيا ۾ رهندڙن لاءِ به هڪ مثال ٺهي.
انا لله و انا اليه راجعون الله پاڪ ادا عباس کي جنت الفردوس ۾ جا ڏي.. ادا عباس سان گهڻيون ئي ڪچهريون ٿيون. گڏ پروجيڪٽ به ڪيو، تمام بهترين انسان ۽ اداڪار هو.