• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٽيليويزن جو ايڪٽر ۽ ڊائريڪٽر عباس پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
10416607_10203876265847864_6990210511804801405_n.jpg

هيءُ خبرتوهان الاهي ڏُک مان پڙهندئو ته سنڌي ٽيليويزن جو اداڪار ۽ ڊائريڪٽر جناب عباس پيرزادو صاحب 16 جون تي هن فاني دُنيا کي الوداع چئي اصلي دُنيا ۾ موٽ ڪري ويا اهن. (انا لله وانا اليه راجعون) سندن جناز نماز اڄ 17 جون تي سندن شهر دادوءَ ۾ ادا ڪئي ويندي. پاڻ انتهائي خوش گُفتار ۽ ملنسار انسان هُئا ۽ سندن هن وفات تي سنڌ جو هر فنڪار سندن پوين جي ڏکن ۾ شريڪ اهي(ڪُل نفسن ذائقت الموت) سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئشن (ساوا) جا سڀئي ميمبر ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) جي انتظاميا پڻ هن ڏکدائڪ موقعي تي رنجيده آهي ۽ الله جل شانهُ کان سندس قبر ڪُشادي، آسان پُڇاڻي ۽ جنت لاءِ دُعاگو آهي. جنهن به دوست کي جناب عباس پيرزادي سان ڪي گهڙيون گُذارڻ جو موقعو مليو ته کي عرض آهي ته ساڻس گهاريل ڪي واقعا هتي شيئر ڪريو ته سندن ياد کي شدت سان برزبان ڪري سگهجي ۽ خبر پوي ته پاڻ ڪهڙا بهترين انسان هُئا جيڪي پوءَ دُنيا ۾ ڳيا وڃن ٿا ۽ دُنيا ۾ رهندڙن لاءِ به هڪ مثال ٺهي.
 
انا لله و انا اليه راجعون

الله پاڪ ادا عباس کي جنت الفردوس ۾ جا ڏي.. ادا عباس سان گهڻيون ئي ڪچهريون ٿيون. گڏ پروجيڪٽ به ڪيو، تمام بهترين انسان ۽ اداڪار هو.
 
Back
Top