مان اعتراف ٿو ڪريان ته..... محمد علي شاھ

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مون 2013 ۾ جنهن تڪ تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو سو ماضيءَ جو شاهوڪار علائقو هو. جڏهن سنڌوءَ مٿان ڊيم نه ٺهيا هيا تڏهن هتي ججهو پاڻي هوندو هو، وڻج واپار هو، ڪيترائي پورٽ هوندا هيا. اڄ اهو علائقو ڏڪار جي ور چڙهيل آهي ايئن پنهنجي وقت جي هن امير خطي جو عوام اڄ غريب آهي. هتان جا ماڻهو بنيادي حقن کان به محروم آهن. ڇاڪاڻ ته هتان جي ملڪيت مٿان وڏيرن، سردارن ۽ ايجنسين جو قبضو آهي. مان وڏيرن، سردارن ۽ ايجنسين جي اها بالادستي ختم ڪرڻ، خطي جي شاهوڪاري بحال ڪرائڻ ۽ هتان جي عوام کي بنيادي حق ڏيارڻ جي مقصد سان چونڊ وڙهي ته جيئن اسيمبلي اندر سندس آواز بڻجي سگهان ۽ سندس مسئلا حل ڪرائي سگهان.

    پر هتي مونکي اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته جن سنڌ دوست ڌرين سان مون اتحاد ڪيو، جن مونکي هر قسم جي مدد جو آسرو ڏنو ۽ جن تي مون ڀاڙيو سي ملهائڻ وقت ساٿ ڇڏي ويا ۽ مونکي بنهه اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ اهو منهنجي چونڊ هارائڻ جو سڀ کان وڏو سبب بڻيو. ايئن ساڻن گڏجي چونڊ وڙهڻ واري فيصلي کي مان پنهنجي غلطي سمجهان ٿو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نادم مسلم

    نادم مسلم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 نومبر 2013
    تحريرون:
    218
    ورتل پسنديدگيون:
    439
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين دل نه هارائجو جُهدِ مسلسل جاري رکجو. اسان جو ڪم آهي زندگي ڀر غلڀ کي غلط چوڻ اڳيان نتائج ڇا ٿا نڪرن بيشڪ تنهائي ڇو نه هجي ان جو اوهان جي سچائي ۽ حقانيت تي ڪو فرق نه پوڻ گهرجي سچ پاڻ هڪڙي ڪشش رکندو آهي سچ ضمير جي صدا جو نالو آهي سچ آوازِ الاهي آهي اهو پنهنجا اثرات انساني توڙي حيواني معاشرن تي يقينن رکندو آهي رکندو رهندو اوهانجي وس ۾ ته صرفڪوشش آهي ان کان هٿ نه کڻجو ڇا ٿيو جي اوهان جي گرد حُجوم نه رهيو پر اوهان جي پنهنجي عمل ۾ سچا آهيو ته ان جا ثرات ضورو هڪ ڏينهن ضرور ظاهر ٿيندا.
    جاڏي پير تاڏي خير.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو