منصور سرور
سينيئر رڪن
مون 2013 ۾ جنهن تڪ تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو سو ماضيءَ جو شاهوڪار علائقو هو. جڏهن سنڌوءَ مٿان ڊيم نه ٺهيا هيا تڏهن هتي ججهو پاڻي هوندو هو، وڻج واپار هو، ڪيترائي پورٽ هوندا هيا. اڄ اهو علائقو ڏڪار جي ور چڙهيل آهي ايئن پنهنجي وقت جي هن امير خطي جو عوام اڄ غريب آهي. هتان جا ماڻهو بنيادي حقن کان به محروم آهن. ڇاڪاڻ ته هتان جي ملڪيت مٿان وڏيرن، سردارن ۽ ايجنسين جو قبضو آهي. مان وڏيرن، سردارن ۽ ايجنسين جي اها بالادستي ختم ڪرڻ، خطي جي شاهوڪاري بحال ڪرائڻ ۽ هتان جي عوام کي بنيادي حق ڏيارڻ جي مقصد سان چونڊ وڙهي ته جيئن اسيمبلي اندر سندس آواز بڻجي سگهان ۽ سندس مسئلا حل ڪرائي سگهان.
پر هتي مونکي اهو اعتراف ڪرڻو پوندو ته جن سنڌ دوست ڌرين سان مون اتحاد ڪيو، جن مونکي هر قسم جي مدد جو آسرو ڏنو ۽ جن تي مون ڀاڙيو سي ملهائڻ وقت ساٿ ڇڏي ويا ۽ مونکي بنهه اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ اهو منهنجي چونڊ هارائڻ جو سڀ کان وڏو سبب بڻيو. ايئن ساڻن گڏجي چونڊ وڙهڻ واري فيصلي کي مان پنهنجي غلطي سمجهان ٿو.