ريڊيو جي هڪ چئنل تي ڪرڪيٽ جي ڪمينٽري ته ٻئي چئنل تي ميڪ ڪرڻ جا طريقا پئي نشر ٿيا ته اوچتو ڪنهن غلطي جي ڪري ٻنهين جي نشريات مڪس ٿي وئي اچو ته پاڻ به ٻُڌون ته نشريات مڪس ٿي ڇا اچي رهي هُئي. حسين ڏسجڻ لا ڪئپٽن فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. رانديگر وار سُڪائڻ لا ميدان طرف وڃي رهيا آهن. وارن جي پڄ بلڪل سُڪل آهي. مساج، فشل ۽ ماسڪ لا آفريدي تيار بيٺو آهي ۽ ويڪسنگ لا شغيب موجود آهي. ميڪ اپ کي دير تائين قائم رکڻ لا شعيب اختر شارٽ ليگ تي بيٺو آهي. اک جي چوڌاري هڪ رن جي ٻيهر واڌ ٿي آهي. ۽ سامعين بلش آن ليک بريڪ ڪرائي پيو، پويلين جي طرفا مسڪو لڳايو، کاڏي تي هڪ شاندار ڇڪو.. فائونڊيشن اپلا ڪندي بولر سلپ ٿي ويو، لپ اسٽڪ لڳائيندي بال بائونڊري لائين پار ڪري ويو، چهري کي آخري تڄ ڏيندي اسٽيڊيم ۾ ٻيهر ڀليڪار ڪجي ٿي.