جوتن چورائڻ جي رسم !

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هي رسم شادين جي موقعي تي به ڏسجي ٿي جڏنهن ساليون پنهنجي ڀيڻوئن کي جوتا لاهي سيج پلنگ تي ويهڻ لا زور ڀرينديون آهن، سالين جو چيو مڃي ويچارو گهوٽ پنهنجي جُتي لاهي ڇڏيندو آهي ۽ اَئِنهَير جي گهڻي حفاظت ۽ رکوالي باوجود ساليون گهوٽ جا اهي جوتا چورائي وٺنديون آهن ۽ پو انهن جي واپسي گهوٽ کي گهربل رقم ڏئي ڪرائڻي پوندي آهي.

    مونکي ٻُڌايو ويو آهي ته جوتن چورائڻ جي اها رسم رُڳو شادين جي موقعين تي ئي ڪانه ٿيندي آهي پر ان کان علاوه اها رسم گهڻوم ڪري هر جمع جي نماز تي مسجدن ٻاهران به ادا ڪئي ويندي آهي پر اها رسم ساليون ڪون ادا ڪنديون آهن. چيو وڃي ٿو ته اهي رسمون وري سالا ادا ڪندا آهن ۽ پو اهي جوتا باقائدگي سان صدر جي علائقن ۾ ڍير ٿي سستن اگهن ۾وڪڻبا آهن ۽ تقريبن هر مهنگائي جو ماريل ۽ گهڻي قدر وائيٽ ڪالر شهري يا مستقبل جو ڪو گهوٽ اهي وٺي پائيندو آهي. مون اڃا ان تي تحقيق ڪانه ڪئي آهي ته ڇا واقعي مسجدن مان جوتا سالا چوري ڪندا آهن. توهانجو ڇا خيال آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو