ڪنهن ڪرڪٽ ميچ ۾ فاسٽ بائولر انتهائي تيز بال اُڇلايو، بيٽس مين وڪيٽن جي بلڪل سامهون هو ۽ بال وڃي پيڊ تي لڳو. بائولر : (دانهن ڪندي اپيل ڪئي) هائو از اٽ! امپائر : ناٽ آئوٽ! بائولر ڪاوڙ ۾ گهڻو تيشجي ويو ۽ غضبناڪ ٿي وري ٻيو بال اڃا به تيزي سان ڦٽو ڪيائين. هن ڀيري بال بيٽ سان لڳي ويو ۽ مٿي اُڇليو ۽ سيڪنڊ سلپ تي بيٺل فيلڊر اُن کي جهٽي ورتو ۽ هن ڀيري وري سڀني فيلڊرن هڪ آواز سان اپيل ڪئي! فيلڊرز : هائو از اٽ ! ايمپائر : (ڪنڌ ڌوڻي) ناٽ آئوٽ! بائولر وري تيشجي پيو ۽ فيلڊرس اچي کيس گهڻو ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهڻي مشڪل سان کيس ٿڌو ڪيو. بائولر وري بائولنگ ڪرڻ لا اڃا وڌيڪ تيزي سان اسٽارٽ ورتو ۽ بال بيٽس مين کي بلڪل سمجهه ۾ نه آيو ۽ هو هٽي پري ٿي بهي رهيو، بال لڳڻ سان ٽئي اسٽيمپون به پاڙن کان نڪري پري وڃي ليٽيون، پر بائولر ڪو احتجاج يا اپيل ڪانه ڪئي۽ پاڻ ئي ايماپئر جي ويجهو گُذرندي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو۽ پنهنجي اسٽارٽ طرف ٻئي بال ڪرڻ لا مُڙندي پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو بائولر : (پاڻ سان) ڪمال آ.. ڪيئن ته ذري تان بچي ويو!