منصور سرور
سينيئر رڪن
مون کي مجموعي طور تي سنڌي ماڻهن کان هميشه کان اِها شڪايت رهي آهي ته اُهي پنهنجو وقت گهڻو ضايع ڪن ٿا. ڪچهريون ججهيون ڪن ٿا. انهيءَ حوالي سان مان به اعتراف ٿو ڪريان ته مُون کي اڃا گهڻو مطالعو ڪرڻ گهرجي ها ۽ ڪونه ڪو هُنر سکڻ گهرجي ها.
منهنجي دور ۾ مخدوم خالد ۽ زاهد مخدوم وغيره گهڻو پڙهندا هُئا. مُون کي احساس آهي ته مون کي به ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ گهرجي ها. خاص ڪري جڏهن مان ٻاهرين دنيا ڏٺي، ٻاهريان ملڪ گهميا، اُتان جون تاريخي جڳهون ڏٺيون ته، مون کي محسوس ٿيو ته منهنجو مطالعو اڃا ناڪافي آهي.
جيڪڏهن منهنجو گهڻو مطالعو هجي ها ته مون کي اڃا وڌيڪ فائدو رسي ها ۽ مان اڃا وڌيڪ بهتر نموني ڪم ڪري سگهان هان.