هونئن ته سڄي دُنيا ۾ پر اسان وٽ اوطاق جو رواج گهڻو رهيو آهي. جيڪو اڳئين وقتن ۾ ته تمام گهڻو هو ۽ وڏي اهتمام سان فرض سمجهي هلايو ويندو هو پر جڏهن ماڻهن مان ماڻهپو ويندو رهيو ته آهستي آهستي کُليل ۽ وڏي پڌر واري اوطاق ڊرائنگ روم بڻجڻ لڳي ۽ سنڌين جي دلين جيان اوطاقن جا در به سڀني لاءِ کُليل هُجڻ واري روايت ٽُٽڻ لڳي. ڳوٺ ۾ منهنجي نانا جي اوطاق مشهور هُئي هر آئي وئي سُڃاڻو توڙي اڻ سوڇاڻو واٽهڙو کي هنڌ بسترو ۽ ماني يقيني هوندي هُئي. پر گُذريل ڏهاڪي ۾ اها اوطاق ڀڄي ڀُري ختم ٿي وئي. سبب پُڇيم ته ماما وارن ٻُڌايو اڳوڻا مهمان مانائتا هُئا. هتي رهي ويندا هُئا ته ڪي سال پيا مهماني ڳائيندا هُئا. سندن آئي من سُرهو ٿيندو هو جن کي ويندي مهل ويهه چوڻ تي دل ماندي هوندي هُئي. پر هاڻي اهڙا راهگير مهمان به آيا جيڪي صبح سوير اُٿي گڏ بسترا به کنيو ويا يا اوطاق ۾ پيل ڪا ٻي شئي کنيو ويا. شروع کان نانا وارن جي حيثيت بس گُذاري واري هُئي ۽ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ حال هيڻا ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ هو اوطاق هلائڻ کان عاجز ٿي بيٺا.
مون کي نانا جي اوطاق جيان اڄڪلهه جي ڄڳ مشهور اوطاق فيس بُڪ ۾ ايندڙ وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسان سنڌين لاءِ ويران ٿيڻ واري آهي جو جيڪو حال ڏسجي پيو ته اهي ڏينهن پري نه ٿا لڳن. فيس بُڪ جا اصل مقصد ڪهڙا آهن اهو هڪ الڳ بحث آهي پر دراصل فيس بُڪ مُتعارف ٿيو هو پنهنجي موجودگي يا حالت بابت دوستن کي گڏيل طور اپڊيٽ رکڻ. پوءِ ان ۾ فوٽو ۽ وڊيوز جي گهڻي تعداد ۾ اچڻ ڪري اهو ٻيا رنگ اختيار ڪري ويو ۽ ڪٍُجهه قومن ته انقلابي تحريڪن لاءِ به ان جو سهارو ورتو.
پر افسوس جو اسان وٽ هاڻي عام طور ٻه ئي مقصد رهيا آهن ته ڪنهن جي به پوسٽ تي ويهي ڪيڙا ڪڍي ان تي منفي ڪمينٽس ڏجن. يا وري پنهنجي پوسٽ ڪري ان کي ڌڙا ڌڙ ٽيگ ڪجي. ڀلي اُهو روز ٽيگ رموو ڪندو رهي پر پرواهه انهي بس اسان کي تنگ ڪرڻو آهي. ڪُجهه چيو يا ان فرينڊ ڪيو ته وڏو ماڻهو هُجڻ جو لقب ۽ نه چئو ته عزيزن اقاربن يا ويجهن هم خيال دوستن ۾ ڏٺو ٿيڻ ته الائي ڪهرا ڪهڙا دوست اٿؤ جيڪي ڇا ڇا پيا ٽيگ ڪن.
اڄ هڪ دوست چيو آئون سوچيان پيو فيس بُڪ اسان وارا همراهه استعمال نه ڪرڻ ڏيندا. نيٺ ڇڏڻو پوندو. کيس چيم ڳالهه اها به آهي ته اڄڪلهه اهي سوشل نيٽ ورڪ (جنهن کي آئون سماجي ڄار سڏيان) ۾ اسان ايترا ته جڪڙجي چُڪا آهيون جو انهن مان نڪرڻ تي انگريزي جو انسانن لاءِ اصطلاح سوشل اينيمل مان سوشل نڪري ويندو ۽ فقط اينيمل وڃي رهبو.