• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي اوطاقن جيان هاڻي فيس بُڪ اوطاق به ويران بڻجي ويندي

عبدالحفيظ لغاري

منتظم
انتظامي رڪن
هونئن ته سڄي دُنيا ۾ پر اسان وٽ اوطاق جو رواج گهڻو رهيو آهي. جيڪو اڳئين وقتن ۾ ته تمام گهڻو هو ۽ وڏي اهتمام سان فرض سمجهي هلايو ويندو هو پر جڏهن ماڻهن مان ماڻهپو ويندو رهيو ته آهستي آهستي کُليل ۽ وڏي پڌر واري اوطاق ڊرائنگ روم بڻجڻ لڳي ۽ سنڌين جي دلين جيان اوطاقن جا در به سڀني لاءِ کُليل هُجڻ واري روايت ٽُٽڻ لڳي. ڳوٺ ۾ منهنجي نانا جي اوطاق مشهور هُئي هر آئي وئي سُڃاڻو توڙي اڻ سوڇاڻو واٽهڙو کي هنڌ بسترو ۽ ماني يقيني هوندي هُئي. پر گُذريل ڏهاڪي ۾ اها اوطاق ڀڄي ڀُري ختم ٿي وئي. سبب پُڇيم ته ماما وارن ٻُڌايو اڳوڻا مهمان مانائتا هُئا. هتي رهي ويندا هُئا ته ڪي سال پيا مهماني ڳائيندا هُئا. سندن آئي من سُرهو ٿيندو هو جن کي ويندي مهل ويهه چوڻ تي دل ماندي هوندي هُئي. پر هاڻي اهڙا راهگير مهمان به آيا جيڪي صبح سوير اُٿي گڏ بسترا به کنيو ويا يا اوطاق ۾ پيل ڪا ٻي شئي کنيو ويا. شروع کان نانا وارن جي حيثيت بس گُذاري واري هُئي ۽ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ حال هيڻا ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ هو اوطاق هلائڻ کان عاجز ٿي بيٺا.
مون کي نانا جي اوطاق جيان اڄڪلهه جي ڄڳ مشهور اوطاق فيس بُڪ ۾ ايندڙ وقت ۾ گهٽ ۾ گهٽ اسان سنڌين لاءِ ويران ٿيڻ واري آهي جو جيڪو حال ڏسجي پيو ته اهي ڏينهن پري نه ٿا لڳن. فيس بُڪ جا اصل مقصد ڪهڙا آهن اهو هڪ الڳ بحث آهي پر دراصل فيس بُڪ مُتعارف ٿيو هو پنهنجي موجودگي يا حالت بابت دوستن کي گڏيل طور اپڊيٽ رکڻ. پوءِ ان ۾ فوٽو ۽ وڊيوز جي گهڻي تعداد ۾ اچڻ ڪري اهو ٻيا رنگ اختيار ڪري ويو ۽ ڪٍُجهه قومن ته انقلابي تحريڪن لاءِ به ان جو سهارو ورتو.
پر افسوس جو اسان وٽ هاڻي عام طور ٻه ئي مقصد رهيا آهن ته ڪنهن جي به پوسٽ تي ويهي ڪيڙا ڪڍي ان تي منفي ڪمينٽس ڏجن. يا وري پنهنجي پوسٽ ڪري ان کي ڌڙا ڌڙ ٽيگ ڪجي. ڀلي اُهو روز ٽيگ رموو ڪندو رهي پر پرواهه انهي بس اسان کي تنگ ڪرڻو آهي. ڪُجهه چيو يا ان فرينڊ ڪيو ته وڏو ماڻهو هُجڻ جو لقب ۽ نه چئو ته عزيزن اقاربن يا ويجهن هم خيال دوستن ۾ ڏٺو ٿيڻ ته الائي ڪهرا ڪهڙا دوست اٿؤ جيڪي ڇا ڇا پيا ٽيگ ڪن.
اڄ هڪ دوست چيو آئون سوچيان پيو فيس بُڪ اسان وارا همراهه استعمال نه ڪرڻ ڏيندا. نيٺ ڇڏڻو پوندو. کيس چيم ڳالهه اها به آهي ته اڄڪلهه اهي سوشل نيٽ ورڪ (جنهن کي آئون سماجي ڄار سڏيان) ۾ اسان ايترا ته جڪڙجي چُڪا آهيون جو انهن مان نڪرڻ تي انگريزي جو انسانن لاءِ اصطلاح سوشل اينيمل مان سوشل نڪري ويندو ۽ فقط اينيمل وڃي رهبو.
 
مڪمل اتفاق رکندي توهان جي ڳالهه سان اهو چوندس ته منهنجي آخري حد تائين اها ڪوشش هوندي آهي ته مثبت شيون سامهون آڻجن، تهذيب ۽ تقدس، عورتن جي عزت ۽ احترام بيان ڪجي، ٻارن سان والدين جو پيار بيان ڪجي.... آئون تصويرن ۾ ڪهاڻي سهيڙڻ جي ڪوشش هوندو آهيان. پاڻ واري پاسي بس اها سوچ هوندي ته ڏاڍا مزا لڳا پيا آهن. ڌاريون عورتون، ٻار، ٻڍا، نوجوان ڇوڪريون توڙي واپارين کان وٺي ڊرائيور ڪنڊڪٽر سڀ عزت ڪن ٿا. انهي جو ڪو سبب هوندو يقينن......

هڪ دوست اهو چيو ته ٻين جي ڪمرن ۾ ايئن گهڙڻ سنڌين لا صحيح ناهي..... هاههاههاهاه..... کل ڏاڍي ٿي ڇا ڪريون ڪهڙو جواب ڏيون؟ پاڻ ته ڳوٺ ۾ به ڪو ڌاريون ڪونه اچڻ ڏيون، ايئن ڪمري ۾ ڪو گهڙڻ ڏيندو ڇا؟ يقينن گهر جي ڀاتي جي حيثيت ۾، شامل ڪيو اٿن.
 
ادا فيس بڪ کي سنڌ جي ٻهراڙين جي اوطاقن سان ڀيٽڻ غلط آهي، اسان جو اوطاقي ڪلچر هڪ الڳ روايت آهي، فيس بڪ ته ڪنهن به صورت ۾ اوطاق ناهي، هتي ته بس ڪجهه مانهو پنهنجي روزمرهه جي سرگرمي ڏيکارڻ ايندا آهن ته ڪجهه وري واهه واهه ڪرائڻ، هتي ڪچهري جو ته ڪو عنصر ئي ناهي، حقيقت ۾ فيس بڪ اچڻ سان مون ياهو ميسنجر جو استعمال ترڪ ڪيو هو جيڪو صحيح معنى ۾ اوطاق هو ڇوته اتي واهه واهه کان وڌيڪ ڪچهريون هيون هتي ته هڪ ٻي جي ڄنڊاپٽ کان سوا ڪجهه نظر ئي ناهي ايندو
 
اوهان پاران ڏنل سبب پنهنجي جاء تي پر مان سمجهان ٿو فيسبوڪ کانپوء ڪا نئين شيء جڳهه وٺندي جيڪا ان جو ٽوڙ هوندي، بلڪل ايئن جيئن اڳ ياهو گروپس، ايم ايس اين گروپس هوندا هيا ..... ٽيڪنالاجي جي تبديلي گهڻو ڪجهه تبديل ڪري ٿي.

هڪ ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو تبديلي جي خواهش رکندو آهي ..... باقي فيسبوڪ کي ڪير ڪيئن ۽ ڪهڙن مقصدن لاء استعمال ڪري ٿو اها سندس سوچ آهي. ٻيو ته هي سوشل ميڊيا آهي جنهن تي اوهان ۽ اسان کي ڪنٽرول حاصل ناهي. ۽ شايد اهائي سندس خوبي آهي جو ايڏو مقبول ۽ مشهور پڻ آهي. جڏهن پابنديون وڌنديون ته استعمال ڪندڙ گهٽبا آهن.

باقي يار اسان واري سچل ڳوٺ جي اوطاق تي ساڳي رش اٿئي ... ساڳيون ڳالهيون، کُٽڻ جون ئي نه ....
 
اوطاقون اڃا به برقرار آهن! پر وقت آهر اُنهن جي هيئت ضرور تبديل ٿي وئي آهي هاڻ اهي اوطاقون توهانکي هيٺئين طبقي لاءِ شام جو ڊگهي رات تائين بلوچستان جي پٺاڻ جي هوٽلن تي ٻاهر رکين ڪُرسين ته ڏسڻ ۾ ايندي ۽ مڊل طبقي ۾ روڊن تي رکيل صندلن ۽ سجي هائوس دُڪانن تي! ٻاهر نڪري مشاهدو ته ڪريو! اهي اوطاقون روز شام کان لڳن ٿيون! ڪنهن دوست فيس بوڪ تي بيڊ ۽ رپيٽ ڪامينٽس لاءِ ۽ انگيج ڪرڻ لاءِ لکيو آهي! مان سمجهان ٿو ته ان رپيٽ ادائگيءَ جو پس منظر آهي سُتلن کي وري وري اُٿاري جاڳائڻ جو! ۽ ڀلي ڪم لاءِ اهو ڀلو عمل آهي باقي جي پڙاڏو نٿو وڻي ڪنهنکي ته آپشن ته(بلاڪ جو آئڪن ته آهي نه) هٿ ۾! باقي جيڪي اوطاقن تي هڪ وڏي کي ڇڏي هيڻي کي ٽارگٽ بڻائي ٽوڪ چٿر ڪرڻ ۽ تاڙيون ملائي ٽهڪ ڏيڻ جو رواج هو سو فيس بوڪ تي ٽيڪسٽ ۾ تبديل ٿي ويوآهي. اڄ به توهان پنهنجي محفلن ۾ ڏسو! اهو ساڳيو عمل زور سان ڳالهائڻ، اجاين ڇڇور ٽهڪن تي زور سان کلڻ ۽ هيڻي کي ٽارگٽ بڻائي پر وڏي يا بل ڀريندڙ تي آڱر نه کڻڻ جو رواج ته اڄ به هلندو اچي. هوٽلن ۽ سجي يا ڪڙهائي هائوسن تي توهان کي اهو منظر ملندو! ٻيون قومون خاموشيءَ سان ڪچهريون ڪنديون ڏسڻ ۾ اينديون، مجا آ جو ڀر واري جو اواز به اچي پر جتي سنڌين جو سٿو هوندو آهي اُتي توهانکي راڪاس وانگر ٽهڪ، آخري ٽيبل تي يا روڊ جي ٻئي پاسي به ٻُڌڻ ۾ ملندي ۽ هر ماڻهون کين جهاتي پائي ڏسندو آهي پر سمجهن ئي ڪونه ! ۽ ويتر زور سان عمل شروع ٿي ويندو آهي! هاقڻ ته دفتر به اوطاقن کان بچيل ناهن!
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا فيس بڪ کي سنڌ جي ٻهراڙين جي اوطاقن سان ڀيٽڻ غلط آهي، اسان جو اوطاقي ڪلچر هڪ الڳ روايت آهي، فيس بڪ ته ڪنهن به صورت ۾ اوطاق ناهي، هتي ته بس ڪجهه مانهو پنهنجي روزمرهه جي سرگرمي ڏيکارڻ ايندا آهن ته ڪجهه وري واهه واهه ڪرائڻ، هتي ڪچهري جو ته ڪو عنصر ئي ناهي، حقيقت ۾ فيس بڪ اچڻ سان مون ياهو ميسنجر جو استعمال ترڪ ڪيو هو جيڪو صحيح معنى ۾ اوطاق هو ڇوته اتي واهه واهه کان وڌيڪ ڪچهريون هيون هتي ته هڪ ٻي جي ڄنڊاپٽ کان سوا ڪجهه نظر ئي ناهي ايندو
اڳي روزگار ڳوٺ ۾ هو ته پڙهيل لکيل طبقو يا سُگهڙ اهي اوطاقون سجائيندا هُئا! هاڻ ته روزگار سانگي ماڻهون شهرن ۾ لڏ پلاڻ ڪري آيا آهن تڏنهن ته ڳوٺن جو اوطاقون ويران آهن. سڄو ڏينهن نوڪري ڪرڻ کان پوءِ اهي اوطاقون فيس بوڪ تي سجن ٿيون يا جيڪي انهيءَ ميڊيم کي نٿا سمجهن يا ٽائيم ڪڍن ته اُهي وري شام جو پٺاڻ جي هوٽل ۽ سجي هائوسن تي ڪڙهائي کائي اوطاقون لڳائين ٿا. اوطاقون آهن اڄ به اهن پر وقت سان هيئت تبديل ٿي وئي آهي. اهڙيءَ ريت جيئن اڳي ڀنگي (گُنهن مُٽ کڻڻ وارا ڦاٽل پينٽون، لُنڊي جون جينز، مٿي گوڏن ڏي ڇڪيل) هٿن پيرن ۾ رنگين ڌاڳا ۽ ڪنگڻ ۽ وارن ۾ واليون) پنهنجي ڊريس ڪوڊ پائي مختلف سوسائٽي هُئڻ جو اظاهر ڪندا هُئا اڄ جو نئون سنڌي نسل به اُبتڙ ٿي هاڻ اُنهن جوڊريس ڪوڊ اپنايو هلي ۽ فخر سان ڳاٽ اوچو ڪندو هلي ۽ مُقبلتن ڀنگي وري اُبتڙ مُسلمانن جي، هُوٽلن تي وهنجي سنهنجي (تڙ)، عطر هڻي وڃي ويهن ٿا ۽ اسان سان گڏ کائين پيئن پيا! ته اهي سڀئي اوطاقون آهن ته! ڊريس ڪوڊ سمجهڻ لاءِ ڪراچيءَ جي ڪرچن ۽ ڀنگي پاڙي ۾ هليا وڃو ۽ مُشاهبيت ڏسو! پوڙها پڪا به گواهي ڏيندا ته اهو ڊريس ڪوڊ جيڪو اڄ جو سنڌي نسل گهٽڪا کائي اپنائي پيو ڪنهنجو آهي.
 
ادا فيس بڪ کي سنڌ جي ٻهراڙين جي اوطاقن سان ڀيٽڻ غلط آهي، اسان جو اوطاقي ڪلچر هڪ الڳ روايت آهي، فيس بڪ ته ڪنهن به صورت ۾ اوطاق ناهي، هتي ته بس ڪجهه مانهو پنهنجي روزمرهه جي سرگرمي ڏيکارڻ ايندا آهن ته ڪجهه وري واهه واهه ڪرائڻ، هتي ڪچهري جو ته ڪو عنصر ئي ناهي، حقيقت ۾ فيس بڪ اچڻ سان مون ياهو ميسنجر جو استعمال ترڪ ڪيو هو جيڪو صحيح معنى ۾ اوطاق هو ڇوته اتي واهه واهه کان وڌيڪ ڪچهريون هيون هتي ته هڪ ٻي جي ڄنڊاپٽ کان سوا ڪجهه نظر ئي ناهي ايندو
مان اوهانجي ڳالھ سان سئو سيڪڙو متفق آهيان ادا
 
Back
Top