• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بس هاڻ گهڻو ٿيو ! سنڌ گهري ٿي ذهنن جي آزادي !

Sindhi Media

سينيئر رڪن
10410234_10204076357090020_8471084270211655654_n.jpg


بس! گهڻو ٿيو! سنڌ گهُري ٿي ذهنن جي آزادي ٺڪرائي ڌاڙيل، وڏيرا شاهي ۽ موالي ڪلچر! بُرائين پکيڙڻ جا اهڙا جوابدار آهن اُهي سنڌي ليکڪ ڀيڙيندا وڃن ٿا معاشري ۾ جهالت بغير سوچ ۽ سمجهه جي! ته سڄو سنڌي معاشرو تباه و برباد ٿي ويو آهي اهڙن ليکڪن، شاعرن، اديبن، صحافين، ڊائريڪٽرن، پروڊيسرن ۽ ايڪٽرن ڪري. ڪم ٿا ڪن جيڪي ڌاڙيل گيري، ڪُهاڙي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر ۽ موالي ڪلچر ۽ وڏيرڪو ڪلچر ڏيکاري ۽ فروغ ڪري. تعاون گهرجي سنڌي عوام جو به ته رموٽ جو هاڻ کڻي استعمال ڪن اهڙن جهالت ڀرين پرگرامن جي فروغ تي. جڏنهن ته ان کان علاوه به گهڻا اشو آهن سنڌ سماج جا! علم جون آهن ڊگريون هڪ هٿ ۾ پر علم آهي ئي ڪونه ڇو جو ٻيو هٿ ڀريل آهي نشي جي شين سان. وهائيو ٿو ڇڏي جيڪو علم کي ۽ برباد ٿي وئي سنڌي قوم پوري جو پوري ۽ سماج! سنڌ مچايو، بزرگن، ولين، درويشن، صوفي شاعرن، اوتارن ۽ اوطاقن ۽ ڊرائنگ رومن مان موالي ڀڄايو جيڪي مِڙن ٿا نشي جي حصول لاءِ ۽ بهانو سماجي ڪمن جو ڪري.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top