• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ھي جڳ امر

ايس ايم درس

سينيئر رڪن
ھي جڳ امر


منھنجي سر تي موت جي آيو

ڇا ٿي پيو؟

گل ٽڙن ٿا، ڀوئنر ڀُلن ٿا، ھير گُھلي ٿي.

شام ٿيڻ سان خالي ٽاري

پن ڇڻن ٿا ٻوسٽ ٿئي ٿي.

ھن جا ڳل ڳاڙھا، سينو تاڻيل

۽ ڏند موتيءَ داڻا

غائب ٿيندا وقت پڄاڻا!

ھر ڪا شي آ اچڻي وڃڻي

جنھن کي سگھي ڪو به نه روڪي!

ھن جڳ جو ھي ساءُ مٺو آ

باقي آڏو پويان اوندھ


(انور پيرزادو جي ڪتاب: اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان پيج نمبر: 170 مان کينل)
 
Back
Top