ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور

تون ڳالهه ڪرين ٿو ذلفن جي مان اڻڀن اڻڀن وارن جي
تون ڪوڪ سڻين ٿوڪوئلجي مان پيٽ بکايل ٻارنجي
تون ڪوڪ سڻين ٿوڪوئلجي مان پيٽ بکايل ٻارنجي
مزدور ڏينهن جي شروعات ــــ مزدور تحريڪ بنيادي طرح 1860ع ۾ شروع ٿي، تنهن کانپوء 1886ع 80 هزار مزدورن حڪومت اڳيان پنهنجا مطالبه مڃرائڻ لاء هڪ ڪوشش ورتي۽ احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت پوليس هٿان انهن مزدورن تي گوليون هلرايون ۽ ڪجهه مزدور مري پيا، ۽ ان ڏينهن جي ياد ۾ 1 مئي مزدورن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي،
مزدور ڏينهن ۽ سنڌ جو مزدور
ارشد رباني آهي ( لقدخلقناالانسان في ڪبد )سوره البلد
(تحقيق اسان انسان کي مشقت ۾ پيدا ڪيو آهي.)
ان مان اهيو معلوم ٿئي ٿو ته محنت مشقت ڏک، ڏاکڙا، پاڻ پتوڙڻ جدو جهد ڪرڻ ، محنت مزدوري ڪرڻ انسان جي اصليت ۾ شامل آهي، محنت مزدوري ڪرڻ ۾ ڪو به عيب ڪونهي، محنت مزدوري لاء ته اهيو چيو ويو آهي ته ( الڪاسب حبيب الله) محنت مزدوري ڪندڙ الله جو دوست آهي، ۽ محنت مزدوري ته اسان جي پيغمبر حضرت محمد صليالله عليه وسلم جن به ڪئي آهي،
پراهيو به سچ آهي ته هميشه مزدور سان ظلم ۽ ڏاڍ رهندو پيواچي جڏهن ته اسان جي مذهب اسلام ته اهيو چيو آهي، ته مزدور جي مزدوري سندس پگهر سڪڻ کان به پهرين ادا ڪئي وڃي، ۽ جيڪو پاڻ کائو اهو ملازم ( مزدور) کي کارايون، جيڪوپاڻ پهريو اهو (ملازم ) مزدور کي پهرايو،
مگر افسوس جو ائين نه پيو ٿئي،
مزدور ڊي هر سال ملهايو ته وڃي ٿو، مگر اهو ڏينهن صرف ملهائڻ تائين محدود ٿي ويو آهي، ۽ مزدور جا مسئلا ساڳيا جا ساڳيا آهن، اسان جي سرڪار هر مزدور جي پگهار 6000 رپيا مقرر ته ڪئي آهي، پر ڇا اهي 6000 رپيا اڄ جي ڳاٽي ٽوڙ مهگائي لاء ڪافي آهن، اسان جي ملڪ ۾ ته اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي جنهن کي رهڻ لاء پنهنجو گهر به ڪونهي، ۽ ڪرائي جي گهرن ۾ پيا رهن ۽ اڄڪلهه هڪ ڪمري جو گهر ڪرائي تي به 4000 رپين کان گهٽ ۾ ڪو نه ٿو ملي، اگر اڄ جو مزدور 4000 رپيا گهر جو ڪرايو ڏئي ته ڇا باقي 2000 رپين ۾ سندس جو گهر هلندو، جڏهن ته ان کان به وڌيڪ ته ظلم اهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪافي اهڙا ادارا آهن جنهن ۾ اڄ به 6000 رپيا پگهار نه ٿي ملي، ۽ انهن خلاف به حڪومت ڪو ايڪشن نه پئي گهڻي، سنڌ جي مزدور کي اڄ به ٻه ويلا ماني ميسر نه پئي ٿئي، ۽ اڄ به سنڌ جو مزدور ڦاٽل ڪپڙا پيو پائي، خاص ڪري سنڌ ۾ ٿرجي مزدور جي حالت تمام گهڻي خراب آهي، اڄ به ٿر ۾ 40 رپيا ڏهاڙي تي 10 کان 12 ڪلاڪ ڪم ورتو پيو وڃي ( اتي ته ليبر ڊپارٽمينٽ به ڪجهه نه ٿو ڪري) ۽ سندس حال بري مان برو آهي، سنڌ جي محنت ڪش مزدور غريب مسڪين لاء سنڌ جي شاعر شاه صاحب هن طرح فرمايو آهي
( ولهون ويلا، وار جوڳين جهليا جهان ۾
اجهوريء الله، ڪونهي ڪاپڙين جو )
اجهوريء الله، ڪونهي ڪاپڙين جو )
اتــر ڏنــي اوت نه مــون ســوڙ نه گــبرو،
چارئي چنيء پوت، مون ريڙهيندي رات وئي
چارئي چنيء پوت، مون ريڙهيندي رات وئي
شاه صاحب جن مٿين سٽن ۾ فرمائن ٿا ته منهجا ماروئڙا مسڪين غريب پيٽ بکيا ويچارا ولهه تي ويٺا آهن سندن وٽ ڪجهه کائڻ لاء ڪونهي ڪجهه پائڻ لاء ڪونهي، هنن وٽ اهو ڪونهي جو سياري جي موسم ۾ پاڻ مٿان وجهي سمهي آرام ڪن، ۽ منهنجا ماروئڙا پنهنجي زندگي ائين پيا گذارين جيئن ڪنهن وٽ سياري جي موسم ۾ هڪ چادر هجي ۽ اها چادر ضرورت کان تمام ننڍي هجي سيءُ کان بچڻ لاء پوري رات چادر کي مٿان کان هيٺ ۽ هيٺان کان مٿي سيريندو رهي، ۽ رات گذري وڃي،مگر سک سان ننڊ ڪري نه سگهي، ۽ اهڙي ريت اسان جو مزدور پنهجي زندگي جي ضرورتن کي پيو هيٺان کان مٿي ، ۽ مٿان کان هيٺ ڇڪيندو رهي ٿو ۽ سندس پوء زندگي جو پنڌ به کٽيو وڃي، ۽ آخرڪار انهي حال ۾ ئي هي جهان ڇڏي هليو ٿو وڃي،
شاه صاحب وري سنڌ جي انهيء لاچار، مسڪين ۽ مجبور پيٽ بکايل ڦاٽل ڪپڙا پائيندڙ مزدور لاء فرمائن ٿا ته جنهن ماڻهون وٽ کائڻ لاء ڪجهه به نه هجي ۽ پائڻ لاء ڪپڙو نه هجي ان کي شادين تي وڃڻ جو ڪهڙو شوق رهندو،
ڏکيء ڏمر ناه، بکيء کل نه اجهي.
اگهاڙيء وهانء، ويو ويچاريء وسري
اگهاڙيء وهانء، ويو ويچاريء وسري
سو ادا اسان جو مزدور انهن شادين مرادين جي خوشين کان ته وڃي ٿو پري ٿيندو پر کيس ٻه ويلا ماني به صحيح سان نصيب نه آهي، ۽ سندس حال بري مان برو ٿيندو پيو وڃي، جيڪو حال توهان پڻ هنن وڊيوز ۾ ڏسي سگهو ٿا،
مزدور ڏينهن هڪ رپورٽ
http://www.youtube.com/watch?v=Zi5MWdFJGWs&feature=related
مزدور ڏينهن هڪ دستاويزي وڊيو فلم
http://www.youtube.com/watch?v=LAZg...A0AACDC96&playnext_from=PL&index=0&playnext=1
http://www.youtube.com/watch?v=R16FrpdE__c&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=RV4PTmZCwe0&feature=related
سنڌ جي مزدور جي حالت هڪ رپورٽ
http://www.youtube.com/watch?v=T4gW31xECKc&feature=relatedhttp://www.youtube.com/watch?v=NRwWA3Jx5GA&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=MJYA5CBogyg&feature=related
ننڍا ٻار ۽ مزدوري جو ڪم
http://www.youtube.com/watch?v=n-ha8vbkFl0&feature=related
ٿر جامزدور هڪ رپورٽ
http://www.youtube.com/watch?v=jNoVbz4Iqto&feature=related
مزدورن جون ڪجهه تصويرون





