فلسطين ارض مقدس..ماضي حال ۽ مستقبل...!!!

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2014۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    بني اسرائيل (يهودين) تي الله تعالى جون خاص عنايتون ۽ انهن جون نافرمانيون...!!!
    قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي جاين تي اهو ذڪر ڪيو ويو آهي ته الله تعالى يهودين کي مختلف انعامن ڪرامن سان نوازيو هو ۽ انهن کي سڄي دنيا جي قومن تي فضيلت به عطا ڪئي هئي.

    [​IMG]
    اي بني اسرائيلو اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون اوھان تي ڪيو ۽ مون اوھان کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو.

    (سورت البقره 47)
    مفهوم: اي بني اسرائيل! ياد ڪريو منهنجي ان نعمت کي جنهن کان مون توهان کي نوازيو هو ۽ ان ڳالهه کي ته مون توهان کي دنيا جي سڀني قومن تي فضيلت عطا ڪئي هئي.

    هڪ ٻي جا تي الله پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو ته...

    [​IMG]
    مُوسىٰ چيو ته الله کانسواءِ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران؟ جنھن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي.
    (سورت الاعراف 140)
    مفهوم: موسى (عليه السلام) چيو ته ڇا مان الله کانسوا ڪو ٻيو معبود توهان کي ڳولهي ڏيان..؟ حالانڪه اهو الله ئي آهي جنهن توهان کي سڄي دنيا جي قومن تي فضيلت عطا ڪئي آهي.

    [​IMG]

    الله تعالى فلسطين ۾ ان عظيم الشان عبادت گاهه کي پنهنجي لا خاص ڪيو هو، الله پاڪ ان جي ماحول کي خوشحالي بخشي هئي ۽ ان مقدس سرزمين کي مشرڪن ۽ بدڪردارن کان آزاد ڪرائڻ جي ذميداري بني اسرائيل جي حوالي ڪئي هئي.
    هن ذميداري جو ذڪر قران پاڪ ۾ هن طرح اچي ٿو...

    [​IMG]
    اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ.
    (سورت المائده 21)
    مفهوم: موسى (عليه السلام) چيو: اي منهنجي قوم جا ڀائرو! هن "مقدس سرزمين" ۾ داخل ٿي وڃو جيڪا الله تعالى توهان جي لا لکي ڇڏي آهي ۽ پوئتي نه هٽو نه ته ناڪام نامراد ٿي واپس ورندؤ.
    جيئن مٿي فلسطين جي تاريخي ۾ ذڪر اچي چڪو آهي. ارضِ مقدس فلسطين ۾ ان زماني ۾ هڪ مشرڪ قوم جو قبضو ٿي ويو هو جيڪا وڏي ظالم ۽ جابر هئي. فلسطين کي انهي کان پاڪ ڪري اُتي ٻيهر الله تعالى جي حڪومت قائم ڪرڻ جو فرمان بني اسرائيل (يهودين) کي جاري ڪيو ويو هو پر افسوس يهودين اها ذميداري پوري نه ڪئي ۽ بني اسرائيل ان پاڪ زمين، مسجدالاقصى ، قبته الصخره کي مشرڪن جي حوالي ڪري ڇڏيو....!!

    يهودين الله جي فرمان جو قدر نه ڪيو ۽ پو ان جي سزا کان به بچي نه سگهيا. تاريخ ۾ اچي ٿو ته اُهي چاليهه سالن تائين ريگستانن ۾ ڀٽڪندا رهيا. جنهن کان پو طالوت (ساؤل ) جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي وئي. ( طالوت جي بادشاهي ۽ تابوتِ سڪينه جو مختصر ذڪر اڳتي ايندو). بدقسمتي سان طالوت جنهن قوم جي غلامي کان فلسطين کي آزاد ڪرايو هو ڪجهه عرصي کان پو بني اسرائيل (يهود) انهي قوم جي مشرڪانه فعلن ۾ ملوث ٿي ويا ۽ پنهنجي بد عملن کان نه مڙيا. بني اسرائيل پنهنجن نبين جي ٻڌايل دين ۾ قسمين قسمين جو بدعتون شروع ڪري ڇڏيون ۽ اُهي ارضِ مقدس فلسطين کي پاڪ رکي نه سگهيا. وقت گذرڻ سان گڏ بني اسرائيل جا 12 ئي قبيلا پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ٿي ويا ۽ انهن ظلم ۽ زيادتين جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون..!!

    فلسطن جي تاريخ جو اهو دور نهايت تاريڪ هو. دين جي تبليغ ۽ معاشري جي اصلاح بدران هر جا تي لُٽ مار شروع ٿي وئي هئي، بني اسرائيل جي سڄي قوم مشرڪن کي الله جي دعوت ڏيڻ بدران انهن سان شاديون ۽ مٽيون مائيٽيون ڳنڍڻ ۾ مصروف هئي. قوم جا سڀ فرد مشرڪن جي بدفعلين ۽ شرڪ وارن عملن کي روڪڻ بدران انهن جي هر بري عمل ۾ برابر جا شريڪ ٿيڻ لڳا.

    قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي ته....

    [​IMG]
    ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارو نه آھي جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نه) موڪلي جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارا نه آھيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن.
    (سورت القصص 59)

    مفهوم: اسان وسندين کي هلاڪ ڪرڻ وارا نه آهيون جيستائين انهن جا رهاڪو ظالم نه ٿي وڃن.
    آخرڪار جڏهن فلسطين کي انهن يهودين پنهنجي غرور ۽ تڪبر ۾ اچي فساد ۽ ظلم سان ڀري ڇڏيو ته پو الله تعالى جو عذاب انهن مٿان اچي پهتو. سورت بني اسرائيل جون مٿي ذڪر ڪيل 10 آيتون انهي طرف ئي اشارو ڪري رهيون آهن.

    پو اسان پنهنجي ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي ان ڳالهه تي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته توهان ٻه ڀيرا زمين تي "فساد عظيم" برپا ڪندؤ ۽ وڏي سرڪشي ڏيکاريندؤ. آخرڪار جڏهن انهن مان پهرين سرڪشي جو موقعو آيو ته اي بني اسرائيل اسان توهان جي مقابلي تي پنهنجا اهڙا ٻانها آندا جيڪي نهايت زور آور هئا ۽ اهي توهان جي ملڪ ۾ گهڙي ويا ۽ هر طرف ڦهلجي ويا. هي هڪ وعدو هو جنهن کي پورو ٿيڻو ئي هو.
    (سورت بني اسرائيل آيت 4 ۽ 5 جو مفهوم)

    قرآن پاڪ جن ماڻهن طرف اشارو ڪري رهيو آهي اهي زبردست ۽ زور آور ماڻهو بابل جي فوج هئي. تاريخ موجب اتان جي حڪمران بخت نصر (Nebucadnazzer) فلسطين تي حملو ڪيو ۽ ان ظالم حڪمران جي هٿان فلسطين جي اها مقدس عمارت به جنهن کي الله جي برگزيده نبين تعمير ڪيو هو پهريون ڀيرو مسمار ٿي. ان حڪمران يهودين کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. پيغمبرن هٿان تعمير ٿيل ان مسجد جو نالو نشان ڌرتي تان مٽجي ويو ۽ "توريت" جا نسخا به ساڙايا ويا. ان کان پو بني اسرائيل جي قوم روس، ايران، روم، آزر بائيجان ۽ هنڌستان وغيره وغيره ۾ دربدر ڦرندي رهي.

    تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اندازن 100 سالن کان پو فارس جي شهنشاهه سائرس بني اسرائيل جي دشمن قوم کي شڪست ڏني. الله تعالى فارس جي شهنشاهه جي وسيلي هڪ ڀيرو ٻيهر بني اسرائيل جي مدد ڪئي ۽ انهن جي نسلن ۾ واڌارو به آندو. فارس جي شهنشاهه يهودين کي ٻيهر فلسطين وڃڻ جو فرمان جاري ڪيو ۽ پو حضرت عزيز عليه السلام فلسطين ۾ الله جي ان مقدس گهر کي ٻيهر تعمير ڪرايو. حضرت عزيز عليه السلام ڪلام الاهي "توريت" جي نسخن کي به ٻيهر جمع ڪرايو. ياد رهي ته حضرت عزيز عليه السلام اهي نبي آهن جنهن کي الله رب العزت 100 سالن تائين سمهاري رکيو، جنهن جو ذڪر قرآن جي سورت البقره جي آيت 259 ۾ آيل آهي.

    بني اسرائيل کي فلسطين ۾ رهندي ڪافي عرصو گذري ويو. بني اسرائيل (يهودي) فلسطين ۾ ٻيهر عروج، شان شوڪت ۽ الله تعالى جي ڏنل انعامن ڪرامن ۽ ٻين قومن تي فضيلت ملڻ کان پو هڪ دفعو وري سڌي رستي تان هٽي ويا. روايتن ۾ اچي ٿو ته انهن سود جو ڪاروبار شروع ڪيو، حرام کي حلال ڪيو ويو ۽ الله جي مقرر ڪيل حدن کان ٽپڻ لڳا. وقت گذرڻ سان گڏ يهودي قوم ماضي وانگر بهتري بدران فساد طرف مائل ٿيڻ لڳي. انهن جي مڪاري ، بدڪرداري، ايمان کان ڦري وڃڻ ۽ الله جي نبين، رسولن کي قتل ڪرڻ جي نتيجي ۾ الله تعالى هڪ ڀيرو ٻيهر انهن تي عذاب نازل ڪيو.

    تاريخ لکي ٿي ته بني اسرائيل جي هڪ ڀيرو ٻيهر ظالمانه عملن تي الله پنهنجي رسي کي ڇڪيو ۽ هن ڀيري عيسائي سلطنت جي جنرل Titus يهودين جو اهو برو حال ڪيو جو تاريخ ۾ موجود انهن داستانن کي پڙهندي روح کي ڏڪڻي ۽ جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا. جنرل ٽائيٽس يهودين جا ٻار، عورتون ۽ پوڙها وڏي بيرحمي سان قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ نوجوان قابل ماڻهن کي قيدي بڻائي انهن جي گهرن کي ساڙائي ڇڏيائين. فلسطين ۾ موجود "بيت الله" کي تهس نهس ڪيو ويو ايتريقدر جو سون ۽ زيورات جي لالچ ۾ ان مقدس مقام جي هڪ هڪ سِر پٽرائي ڇڏيائين..!!

    قرآن پاڪ سورت بني اسرائيل جي ستين ۽ اٺين آيتن ۾ تاريخ جي ان ڀيانڪ داستان کي هن طرح بيان ڪري ٿو....

    پو جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو ته اسان ٻين دشمنن کي توهان تي مسلط ڪيو ته جيئن اهي توهان جون "شڪليون" بگاڙي ڇڏين ۽ "مسجد" (بيت المقدس) ۾ اهڙي طرح گهڙي وڃن جهيڙي طرح پهرين دشمن گهڙيا هئا ۽ جنهن شي تي انهن جو هٿ پوي اها تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين. ٿي سگهي ٿو هاڻ توهان جو رب توهان تي رحم ڪري پر اگر توهان ٻيهر پنهنجي ساڳي روش برقرار رکي ته اسان به وري پنهنجي سزا کي دهرائينداسين ۽ ڪافر ماڻهن لا اسان جهنم کي قيدخانو بڻائي رکيو آهي.

    (سورت بني اسرائيل جي آيت 7 ۽ 8 جو مفهوم)


    محترم دوستو....جيڪڏهن غور ڪجي ته فلسطين ۽ مسجدالاقصى تي اهي حملا جن علائقن ۽ جن حڪمرانن ڪيا، اُهي موجوده يورپ جي ماڻهن جا بادشاهه هئا. تاريخ ۾ ان ساڳئي قسم جا حملاآور ۽ قوم ڳولهجي ۽ ڀيٽ ڪجي ته ظلم ۽ بربريت کي برداشت ڪندڙ هڪ ٻي قوم به ملي ٿي. اها قوم حضرت ذوالقرنين جي زماني ۾ ٻن جبلن جي وچ ۾ آباد هئي جنهن کي ياجوج ماجوج وڏي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. ياجوج ماجوج جي سفاڪين ۽ ظلمن جي شڪايت حضرت ذوالقرنين سان ڪئي وئي هئي. جڏهن ڪڙي سان ڪڙي ملائبي ته اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اڄ جيڪو فلسطيني مسلمانن تي يهودين پاران طلم ڪيو پيو وڃي اهو انهن حملا آورن وانگر ئي آهي. ظالم بيرحم يهودي قوم ارضِ مقدس فلسطين تي پنهنجو زبردستي قبضو ڪري، اسرائيلي حڪومت جي قيام کان وٺي اڄ تائين فلسطين ۾ موجود لکين عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ساڳي درندگي سان شهيد ڪري رهي آهي جهيڙي طرح ماضي ۾ ياجوج ماجوج ان مظلوم قوم سان حشر ڪيو هو.

    اسرئيلي يهودي فوجين پاران فلسطين ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيل ظلمن جون ڪجهه تصويرون...

    [​IMG]
    [​IMG] [​IMG] [​IMG] [​IMG] [​IMG] [​IMG]

    [​IMG]

    بني اسرائيل (يهود) کي هاڻ آخري سزا ملندي....!!!
    هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي کي ورجائيندي بني اسرائيل (يهودي) پنهنجي پراڻي روش کي قائم رکندي اڄ جي هن جديد دور ۾ به ظلم ۽ بربريت جا نوان مثال قائم ڪري رهيا آهن.
    الله تعالى جو فرمان آهي ته... "پر جيڪڏهن توهان ٻيهر پنهنجي ساڳي روش برقرار رکي ته اسان به وري پنهنجي سزا کي دهرائينداسين ۽ ڪافر ماڻهن لا اسان جهنم کي قيدخانو بڻائي رکيو آهي."

    غور ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته الله پاڪ پاران بني اسرائيل کي هاڻ جيڪا سزا ملندي اها سندن آخري سزا هوندي جيڪا اڄ جي ظالم، فسادي يهودين کي ڏني ويندي. ڇاڪاڻ جو انهن الله جي آخري رسول حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جو انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ الله طرفان ڪو به ٻيو نبي انهن کي خبردار ڪرڻ نه ايندو...!!


    فلسطين جو اهو Second Temple جنهن جي يهودي ان وقت حفاظت نه ڪري سگهيا جڏهن اهي ماضي ۾ فلسطين جا حڪمران، شان شوڪت وارا، وڏا باعزت ۽ طاقتور هئا هاڻ اهو Temple وري ٺهرائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي آهي. اهي پرعزم آهن ته هيڪل سليماني کي ٽيون ڀيرو Third Temple جي نالي سان حقيقت جو روپ ڏيندا.

    اسان اڄ ڏسي رهيا آهيون ته فلسطين ۾ باقائده سوچيل سمجهيل عالمي سازش سان يهودين کي ٻيهر آباد ڪيو ويو آهي ۽ سندن ماضي وانگر ظلم ۽ جبر وارا عمل ٻيهر دهرائڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته الله تعالى جي ان سزا جو وقت به قريب اچي چڪو آهي.


    هلندڙ....
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 آگسٽ 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    حقيقين تي ٻڌل اهڙو ليک بيت المقدس جي باري ۾ ڪاٿي به نه پڙهيو آهي... وڌيڪ معلومات جو انتظار رهندو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مهوش شيخ

    مهوش شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    تمام سٽو مضمون آ
     
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    [​IMG]

    بني اسرائيل (اهلِ يهود) کي ملندڙ پيغمبرن جي تبرڪات سان ڀريل هڪ تاريخي صندوق "تابوتِ سڪينه" (Ark of the Covenant)...!! (هڪ تحقيقي جائزو)
    تابوتِ سڪينه (Ark of the Covenant) هڪ وڏو مقدس ۽ بابرڪت صندوق هو. مختلف تاريخي روايتن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هي صندوق حضرت آدم عليه السلام تي نازل ٿيو هو. ڪجهه ڪتابن ۾ ذڪر آيل آهي ته حضرت آدم عليه السلام جنت مان نڪرڻ وقت اها صندوق ۽ رڪن يماني پاڻ سان کڻي لٿو هو. جنهن کان پو بطورِ ميراث سندن اولاد ڏانهن منتقل ٿيندو رهيو ۽ پو حضرت يعقوب عليه السلام تائين پهتو ۽ انهن جي ذريعي سندن اولاد بني اسرائيل (اهلِ يهود) جي قبضي هيٺ رهيو ۽ پو حضرت موسى عليه السلام کي مليو.

    تابوتِ سڪينه بني اسرائيل لا الله پاڪ جي رحمت ۽ ڪاميابي جو هڪ بهترين ذريعو هوندو هو. علامه محمد بن انصاري رحمته الله عليه قرآن پاڪ جي تفسير ۾ لکيو آهي ته اها مقدس صندوق شمشاد جي ڪاٺ جي ٺهيل هئي. عبد بن حميد ۽ ابن المنذر وهب بن منبه کان روايت آندي آهي ته اها صندوق ٽي هٿ ڊگهي ۽ ٻه هٿ ويڪري هئي. (تفسير الدر المنثور ص 757 جلد 1)
    قرآن مجيد مان معلوم ٿئي ٿو ته ان صندوق ۾ آلِ موسى عليه السلام ۽ آلِ هارون عليه السلام جون مقدس يادگارون موجود هيون.
    [​IMG]
    ۽ کين سندن پيغمبر چيو ته اُن جي بادشاھيءَ جي نشاني اوھان وٽ صندوق جو اچڻ آھي جنھن ۾ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ دِل جو آرام ۽ جيڪي مُوسىٰ جي خاندان ۽ ھارون جي خاندان (تبرڪ) ڇڏيو تنھن جي بچت آھي اُن کي مَلائِڪ کڻي ايندا، ڇوته اُن ۾ اوھان لاءِ بي شڪ (وڏي) نشاني آھي جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو.
    (سورت البقره 248)
    بائيبل به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته اصل صندوق شمشاد جي ڪاٺ جو ٺهيل هو ۽ ڊيگهه اڍائي هٿ، ويڪر ڏيڍ هٿ، اندران ۽ ٻاهران خالص سون لڳل هئس. صندوق جي چئني پاسي سون جا ٺهيل ڪڙا هئا جن ۾ شمشاد جي ڪاٺ جا پايا وجهي ان کي کنيو ويندو هو.(خروج باب 25)
    بائيبل مطابق ان صندوق کي ڇُهڻ هڪ اهڙي بي ادبي هئي جنهن جي سزا موت هئي. هڪ روايت موجب هي اسرائيلين (يهودين) جو "صندوقِ عهد" يا "خدا جو صندوق" هو. (يشوع باب 3، سموئيل ڪتاب اول ، باب 3 وخروج باب25)


    [​IMG]
    اسرائيلي ان صندوق کي فتح جي علامت جو ذريعو سمجهندا هئا. تاريخ موجب عمالقه جي قوم ان صندوق کي اسرائيلين کان ڦري ورتو هو. جڏهن حصرت شموئيل عليه السلام طالوت کي يهودين جو بادشاهه بڻايو ته ان جي هڪ نشاني اها به ٻڌايائين ته هي تابوتِ سڪينه طالوت ذريعي اسرائيلين کي واپس ملي ويندو. جڏهن طالوت جي حڪومت شروع ٿي ته حضرت دائود عليه السلام فلسطينين جي هڪ پهلوان جالوت کي ماري تابوت کي حاصل ڪري ورتو. انگريزي بائيبل ۾ تابوتِ سڪينه لا لفظ "آرڪ" Ark استعمال ڪيل آهي.

    [​IMG]
    مٿين تصوير اسرائيل جي علائقي وادي الاه ۾ موجود ان جا جي آهي جتي حضرت دائود عليه السلام جالوت کي قتل ڪيو هو. هي جا حبرون کان 26 ڪلوميٽر اُتر اولهه طرف آهي.

    [​IMG]
    مٿين تصوير وادي الاه ۾ موجود ان جا جي آهي جتي جالوت جي تدفين ٿيل آهي. جالوت جو ذڪر قرآن پاڪ جي سورت البقره ۾ ٽي ڀيرا آيل آهي. ان وقت حضرت دائود عليه السلام طالوت جي فوج ۾ هڪ عام سپاهي هو. حضرت دائود عليه السلام جالوت جي مٿي تي غليل جي مدد سان نشانو ورتو نتيجي ۾ ان طاقتور پهلوان جو مٿو ڦاٽي پيو، پو حضرت دائود عليه السلام تلوار سان ان جي گردن اڏائي ڇڏي هئي.
    حضرت دائود عليه السلام جي زماني ۾ طالوت بادشاهه جي محل جا کنڊرات

    [​IMG]
    مٿين تصوير ۾ اسرائيل جي علائقي بيت شين ۾ موجود طالوت بادشاهه جا کنڊرات نظر اچي رهيا آهن، هي اهو ئي بادشاهه هو جنهن اعلان ڪرايو هو ته جيڪو جالوت کي قتل ڪندو ان کي پنهنجي ڌي جو سڱ ڏيندو.

    [​IMG]
    هي تصوير بيت شين جي آهي، جنهن کي حضرت دائود عليه السلام فتح ڪيو هو ۽ هن ئي شهر ۾ جالوت جي سسي ڪٽيل لاش لٽڪائي وئي هئي.

    تابوتِ سڪينه (Ark of the Covenant) مان بني اسرائيل (اهلِ يهود) کي ملندڙ فائدا ۽ الله پاڪ جون نعمتون...!!

    بني اسرائيل جڏهن ڪافرن سان جهاد ڪندا هئا ته دشمنن جي ڪثير تعداد ڏسي خوف ۾ سندن دليون ڏڪي وينديون هيون پر جڏهن تابوت سڪينه (Ark of the Covenant) صندوق کي اڳيان رکندا هئا ته هن صندوق مان اهڙيون برڪتون ۽ رحمتن جو ظهور ٿيندو هو جو مجاهدن جي دلين ۾ سڪون ۽ همت پيدا ٿي ويندي هئي. هن صندوق جي برڪت سان انهن کي هميشه فتح نصيب ٿيندي هئي.

    [​IMG]
    بني اسرائيل کي جڏهن ڪنهن اختلاف يا جهڳڙي جو فيصلو ڪرائڻو هوندو هو ته هن صندوق کان ڪرايو ويندو هو. هن مقدس صندوق مان کين مختلف قسم جون بشارتون ملنديون هيون. بني اسرائيل جون دعائون هن صندوق جي وسيلي سان قبول ٿينديون هيون.


    [​IMG]
    جڏهن بني اسرائيل گناهن ۾ ملوث ٿي ويا ته سندن بدعملن جي نحوست جو نتيجو اهو نڪتو ته اهو صندوق ڪافرن جي هڪ قوم عمالقه جي قبضي ۾ اچي ويو. تاريخ موجب عمالقه قوم جي هڪ وڏي لشڪر فلسطين تي حملو ڪري بني اسرائيل جو قتلِ عام ، خزانا لٽڻ سان گڏ هن متبرڪ صندوق کي به پاڻ سان کڻي ڪنهن ناپاڪ جا تي ڦٽي ڪري ڇڏيو. صندوق جي ان بي ادبي جي نتيجي ۾ الله پاڪ انهن تي مختلف وبائون ۽ بيماريون نازل ڪري ڇڏيون. قومِ عمالقه جا پنج شهر بلڪل برباد ۽ ويران ٿي ويا...!!
    جڏهن ڪافرن کي احساس ٿيو ته هن صندوق جي ڪري ئي سندن مٿان مصيبتون اچي ويون آهن ته انهن اهو صندوق واپس اسرائيل ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.

    الله تعالى چئن فرشتن کي مقرر فرمايو جن هن مبارڪ صندوق کي بني اسرائيل جي نبي حضرت شموئيل عليه السلام جي خدمت ۾ آندو، اهڙي طرح ٻيهر بني اسرائيل کي اهو مقدس صندوق ملي ويو. هي اهو وقت هو جڏهن حضرت شموئيل عليه السلام طالوت کي بادشاهه بڻايو هو ۽ بني اسرائيل طالوت جي بادشاهي تسليم ڪرڻ لا تيار نه هئا. انهن جي شرط موجب هن صندوق جي ملڻ تي ئي هو طالوت جي بادشاهي کي تسليم ڪندا ۽ جڏهن الله پاڪ جي راضپي سان هي صندوق واپس مليو ته پو انهن طالوت جي بادشاهي کي قبول ڪري ورتو. (تفسير الصاوي ج 1 ص209، تفسير روح البيان ج 1 ص 385، القرآن سورت البقره 247)

    تابوت سڪينه ۾ ڪهڙيون متبرڪ شيون موجود هيون...؟
    • هن مقدس صندوق ۾ حضرت موسى عليه السلام جو عصا مبارڪ ۽ سندن مقدس جتيون مبارڪ، حضرت هارون عليه السلام جو عمامه شريف، حضرت سليمان عليه السلام جي منڊي (انگوٺي) مبارڪ، تورات شريف جون ڪجهه تختيون، ڪجهه من وسلوى ۽ ان کان علاوه مختلف نبين سڳورن جي استعمال هيٺ روز مره جون متبرڪ شيون وغيره موجود هيون. (تفسير روح البيان ج 1 ص 386، القرآن سورت البقره 248)
    • حضرت ابنِ عباس رضي الله تعالى عنه کان روايت آهي ته ان صندوق ۾ اها ٿالهي پيل هئي جنهن ۾ انبيا ڪرام عليهم الصلوات والسلام جي دلين کي ڌوتو ويندو آهي ۽ حضرت موسى ۽ حضرت هارون عليهما الصلوات والسلام جا ڪپڙا ، لٺ ، جتي مبارڪ ۽ جن تختين تي تورات شريف لکيل هو انهن جا ڪجهه ٽڪرا هئا. ( تفسير القرطبي ص 148-250 جلد 3)
    • علامه ثنا الله پاني پتي رحمته الله عليه لکيو آهي ته"فيزت التابوت نحو العدو وهم يتبعونه واذا استقر ثبتوا وسڪنوا ونزل النصر ذکره البغوي"يعني بني اسرائيل اها صندوق دشمنن ڏانهن ڪري بيهندا هئا ته اها ان طرف وڌندي هلندي ويندي هئي ۽ پاڻ ان جي پويان هلندا ويندا هئا. جڏهن هي ڪنهن جا تي قرار وٺندي هئي ته پاڻ به بيهي رهندا هئا ۽ سڪون وارا ٿيندا هئا ۽ انهن جي لا مٿان کان مدد ايندي هئي. (تفسير مظهري ص 322 جلد 1)
    • علامه اشرف علي ٿانوي جي خليفي مفتي محمد شفيع صاحب ديوبندي لکيو آهي ته "بني اسرائيل اس صندوق ڪو لڙائي مين آگي رکهتي. الله تعالى اس ڪي برڪت سي فتح ديتا." (معارف القرآن ص 551 جلد 1)
    • علامه ابنِ جرير طبري رحمته الله عليه لکيو آهي ته" وکانت الانبيا اذا حضروا قتالا قدموا التابوت بين ايديهم ويقولون ان آدم نزل بذالڪ التابوت وبالرڪن وبلغني ان التابوت و عصا موسى في بحيرت طبريت وانها يخرجان قبل يوم القيامت" يعني (بني اسرائيل جا) نبي سڳورا جنگ تي ايندا هئا ته اها صندوق اڳيان ڪندا هئا ۽ اهو به چون ٿا ته حضرت آدم عليه السلام جنت مان نڪرڻ وقت اها صندوق ۽ رڪن يماني پاڻ سان کڻي لٿو هو، ۽ مون وٽ اها ڳالهه به پهتي آهي ته اها صندوق ۽ حضرت موسى عليه السلام جي لٺ بحيره طبريه ۾ آهن ۽ اهي ٻئي قيامت جي اچڻ کان اڳ ۾ ان مان نڪرنديون. (تفسير ابن جرير طبري ص 384 جلد 2)
    • مٿين ساڳي ڳالهه علامه شوڪاني به لکي آهي. (فتح القدير ص 266 جلد 1)
    • سيد ابوالاعلى مودودي لکيو آهي ته... "آلِ موسى اور آلِ هارون ڪي ڇوڙي هوئي "تبرڪات" جو اس صندوق مين رکهي هوئي تهي ان سي مراد پتهر ڪي وه تختيان هين، جو طور سينا پر الله تعالى ني حضرت موسى عليه الصلوات والسلام ڪو دي تهين. اس ڪي علاوه تورات ڪا وه اصل نسخه بهي اس مين تها جسي حضرت موسى ني خود لکهوا ڪر بني لاوي ڪي سپرد ڪيا تها نيز ايڪ بوتل مين من بهي بهر ڪر اس مين رکهه ديا گيا تها تا که آئنده نسلين الله تعالى ڪي اس احسان کو ياد کرين جو مصر مين ان کي باپ دادا پر کيا تها. اور غالبن حضرت موسى کا وه عصا بهي اس ڪي اندر تها جو خدا ڪي عظيم الشان معجزات کا مظهر تها" (تفهيم القرآن ص 188 جلد 1)
    • وکيع، سعيد بن منصور ، عبد بن حميد ۽ ابن ابي حاتم ابو صالح کان آندو آهي ته انهي صندوق ۾ موسى ۽ هارون عليهم ا السلام جون لٺيون ۽ انهن ٻنهي جا ڪپڙا ، تورات جون ٻه پٽيون، من وسلوى ( من ۽ مشڪلات حل ڪرڻ وارو ڪلمو) به هو. (الدر المنثور ص 758 جلد 1 روح المعاني ص 169 جلد 1 پ 2)
    • علامه عماد الدين دمشقي لکيو آهي ته انهي صندوق ۾ مٿيون لکيل شيون به هيون پر محدث عبدالرزاق فرمايو آهي ته ان ۾ حضرت موسى عليه جي جتي مبارڪ به هئي. (تفسير ابنِ ڪثير ص 301 جلد 1)
    • علامه ابو حيان اندلسي رحمته الله عليه لکيو آهي ته مقاتل فرمايو آهي ته ان صندوق ۾ حضرت موسى عليه السلام جي دستار ( پڳ) مبارڪ پيل هئي. علامه موقوف ان ئي صندوق جي ذڪر ۾ اڳتي لکيو اهي ته"کانوا يستنصرون بالتابوت اينما توجهوا فينصرون" يعني ان صندوق (جي برڪت) سان مدد گهرندا هئا پو مدد ڏنا ويندا هئا. (البحر المحيط ص 263 جلد 2)
    • علامه رازي ٻيا قول بيان ڪندي لکيو آهي ته ان صندوق ۾ حضرت موسى عليه الصلوات ولسلام جا ڪپڙا به رکيل هئا. (تفسير کبير ص 178 جلد 3 جز 6)
    • علامه اسماعيل حقي رحمته الله عليه لکيو آهي ته" وکانوا اذا حضروا القتال يقدمونه ايديهم ويستفتحون به على عدوهم" يعني ان صندوق کي جنگ ۾ اڳيان رکندا هئا ۽ ان جي برڪت سان دشمن تي فتح طلب ڪندا هئا. ( روح البيان ص 385 جلد 1)
    هڪ اهم ڳالهه....!!!
    هڪ اهم ڳالهه....!!!

    محترم دوستو......تابوتِ سڪينه (Ark of the Covenant) جو قرآن ۾ ذڪر ۽ مختلف عالم سڳورن جي تفسيرن ۽ سمجهاڻين تي غور ڪرڻ سان مسلمانن جا ڪجهه اهم مسئلا به حل ٿيندي نظر اچن ٿا. مٿين ٻڌايل تفصيل ۽ مستند حوالن سان هيٺيون ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون.

    • الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي تبرڪات کان فائدو وٺڻ بلڪه انهن جي وسيلي ۽ برڪت سان جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ الله تعالى جي نبين سڳورن عليهم الصلوات والسلام جو اهڙو پيارو ۽ پسند ڪيل طريقو آهي جنهن تي هن هلندڙ فتني ۽ بدمذهبي جي شور ۽ غوغا واري دور ۾ صرف اهلِ سنت والجماعت وارن جو عمل آهي. ياد رهي ته بدمذهب انهن تي هزارين فتوائون ڏين ٿا ، بتن ۽ انهن جي پوڄارين مشرڪن سان نسبت ڪندي سني مسلمانن کي مشرڪ ۽ ڪافر چون ٿا پر اهو ڪفر سندن گهرن ۾ آهي جو الله تعالى جي قرآن پاڪ جي صحيح مفهوم ۽ معنى جيڪا اڳين تفسيرن لکي آهي ان کان روگرداني ڪن ٿا. مٿي جن بزرگن جي تفسيرن جا حوالا ڏنا ويا آهن ڇا اهي سڀئي غير مسلم ، مشرڪ ، ڪافر ۽ اڻ ڄاڻ هئا.؟ معاذالله ثم معاذالله. سيدنا يوسف عليه السلام پنهنجي والد حضرت يعقوب عليه السلام جي اکين کي روشن ڪرڻ لا پنهنجي قميص موڪلي هئي جيئن سورت يوسف ۾ ان جو ذڪر آيل آهي. ڇا اهو به شرڪ هو..!؟ محترم دوستو..غور ڪريو. الله پاڪ جي سچن ، پڪن سني مسلمانن کي ڪافر چوڻ گناهه عظيم آهي. حضرت خالد بن وليد رضي الله تعالى عنه جي مٿي تي ڪپڙي جي هڪ ٽوپي هوندي هئي جنهن ۾ حضور پرنور صلي الله عليه وآله وسلم جن جو وار مبارڪ هوندو هو ۽ جنگ ۾ اها ٽوپي مٿي تي رکي فرمائيندو هو ته جنهن جنگ ۾ هي ٽوپي پائي ويندو آهيان فتح حاصل ڪندو آهيان. ( تفسير ضيا القرآن ص 172 ج 1)
    • بزرگن جي لٺ ، جتي، ڪپڙن ، پڳ وغيره جي صدقي مصيبتون ٽرنديون آهن ۽ دلين کي سڪون ۽ آرام ملندو آهي. مؤمنن جي ما سيده عائشه صديقه رضي الله تعالى عنها وٽ حضور پرنور صلي الله تعالى عليه وآله وسلم جن جو جبو مبارڪ هوندو هو جيڪو ڌوئي بيمارن کي پياريندي هئي ته شفاياب ٿيندا هئا. مختلف اصحابي سڳورا حضورجن جا وار مبارڪ ۽ ننهن مبارڪ برڪت خاطر پاڻ وٽ رکندا هئا. ( تفسير نعيمي ص 542 جلد 2)
    • هن صندوق جي تفصيل مان معلوم ٿئي ٿو ته بزرگن جي تبرڪات جي الله رب العزت وٽ وڏي عزت ۽ عظمت آهي ۽ انهن جي ذريعي مخلوقِ خدا کي فيض ۽ برڪتون حاصل ٿينديون آهن. هن صندوق ۾ حضرت موسى عليه السلام جو عصا ۽ جتيون مبارڪ ، حضرت هارون عليه السلام جي دستار مبارڪ ۽ مختلف شيون موجود هيون. الله تعالى ان صندوق کي ايترو مقبول، محترم ۽ تعظيم لائق ڪري ڇڏيو هو جو فرشتن ان صندوق کي پنهنجن نوراني ڪلهن تي کڻي حضرت شموئيل عليه السلام جي خدمت ۾ پهچايو. قران پاڪ به ان ڳالهه جي شهادت ڏئي رهيو آهي. مطلب ته ان صندوق تي الله پاڪ جي رحمت الاهي ۽ پرنور روحاني جلوا ۽ برڪتن جو نزول هر وقت جاري رهندو آهي. هن مان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته بزرگن جا تبرڪات جتي ۽ جنهن به جا تي هجن انهن تي ضرور الله جي رحمتن جو نزول به هوندو ۽ انهن تي نازل ٿيندڙ الله جي رحمتن ۽ برڪتن سان مؤمنن جي دلين تي اطمينان، سڪون ۽ روح کي تازگي، مختلف برڪتون ۽ فيض به ملندو رهندو آهي.
    • غور جي ڳالهه اها به آهي ته جيڪڏهن بزرگن جي استعمال هيٺ شين جي الله تعالى ايتري تعظيم رکي آهي ته پو جن قبرن ۾ انهن بزرگن جو سڄو جسم پاڪ رکيل هوندو آهي اتي ڪيتريون رحمتون ۽ برڪتون نازل ٿينديون هونديون..!! انهن وٽ ايندڙ زائرين جي دلين کي ڪيترو سڪون۽ اطمينان نصيب ٿيندو هوندو. بيشڪ جيڪي به مسلمان انهن وٽ حاضري ڀريندا آهن انهن جي مٿان الله پاڪ جي رحمتن جو مينهن به ضرور وسندو هوندو.
    • هن صندوق جي تفصيل مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي ماڻهو بزرگن جي تبرڪات يا انهن جي قبرن جي بيحرمتي ڪندا آهن انهن تي الله تعالى جو قهر ۽ غضب نازل ٿئي ٿو. هن قصي مان اها ڳالهه ثابت ٿي رهي آهي ته جڏهن عمالقه قوم ان صندوق جي بيحرمتي ڪئي ته الله تعالى جو قهر انهن مٿان نازل ٿيو ۽ انهن جا پنج شهر ويران ۽ برباد ٿي ويا.
    • جيڪڏهن تابوتِ سڪينه وسيلي بني اسرائيل کي فتح نصيب ٿيندي هئي ته اسان کي به اهو ايمان رکڻ گهرجي ته بزرگن جي مزارات ۽ قبرن تي مؤمنن جون مصيبتون ۽ مشڪلاتون دفع ٿين ٿيون ۽ مرادون پوريون ٿينديون آهن.
    • هن واقعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جيڪا قوم سرڪشي ڪري ٿي يا الله ۽ ان جي نبين جي نافرماني ڪري ٿي ته الله پاڪ ان قوم کي ڏنل نعمتون واپس به وٺي ڇڏي ٿو. جيئن بني اسرائيل جي ظالمانه عملن جي نتيجي ۾ اها صندوق ( تابوتِ سڪينه) انهن کان ڦرجي وئي هئي. بني اسرائيل ڪيترائي سال الله تعالى جي ان نعمت کان محروم رهيا هئا.
    هلندڙ.......
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تمام بهترين نموني سان اوهان تاريخي معلومات کي اسان تائين پهچائي رهيا آهيو، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو سمجه وارا هوندا ته هن سان انهن جي ذهن ۾ پئدا ٿيل سوال به صاف ٿيندا...
    سرگوشي ۾ اوهان جي ڳالهين سان متفق آهيان...
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا ممتاز قريشي اوهانجي سرگوشي واري ڳالھ پڙهي اصل دل کي قرار ۽ روح کي راحت محسوس ٿي رهي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مضمون کي پسند ڪندڙ سڀني دوستن جون مهربانيون.
    اصل ۾ هي موضوع پنهنجي اند ڪئين رخ رکي ٿو، جيئن جيئن تحقيق جو دائرو وسيع ٿئي پيو نوان نوان اهم نڪتا سامهون اچي رهيا آهن. فلسطين رڳو عرب خطي لا نه پر سڄي دنيا لا بيحد اهميت جوڳو آهي. فلسطين جي تاريخي ، مذهبي ، سياسي اهميت سان گڏوگڏ هن علائقي تي ٻاهرين دنيا جو اثر رسوخ ۽ عمل دخل کي به چڱي طرح ڄاڻڻ اسان لا تمام ضروري آهي.

    فلسطين جي تاريخ جو هڪ اهم حصو حضرت عيسى عليه السلام جي پيدائش کان وٺي اڄ تائين جا اهم واقعا تياري هيٺ آهي. جنهن کان پو هڪ دفعو ٻيهر يهودين جي ڪيل ظلمن جو ڀيناڪ داستان ذڪر ڪندس ۽ پو مسقبل ۾ يهودين جي ڪهڙي منصوبه بندي هوندي ان تي به مختلف مذهبي حوالن سان تفصيلي روشني وجهندس. انشاالله.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    فلسطين جي تاريخ جون ڪجهه اهم جهلڪيون
    (حضرت عيسى عليه السلام جي پيدائش کان يهودي رياست "اسرائيل" جي اعلان تائين)

    • رومي عهد حڪومت دوران فلسطين ۾ حضرت عيسى عليه السلام جي پيدائش ٿي هئي ۽ پو سندن تعليمات سان دنيا ۾ عيسائيت جو ظهور ٿيو.
    • روم ۽ بازنطيني شهشنشاهن (Byzantine Empire) جو فلسطين تي اثر حضرت عيسى عليه السلام کان پو به اندازن 614ع تائين رهيو.
    • 633ع ۾ فلسطين ۾ عرب مسلمانن جون ٻه فوجون داخل ٿيون. حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنه جي عهد ۾ اندازن 638 ۽ 640ع تائين فلسطين تي مسلمانن جو مڪمل قبضو ٿي چڪو هو.
    • 1095ع ۾ يورپ وارن کي خيال آيو ته ارضِ مقدس فلسطين کي مسلمانن جي قبضي کان آزاد ڪرايو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ سال جي وقفي کان پو صليبي جنگين جو آغاز ٿي ويو.
    • ٻارهين صدي عيسوي ۾ مسلمانن جو قبضو ختم ڪرڻ لا صليبي جنگيون وڙهيون ويون پر ان جي باوجود فلسطين مسلمانن جي عملداري ۾ رهيو ۽ 1291ع ۾ صليبي جنگيون ختم ٿي ويون.
    • 1244ع ۾ فلسطين تي تاتارين هڪ وڏو حملو ڪيو ۽ بنا ڪنهن لحاظ ڪرڻ جي مسلمانن، يهودين ۽ عيسائين جو قتل عام ڪيو ويو.
    • 1492ع ۾ هسپانيه مان يهودين کي ڪڍيو ويو ته اهي فلسطين جي علائقي ۾ اچي آباد ٿيڻ لڳا. سڀ کان پهرين فلسطين ۾ مملوڪ (Memelukes) قابض ٿيا.
    • 1516ع ۾ عثماني ترڪن فلسطين فتح ڪيو. پهرين جنگ عظيم جي خاتمي تائين فلسطين ترڪن جي قبضي ۾ رهيو.
    • 1862ع ۾ هڪ جرمن يهودي رابي ڪال شير (Robbi Kall Scher) فلسطين کي يهودي رياست بنائڻ جو نظريو پيش ڪيو.
    • 1897ع ٿيوڊر هزل (Theodor Herzl) فلسطين کي يهودين جي رياست ۾ تبديل ڪرڻ لا هڪ مهم جو آغاز ڪيو. انهي لا بيسل ۾ پهرين صيهوني ڪانگريس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته اڄ کان سڀني يهودين جو واحد مقصد فلسطين ۾ يهودي رياست جو قيام هوندو.
    • پهرين جنگ عظيم جي شروعات ٿيندي ئي يهودين کي هن تحريڪ کي وڌائڻ جو موقعو ملي ويو ۽ عملي طور تي فلسطين ۾ يهودي رياست جي قيام جون ڪوششون شروع ٿي ويون.
    • پهرين جنگ عظيم دوران برطانيه جي حڪومت عرب ملڪن جي امداد حاصل ڪرڻ لا جڏهن شريف مڪه سان ڳالهيون شروع ڪيون ته ٻين عرب حڪمرانن ۽ سردارن سان صلاح مشوري کان پو شريف مڪه برطانيه کي چيو ته اسان برطانيه کي صرف ان صورت ۾ جنگي سامان ۽ مدد مهيا ڪنداسين اگر اهي جنگ کانپو عربن جي آزادي ۽ خودمختياري جو وعدو ڪندا. برطانوي حڪومت جنگ کٽڻ لا عربن جي شرط کي تسليم ڪيو ۽ ڪجهه عرصي بعد عرب ملڪن جي سرحدن جو تعين ڪيو ويو پر ان کانپو اهو اختلاف پيدا ٿي پيو ته فلسطين کي به انهن علائقن ۾ شامل ڪيو وڃي يا نه..؟
    • 2 نومبر 1917ع برطانيه جي وزير خارجه مسٽر بالفور (Balfour) برطانيه ۾ رهندڙ يهودين جي فيڊريشن جي چيئرمين لارڊ شيلڊ جي نالي هڪ خط روانو ڪيو. جنهن ۾ چيو ويو هو ته هزميجسٽي جي حڪومت فلسطين ۾ يهودي عوام لا هڪ قومي وطن جي قيام کي پسنديدگي جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ ان مقصد جي حصول کي آسان بنائڻ لا پنهنجون بهترين ڪوششون استعمال ڪندي ۽ اها ڳالهه به واضح طور تي سمجهڻ گهرجي ته ڪو به اهڙو قدم نه کنيو ويندو ته جنهن سان فلسطين ۾ موجود غير يهودي قومن جا شهري حق يا مذهبي حق يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهندڙ يهودين جا حق ۽ سياسي حيثيت تي فرق پوندو هجي. بعد ۾ اهو ئي خط اعلان بالفور (Balfour Declartion) جي نالي سان مشهور ٿيو.
    • پهرين جنگ عظيم جي خاتمي تي انهي اعلان جي بنياد تي فلسطين تي برطانيه جو (Mandate) قائم ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. انهي اختيار تحت اهو طئي ٿيو ته برطانيه فلسطين ۾ يهودين جو قومي وطن قائم ڪرڻ ۽ فلسطين کي آزاد ۽ خودمختيار رياست قائم رکڻ خاطر ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڏيندي.
    • برطانيه جي ان ارادي کانپو فلسطين ۾ يهودين جي داخله شروع ٿي وئي ۽ گڏوگڏ نقل مڪاني ڪندڙ يهودين جي عربن سان ڏندچڪ جو به آغاز ٿي ويو.
    • 1933ع ۾ جرمني ۾ هٽلر جو اقتدار شروع ٿي ويو ۽ ان جي يهودين سان سخت دشمني جي ڪري به فلسطين ۾ يهودين جي داخلا تمام گهڻي وڌي وئي.
    • يهودين جي فلسطين ۾ ايتري وڏي تعداد داخل ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ عربن ۽ يهودين جي وچ ۾ فساد ۽ اختلافن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو جنهن کي ختم ڪرڻ لا ٻنهين ڌرين ۾ ڪئين ڀيرا سمجهوته به ڪرايا ويا.
    • 1936ع ۾ انگريزن اها تجويز پيش ڪئي ته فلسطين کي يهودين ۽ عربن جي وچ ۾ ورهايو وڃي ۽ متبرڪ مقامن بيت المقدس ۽ بيت اللحم وغيره کي آزاد رکيو وڃي. اها تجويز عربن منظور نه ڪئي.
    [​IMG]
    • 1939ع يهودين ۽ عرب نمائندن تي مشتمل هڪ ناڪام ڪانفرنس به ٿي هئي. ان موقعي تي برطانيه اهو اعلان ڪيو ته اها حڪمت عملي سندس نه آهي ته فلسطين يهودين جي رياست بڻجي پر برطانيه عربن جو اهو مطالبو به تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فلسطين عربن جي رياست بڻجي. انهن جو مقصد صرف خودمختيار فلسطين جي رياست قائم ڪرڻ آهي. جنهن ۾ مسلمانن ۽ يهودين کي حڪومت ڪرڻ جا برابر حق حاصل هجن.
    • برطانيه حڪومت قرطاسِ ابيض به ڇپرايو هو. ان ۾ اهو چيو ويو هو ته فلسطين ۾ صرف پنجن سالن تائين 75000 يهودي فلسطين ۾ داخل ٿيندا. عربن ۽ يهودين هن قرطاس ابيض کي مڃڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو.
    • جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ لڳي ته فلسطين جو معاملو ڪجهه وقت لا رڪجي ويو.
    • ٻي مهاڀاري جنگ کان پو يهودين فلسطين واري ايجنسي نازي ڪيمپن مان يهودين جا ڪيترائي جهاز ڀري فلسطين پهچائي ڇڏيا. اهڙي طرح فلسطين ۾ يهودين جي آبادي 75000 بدران 200،000 تائين پهچي وئي. عربن ان خلاف برطانيه سان شديد احتجاج به شروع ڪيو پر اهو سلسلو بنا ڪنهن رنڊڪ جي هلندو رهيو.
    [​IMG]
    • 1947ع ۾ فلسطين جو مسئلو اقوام متحده ۾ پيش ڪيو ويو. جنرل اسيمبلي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لا يارهن رڪني ڪميٽي تشڪيل ڏني. هن ڪميٽي جو مقصد فلسطين جي مسئلي جون اصل حقيقتون معلوم ڪري اسيمبلي ۾ هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ هو.
    • اقوام متحده جي ڪميٽي ۾ شامل اڪثر رڪنن فلسطين ۾ عربن ۽ يهودين جون ٻن رياستن تي مشتمل هڪ وفاق قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي.
    • اقوام متحده جي اقليت تي مشتمل رڪنن جن ۾ ايران، هنڌستان ۽ يوگوسلاويه به شامل هئا پنهنجين رپورٽن ۾ فلسطين لا آزاد نظام حڪومت قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي.
    • اقوام متحده بعد ۾ ٻه سب ڪميٽيون پڻ ٺاهيون . پهرين ڪميٽي ۾ اهي نمائنده شامل هئا جيڪي فلسطين جي ورهاست جي حق ۾ هئا. ان ڪميٽي جو صدر پولينڊ جو صدر هو. ٻي ڪميٽي ۾ يمن ، مصر، پاڪستان، شام، لبنان، ترڪي ۽ افغانستان شامل هئا ان جو صدر پاڪستان جو وزير خارجه سر ظفر الله خان بڻايو ويو. هن ڪميٽي جيڪا رپورٽ پيش ڪئي ان ۾ اهي سوال اٿاريا ويا ته بين الاقوامي انصاف واري عدالت کان مشرور ورتو وڃي ته ڇا فلسطين انهن ملڪن ۾ شامل نه آهي جن کي پهرين جنگ عظيم کان پو آزادي ۽ خودمختياري ڏيڻي هئي. جيڪڏهن فلسطين انهن ملڪن ۾ شامل هو ته پو اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو فلسطين کي آزاد ۽ خودمختيار نه بڻايو ويو.؟ هن ڪميٽي اعلان بالفور کي ۽ برطانيه جي حاڪميت تي به سواليه نشان لڳايا. ان دوران يهودي پناهه گيرن جي مسئلن جو به جائزو ورتو ويو ۽ اهو به سوچيو ويو ته يهودين جي اڪثريت کي فلسطين مان بيدخل ڪيو وڃي ۽ انهن کي اقوام متحده جي رڪن ملڪن ۾ آباد ڪرڻ لا ڪوششون ورتيون وڃن.
    [​IMG] [​IMG] [​IMG]

    15 مئي 1948ع ۾ يهودين برطانيه ۽ آمريڪا جي آشيرباد سان فلسطين کي زبردستي ٻن حصن ۾ هڪ اسرائيل ۽ هڪ شرق اردن ۾ ورهائي ڇڏيو. هن ورهاست کي به عربن قبول نه ڪيو ۽ اهڙي طرح عرب اسرائيل وچ ۾ جنگ شروع ٿي وئي.
    (عرب اسرائيل ۾ ٿيل جنگين جو مختصر احوال اڳتي ايندو.)
    [​IMG]


    فلسطين ۾ مسلمانن جي بابرڪت آمد

    فلسطين جو ماضي معلوم ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته Second Temple (هيڪل سليماني) جي حفاظت ڪرڻ ۾ يهودين کي ناڪامي نصيب ٿي هئي ، حالانڪه ان وقت اهي باعزت، باوقار ۽ حڪومت ۾ به هئا، بدقسمتي سان يهودين جي ڪيل غلط عملن جي سزا هن پاڪ ڌرتي کي برداشت ڪرڻي پئي. تاريخ ۾ ارض مقدس فلسطين تي مختلف حمله آورن جي ڪيل ظلم ۽ بربريت جون ڪئين داستانون رقم آهن.

    بدقسمتي سان هڪ دفعو ٻيهر يهودي پنهنجي پراڻي روايت کي برقرار رکندي ان ساڳي جڳهه تي Third Temple ٺاهڻ جو به ارادو رکن ٿا. تاريخ پڙهڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته بني اسرائيل ( اهل يهود) جنهن کي "قوم افضل" به چيو ويو هو اهي الله پاڪ جي نافرمانين جي ڪري غير الله کي مڃيندڙن (ڪافرن) جي حملن سان ڪئين ڀيرا تباهه ۽ برباد ٿي ويا پر نتيجي ۾ هن ارض مقدس فلسطين کي به تمام گهڻو نقصان پهتو.

    اڄ اسان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن تي ايمان آڻيندڙ ن جي آمد جو ذڪر ڪنداسين. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته ماضي جي حمله آورن جي ابتڙ دنيا ڏٺو ته مسلمان ڪيڏي عزت، احترام ۽ تعظيم سان الله پاڪ جي گهر مسجدالاقصى کي خالي ڪرائي ڇڏيو...!!


    جڏهن حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنه جي خلافت ۾ موجوده يروشلم کي پهريون ڀيرو مسلمانن يهودين کان پاڪ ڪرايو ته هي شهر روم جي ظالم جنرل Titus جي تباهڪارين سان کنڊر بڻيل هو ۽ سڄي شهر ۾ ايترو ته گندگي جو ڍير هو جو مقامِ سخره کي سُڃاڻڻ به نهايت مشڪل هو. حضرت عمر فاروق رضي الله تعالى عنه پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ٻڌايل نشانين جي ذريعي ان مقام کي سُڃاتو ۽ پهرين فرصت ۾ ان مقام جي صفائي سٿرائي ڪرائي ان کي پاڪ ڪرايو ۽ جهيڙي طرح حضرت دائود عليه السلام، حضرت سليمان عليه السلام ۽ حضرت عزيز عليه السلام هن مقام کي الله جو گهر بڻايو هو ساڳي طرح اصحابي سڳورن به هن مقام کي اهو ئي رتبو ڏنو ۽ اها ئي عزت ڏني جيڪا عين الله جي نبين جي سنت مطابق هئي ۽ اهڙي طرح ان مقام تي الله پاڪ جي عبادت ٻيهر شروع ڪرائي وئي.
    اصحابي سڳورن ذريعي هن ارضِ مقدس فلسطين کي سندس حق ملڻ سان قرآن پاڪ ۾ الله رب العزت جو اهو قول سچو ثابت ٿيو.

    [​IMG]
    ۽ بيشڪ توريت کان پوءِ زبور ۾ لکيوسون ته منھنجا صالح ٻانھان زمين جا وارث ٿيندا.
    (سورت الانبيا آيت 105)

    مفهوم: ۽ اسان زبور ۾ نصيحت کان پو هي قانون لکي ڇڏيو هو ته ارضِ مقدس جا وارث منهنجا نيڪ ٻانها ٿيندا.
    اموي خليفي ملڪ بن مروان هن پاڪ مقام جي جديد تعمير ڪرائي ۽ گنبذ نصب ڪرايا. ان کان پو ڪجهه عرصي لا جڏهن صليبي جنگين ۾ مسلمانن کي شڪست ملي ته انهن ظالمن ملڪ بن مروان جي ٺهرايل ان شاندار تعمير يعني مسجدالاقصى جي بيحرمتي ڪئي ۽ گنبذ جي چوٽي تي Cross نصب ڪرائي ڇڏيائون. اهو عمل انهن صليبي Crusader جنگجوئن جي هٿن سان ٿيو جيڪي اصل ۾ يورپي عيسائي هئا. جيتوڻيڪ اهي مختصر عرصي لا مسلمانن کان ارض مقدس فلسطين کي ڦرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا پر ان دوران انهن پاران هن پاڪ ڌرتي تي انساني رت جون نديون وهايون ويون هيون.....!!

    انهن صليبي عيسائين يروشلم جي سڀني رهواسين کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ٻار، جوان، پوڙها، مرد ۽ عورتون هر هڪ کي ايتريقدر جو مسجدالاقصى ۾ پناهه وٺندڙ مرد توڙي عورتن کي به نه ڇڏيو ويو. تاريخ لکندڙ لکن ٿا ته...

    " مسلمانن جي رت وهڻ جي اها صورتحال هئي جو صليبي ظالمن جي گهوڙن جا گوڏا انساني رت ۾ ٻڏي ويا هئا.!! هي قتل عام مڪمل عيسائي تعليمات جي خلاف هو. سڄي مسيحي دنيا جي چپي چپي تي هن قتل عام جو ڏک محسوس ڪيو ويو هو.."
    (القدس اور اختتام وقت از عمران نذر حسين ص 129)

    فلسطين تي ٿيندڙ هن حملي ۽ اتي ٿيندڙ قتل عام جي ڀيٽ جيڪڏهن اسان يهودين جي دور ۾ ڪيل حملن سان ڪيون ۽ گهري نظر سان ڏسون ته هن ڀيري جيتوڻيڪ حمله آور صليبي عيسائين جي شڪل ۾ هئا جيڪي اصل ۾ Jewish Crusade هئا، پر حملن جي شڪل، قتل غارت گري، لُٽ مار، ظلم بربريت ۽ فساد انهن سڀني جو طريقو اهو ئي هو جيڪو يهودين جي وقت ۾ ان وقت جي حمله آورن جو هو.
    ان جي باوجود اسان اهو به ڏسون ٿا ته بازنطيني حڪومت جيڪا اصل ۾ هئي ته عيسائي حڪومت پر صليبي جنگين ۾ اهي بلڪل الڳ رهيا هئا. هن واقعي مسيحي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. هر باشعور انسان هن ظلم جي مذمت ڪئي ۽ هر ڪنهن کي هن عظيم سانحي جو انتهائي صدمو ٿيو ۽ حمله آورن سان لاتعلقي جو به اظهار ڪيو ويو.

    غور ڪريو ته ارض مقدس فلسطين تي اهي حمله آور ڪير هئا..!!؟؟ آخر اهي عيسائي صليبي هئا ڪير..؟ هتي اسان قرآن پاڪ جي هڪ آيت جو مطالعو ڪيون ٿا.

    [​IMG]
    چيائون ته اي ذوالقرنين بيشڪ ياجوج ۽ ماجوج مُلڪ ۾ فساد وجھندڙ آھن تنھن ڪري تو لاءِ اسين ھن شرط تي ڏن مُقرّر ڪريون ته تون اسان جي ۽ سندن وچ ۾ اَڙ بڻاءِ.
    (سورت الڪهف 94)
    مفهوم: انهن چيو اي ذوالقرنين ياجوج ماجوج زمين تي زبردست فساد پکيڙي ڇڏيو آهي. اسان تو کي خراج ڏينداسين ته جيئن تون اسان جي ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ناقابلِ عبور رڪاوٽ تعمير ڪري ڇڏ.
    فلسطين جي ان قبضي کان پو مسلمان سپه سالار سلطان صلاح الدين ايوبي فلسطين کي ٻيهر ان نجس کان پاڪ ڪيو.هن موقعي ته دنيا هڪ ڀيرو ٻيهر عجيب نظارو ڏٺو. الله رب العزت جي هن ٻانهي جڏهن بيت المقدس انهن صليبين کان واپس ورتو ته هڪ ماڻهو به قتل ڪو نه ٿيو. جيڪي غريب هئا انهن جو تاوان به سلطان ۽ ان جي ڀا پنهنجي کيسي مان ادا ڪيو. مالدار عيسائي سردار ۽ امير ماڻهو لکين اشرفيون، سون، هيرا گهوڙن تي چاڙهي فلسطين مان نڪتا پر ڪنهن کي به نه روڪيو ويو. سلطان صلاح الدين ايوبي مسجد الاقصى جي ٻيهر جديد تعمير ڪرائي ۽ گنبذ جي مٿان Metal جي هڪ چادر به چڙهايائين. ان کان پو الله پاڪ جي هن پاڪ زمين ۽ ڪيترن ئي نبي سڳورن جي رهائش گاهه کي ٻيهر پاڪ ڪيو ويو.

    محترم دوستو....مسلمانن جو فلسطين ۾ داخل ٿيڻ ۽ اتي موجود متبرڪ مقامن جي ٻيهر تعظيم ڪرائڻ ۽ الله رب العزت جي ٻيهر عبادت شروع ڪرائڻ جي واقعي کي گهري نظر سان ڏسجي ته هن پوري واقعي سان هڪ اهم مسئلو به حل ٿيندي نظر اچي ٿو.

    اسلام تي تنقيد ڪندڙ عام طور تي اهو به اعتراض ڪندا آهن ته اسلام تلوار جي مدد سان زبردستي ڦهلايو ويو هو. جڏهن ته فلسطين ۾ مسلمانن جي آمد ۽ قبضي جي تائيد قرآن پاڪ مان به ٿي رهي آهي. فلسطين جي تاريخ کي ڄاڻڻ سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته هن خطي تي ٻين قومن جي حملن ۽ اسلامي فوج جي حملن ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق هو.
    ارض مقدس فلسطين تي مسلمان سپه سالار سلطان صلاح الدين ايوبي به بنا ڪنهن خون خرابي ۽ لالچ جي قبضو ڪري ورتو هو. اهو واقعو به سمجهڻ جي ضرورت آهي. جنهن سان ڪيترائي شڪ شبها ختم ٿين ٿا.



    تاريخ موجب ڪنهن به ظلم ۽ جبر کانسوا ارض مقدس فلسطين کي مسلمانن پنهنجي آمد جي فورن بعد نجس، مغضوب ۽ معتوب قوم کان بلڪل پاڪ ڪري ڇڏيو.

    قرآن موجب هن سرزمين کي الله پاڪ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت لوط عليه السلام ڏانهن منسوب ڪيو آهي.

    [​IMG]
    ۽ کيس ۽ لوط کي اھڙي زمين ڏانھن بچائي آندوسون جنھن ۾ جھان وارن لاءِ برڪت ڪئي سون.
    (سورت الانبيا 71)

    حضرت موسى عليه السلام ۽ حضرت هارون عليه السلام جو هن سان تعلق ٻڌايو ويو آهي.

    [​IMG]
    اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ.
    (سورت المائده 21)

    [​IMG]
    ۽ جڏھن انھن کي چيو ٿي ويو ته ھن ڳوٺ ۾ وڃي ٽڪو ۽ منجھانئس جتان وڻيو تتان کائو ۽ چؤ ته بخش (ڪر) ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ته اوھان کي اوھان جون خطائون بخشيون، ڀلارن کي وڌيڪ (چڱائي) ڏينداسون.
    (سورت الاعراف 161)

    ان کان علاوه ارض مقدس فلسطين کي طالوت سان به منسوب ڪيو ويو ۽ حضرت يحيى عليه السلام سان به تعلق جوڙيو ويو ۽ حضرت عيسى عليه السلام ۽ سندن حوارين کي به هتي آباد ڪيو ويو ۽ آخر ۾ الله پاڪ پنهنجي آخري نبي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن کي به هن پاڪ سرزمين تي پهچايو.

    [​IMG]
    اھو (الله) پاڪ آھي جنھن پنھنجي ٻانھي (ﷴ ﷺ) کي ھڪڙي رات (جي اندر) تعظيم واري مسجد مان اُنھي مَسجد اَقصىٰ تائين جنھن جي چوڌاري برڪت رکي سون ھن لاءِ سير ڪرايو ته کيس پنھنجيون نشانيون ڏيکاريون، بيشڪ اُھو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
    (سورت بني اسرائيل 1)

    محترم دوستو....غور ڪريو.....ڪا ته خاص ڳالهه آهي هن زمين ۾..!!
    الله پاڪ هن زمين کي سڀني نبي سڳورن سان جوڙيندو رهيو آهي.

    هن ارضِ مقدس کي دنيا ۾ ڪو ته اهڙو ڪردار ادا ڪرڻو آهي جيڪو اڃا مڪمل واضح نه آهي. پر اها ڳالهه ته ثابت آهي ته هي خطو تمام گهڻو بابرڪت ۽ اهم آهي.

    بدقسمتي سان هڪ ڀيرو ٻيهر ٻارهن سو سالن کان پو ٻيهر فلسطين ۾ يهودين جي شڪل ۾ نجس ۽ غلاضت جمع ٿي رهي آهي...!!
    آخر اهو راز ڇا آهي...!!؟؟

    هلندڙ....
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 آگسٽ 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين، توهان جي محنت تمام سٺي.
     
  10. مهوش شيخ

    مهوش شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Karachi, Pakistan
    ادا غزا جي معلومات ب ڏيو.
     
  11. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    مهرباني ادا منصور ۽ ادي مهوش...

    فلسطين جي تاريخ لڳي ٿو دنيا جي تاريخ آهي. سچ پڇو ته هي مضمون لکندي منهنجي ڄاڻ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي.

    ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته ماضي ۾ ٿيندڙ دنيا جي ڪيترن ئي اهم واقعن جو ڪو نه ڪو تعلق فلسطين سان جڙيل نظر اچي ٿو.

    ڪوشش ڪريان پيو ته فلسطين جو هر اهم شهر ۽ هر اهو هنڌ جنهن جي سياسي ۽ مذهبي اهميت هجي اهي هن ليک ۾ شامل ٿيندا رهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    نبي سڳورن سان منسوب تاريخي غار ۽ مسجدِ الخليل (مسجد ابراهيمي)
    [​IMG][​IMG]

    الخليل (Hebron) فلسطين جو هڪ قديم مقدس شهر آهي. هي شهر هڪ ئي وقت مسلمانن، عيسائين ۽ يهودين جي گڏيل زيارت گاهه آهي. هن شهر ۾ مسجد ابراهيمي به آهي، جنهن کي سطان صلاح الدين ايوبي ٺهرايو هو. حضرت ابراهيم عليه السلام اڄ کان 4000 سال اڳ هن مقام تي هڪ غار ۽ ڪجهه زمين 400 درهمن ۾ خريد ڪئي هئي ته جيئن هي جا سندن خاندان جي آخري آرام گاهه بڻجي وڃي. هي غار ميڪفيله جي نالي سان به مشهور آهي.

    [​IMG] [​IMG]
    هن مسجد جي مختلف حصن ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام، حضرت اسحاق عليه السلام، حضرت اسماعيل عليه السلام، حضرت يعقوب عليه السلام ۽ حضرت يوسف عليه السلام جا مزار مبارڪ موجود آهن. هي مسجد ٽن حصن تي مشتمل آهي. پهرئين حصي ۾ مسلمان، ٻئي حصي ۾ يهودي ۽ ٽئين حصي ۾ عيسائي مذهب جا ماڻهو عبادتون ڪندا آهن.

    [​IMG]
    روايتن موجب الخليل (حبرون) 1730 قبل مسيح ۾ آباد ٿيو هو.

    [​IMG]
    فلسطين جي شهر الخليل جو پراڻو نالو "حبرون" آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسبت سان هن شهر جو نالو الخليل مشهور ٿيو.

    [​IMG]
    هڪ روايت موجب مسجد ابراهيمي جي عاليشان عمارت سلطان صلاح الدين ايوبي ٺهرائي هئي ۽ هن شهر جو نالو "حبرون" مان بدلائي "الخليل" رکيو.

    [​IMG]
    هي شهر دنيا جي ڪجهه قديم ترين آباد شهرن مان هڪ آهي. ياد رهي ته فلسطين تي زبردستي قبضو ڪري اسرائيل جي يهودين هن شهر جو نالو بدلائي هڪ دفعو ٻيهر "حبرون" رکي ڇڏيو آهي.

    [​IMG] [​IMG] [​IMG]
    بائبيل ۾ هن شهر جو سڀ کان پهرين ذڪر حضرت ابراهيم عليه السلام جي خانداني قبرستان جي حثيت سان آيل آهي. بائيبل ۾ قريته اربع ۽ ممري جا لفظ حبرون لا استعمال ٿيل آهن.


    [​IMG]
    يروشلم کان پهرن حضرت دائود عليه السلام جي حڪومت ۾ هي شهر فلسطين جي گاڌي جو هنڌ هو.

    [​IMG]
    فلسطين جي تاريخ جي اهم جنگين ( رومي، مڪابي ۽ صليبي وغيره) دوران حبرون شهر تمام اهم هوندو هو.

    فلسطين جي شهر الخليل جي مسجد ابراهيم جي هال جي بلڪل هيٺ هڪ غار آهي جنهن ۾ الله رب العزت جي جليل القدر نبي سڳورن جون اصل قبرون آهن. ان غار ۾ اندر وڃڻ جا ٽي رستا آهن ۽ ٽئي رستا هاڻ مڪمل بند ڪيل آهن. غار جي بلڪل مٿان هڪ مسجد تعمير ٿيل آهي. جيتوڻيڪ اصل قبرون هيٺ غار ۾ آهن جن کي هاڻ ڏسڻ ممڪن نه آهي پر انهن جي مٿان قائم ڪيل مسجد ۾ به سندن قبرن جيان اڏاوتون تعمير ٿيل آهن ته جيئن هيٺ موجود اصل قبرن جي اصل جاين جي نشاندهي ٿي سگهي.

    [​IMG]
    مٿين تصوير مسجد الخليل جي آهي جيڪا سلطان صلاح الدين ايوبي تعمير ڪرائي هئي. ان کان اڳ هن جا جي هيٺيان نبين سڳورن سان منسوب ٿيل تاريخي غار هو. هاڻ ان مٿان اها مسجد موجود آهي.


    [​IMG]
    مسجد الخليل جي هيٺيان موجود غار ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام، حضرت اسحاق عليه السلام ۽ ٻين نبين ۽ سندن گهروارين جون قبرون اڄ به موجود آهن جيڪي تاريخي لحاظ سان بلڪل صحيح ثابت آهن.

    [​IMG]
    الخليل (حبرون) يروشلم(بيت المقدس) جي ڏکڻ طرف اندازن 36 ڪلوميٽر پري هي زيارت گاهه مسلمانن، عيسائين ۽ يهودين لا هڪ جيتري محترم ۽ مقدس آهي.

    [​IMG]
    نبين سڳورن ڏانهن منسوب تاريخي غار ۾ داخلا جو رستو، جيڪو هاڻ مڪمل بند ڪيو ويو آهي.

    [​IMG]
    حضرت ابراهيم عليه السلام جي قبر مبارڪ

    [​IMG]
    حضرت بيبي ساره عليه السلام جي قبر مبارڪ

    [​IMG]
    مسجد الخليل جو هڪ خوبصورت منظر
    [​IMG][​IMG]
    حضرت اسحاق عليه السلام جي قبر مبارڪ
    خواجه حسن نطامي دهلوي 8 جولا سن 1911ع ۾ فلسطين جي شهر "الخليل" جي زيارت ڪئي هئي. سندس سفرنامي ۾ جامع ابراهيمي بابت ذڪر آهي ته....
    " اسان مقام خليل الرحمان جي زيارت لا روانه ٿياسين. جتي الله پاڪ جا جليل القدر نبي سڳورا حضرت ابراهيم عليه السلام، حضرت اسحاق عليه السلام، حضرت يعقوب عليه السلام ۽ حضرت يوسف عليه السلام مدفون آهن. پهرئين دروازي جي ويجهو حضرت سليمان عليه السلام جي ٺهرايل هڪ وڏي ڀت آهي جنهن جي باري ۾ روايتون آهن ته اها جنات تعمير ڪئي هئي، هي ڀت اڄ تائين تمام مضبوطي سان قائم آهي. هڪ هڪ پٿر پنج يا ڇهه گز ڊگهو ۽ ويڪرو آهي. خبر ناهي ڪهڙي ڪاريگري سان کين ملايو ويو آهي جو اڄ تائين ڪو جوڙ نظر نٿو اچي.
    حضرت ابراهيم عليه السلام جو مزار مبارڪ تمام شاندار ۽ بلند آهي. تقريبن 30 گز بلند ۽ اوترو ئي ويڪرو هوندو. مزار مبارڪ تي قرآن پاڪ جي آيتن سان ڪڙهائي ٿيل غلاف چڙهيل رهندو آهي. مزار جي ويجهو زائرين نٿا وڃي سگهن. قبر مبارڪ جي چوڌاري هڪ چاندي جو ڪمرو ٺهيل آهي جيڪو هميشه مقفل رهي ٿو. زائرين ٻاهران اچي فاتحه پڙهندا آهن. حضرت ابراهيم عليه السلام جي مزار مبارڪ ڀرسان حضرت بيبي ساره عليه السلام جو مزار مبارڪ به آهي.
    ٻئي طرف حضرت يعقوب عليه السلام ۽ سندن گهرواري حضرت بيبي رفقه جو روضو پاڪ به آهي. مسجد جي اندر محراب جي ويجهو حضرت اسحاق عليه السلام ۽ سندن گهرواري حضرت بيبي لائقه جا مزار مبارڪ موجود آهن. هن مقام تي ترڪي رسم الخط جا ڪتبا آهن جيڪي سلطان محمد بن قلاؤن 782هجري بمطابق 1380ع جا لڳايل ڪتبا آهن. هڪ ڪتبو جيڪو حضرت بيبي ساره جي مزار تي لڳل آهي اهو سلطان عبدلحميد معزول شاه ترڪي جو لڳايل ڪتبو آهي. "

    [​IMG]

    نواب بهادر يار جنگ پنهنجي سفرنامي "سياحت ممالک اسلاميه" سن 1931ع ۾ لکن ٿا ته...
    " خليل الرحمان جي نالي سان هڪ ننڍي وسندي القدس کان 35 ميل جي فاصلي تي آهي. هتي هڪ وسيع غار ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام، حضرت بيبي ساره، حضرت اسحاق ، سندن گهرواري، حضرت يعقوب ۽ سندن گهرواري ۽ حضرت يوسف عليه السلام جن جا مزار مبارڪ آهن.
    بيان ڪيو وڃي ٿو ته هن غار جي چوڌاري سڀ کان پهرين حضرت سليمان عليه السلام هڪ اڏاوت تعمير ڪرائي هئي. جيڪا اڄ تائين موجود آهي. هن اڏاوت ۾ اڄ به اهڙا پٿر موجود آهن جيڪي ايترا وڏا آهن جن کي ڪرينن جي مدد کانسوا کڻڻ ۽ لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي. انهن کي ڏسي اهو مڃڻو پوندو ته ان زماني ۾ ڪرينون نه هيون ۽ اهي پٿر جنن ئي اتي لڳايا آهن. هن اڏاوت جي هڪ پاسي غار طرف وڃبو ته ستين ڏاڪي تي هڪ سوراخ آهي جنهن جي متعلق يهودين جو عقيدو آهي ته هي حضرت ابراهيم عليه السلام جي قبر مبارڪ تائين وڃي ٿو. يهودين کي ان سوراخ تائين وڃڻ جي اجازت آهي. هتي اچي اهي غم ۽ ڏک جو اظهار ڪري زاروقطار روئيندا آهن. مختلف عرضيون لکي سوراخن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. ڪيترائي ڏاڪا ٽپي مٿي وڃبو ته هڪ ڪشادي مسجد ۾ پهچجي ٿو جيڪا ان غار جي بلڪل مٿان تعمير ڪئي وئي آهي. هن غار ۾ ننڍا ننڍا حجرا ٺهرائي مختلف نبين سڳورن جا مزار الڳ الڳ ڪيا ويا آهن.
    مسجد جي اندر هڪ جا تي ننڍو سوراخ آهي. جتي هڪ شمعدان (قنديل) هميشه زنجير سان لٽڪيل رهي ٿو. ان سوارخ ذريعي غار جي گهرائي جو ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اولهه طرف مقبري جي پاسي هڪ ننڍو دروازو به موجود آهي جيڪو ڇهه سو (600) سالن کان بند آهي. مسجد ۾ قالين جو فرش ۽ آبنوس جو ٺهيل منبر آهي جنهن تي خط ڪوفي ۾ قرآني آيتون نقش ٿيل آهن. نهايت قيمتي شمعدان لڳرايل آهن ۽ بيحد قيمتي گهڙي به هڪ ڀت تي لڳل آهي. هي سڀ سلطين آل عثمان جون يادگارون آهن.

    حضرت يوسف عليه السلام جي مزار مباڪ بابت ڪجهه اختلاف آهي. ڪجهه عالم سڳورن جي خيال موجب سندن مزار مبارڪ مصر ۾ آهي، پر اڪثريت جي را موجب حضرت موسى عليه السلام سندن نعش مبارڪ هتي آڻي نبي سڳورن جي مقبرن جي وچ ۾ دفن ڪئي هئي."


    [​IMG]
    1993ع جي شروعات ۾ هڪ جنوني يهودي الخليل جي هن مسجد ابراهيمي ۾ داخل ٿي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ باجماعت نماز پڙهندڙ 76 مسلمان موقعي تي شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي سخت زخمي ٿي پيا هئا.

    [​IMG]
    ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هن ايتري مقدس ۽ تعظيم لائق شهر تي 1967ع کان اسرائيل جو قبضو آهي. الله جي آخري نبين جي آرام گاهه اڄ انهن لعنتي يهودين جي قبضي ۾ آهي. يهودين جي ظلم جي انتها ايستائين آهي جو انهن مسجد ۾ موجود نبين جي هن زيارت گاهه جي ديدار لا ٻه الڳ الڳ رستا مخصوص ڪري ڇڏيا آهن. هڪ رستو مسلمانن لا ۽ ٻيو رستو يهودين ۽ عيسائين لا آهي...!!

    فلسطين جو هي مقدس شهر ۽ هي مقدس مقام اڄ به ڪنهن صلاح الدين ايوبي جي انتظار ۾ آهي.

    هلندڙ.....
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 آگسٽ 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو