ممتاز قريشي
سينيئر رڪن
بني اسرائيل (يهودين) تي الله تعالى جون خاص عنايتون ۽ انهن جون نافرمانيون...!!!
قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي جاين تي اهو ذڪر ڪيو ويو آهي ته الله تعالى يهودين کي مختلف انعامن ڪرامن سان نوازيو هو ۽ انهن کي سڄي دنيا جي قومن تي فضيلت به عطا ڪئي هئي.
اي بني اسرائيلو اُھو منھنجو ڳڻ ياد ڪريو جيڪو مون اوھان تي ڪيو ۽ مون اوھان کي جھان (وارن) تي سڳورو ڪيو.
(سورت البقره 47)
مفهوم: اي بني اسرائيل! ياد ڪريو منهنجي ان نعمت کي جنهن کان مون توهان کي نوازيو هو ۽ ان ڳالهه کي ته مون توهان کي دنيا جي سڀني قومن تي فضيلت عطا ڪئي هئي.
هڪ ٻي جا تي الله پاڪ جو ارشاد ٿئي ٿو ته...

مُوسىٰ چيو ته الله کانسواءِ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران؟ جنھن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي.
(سورت الاعراف 140)
مفهوم: موسى (عليه السلام) چيو ته ڇا مان الله کانسوا ڪو ٻيو معبود توهان کي ڳولهي ڏيان..؟ حالانڪه اهو الله ئي آهي جنهن توهان کي سڄي دنيا جي قومن تي فضيلت عطا ڪئي آهي.

الله تعالى فلسطين ۾ ان عظيم الشان عبادت گاهه کي پنهنجي لا خاص ڪيو هو، الله پاڪ ان جي ماحول کي خوشحالي بخشي هئي ۽ ان مقدس سرزمين کي مشرڪن ۽ بدڪردارن کان آزاد ڪرائڻ جي ذميداري بني اسرائيل جي حوالي ڪئي هئي.
هن ذميداري جو ذڪر قران پاڪ ۾ هن طرح اچي ٿو...

اي منھنجي قوم پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نه ڦرو نه ته ڦري ڇيئي وارا ٿيندؤ.
(سورت المائده 21)
مفهوم: موسى (عليه السلام) چيو: اي منهنجي قوم جا ڀائرو! هن "مقدس سرزمين" ۾ داخل ٿي وڃو جيڪا الله تعالى توهان جي لا لکي ڇڏي آهي ۽ پوئتي نه هٽو نه ته ناڪام نامراد ٿي واپس ورندؤ.
جيئن مٿي فلسطين جي تاريخي ۾ ذڪر اچي چڪو آهي. ارضِ مقدس فلسطين ۾ ان زماني ۾ هڪ مشرڪ قوم جو قبضو ٿي ويو هو جيڪا وڏي ظالم ۽ جابر هئي. فلسطين کي انهي کان پاڪ ڪري اُتي ٻيهر الله تعالى جي حڪومت قائم ڪرڻ جو فرمان بني اسرائيل (يهودين) کي جاري ڪيو ويو هو پر افسوس يهودين اها ذميداري پوري نه ڪئي ۽ بني اسرائيل ان پاڪ زمين، مسجدالاقصى ، قبته الصخره کي مشرڪن جي حوالي ڪري ڇڏيو....!!
يهودين الله جي فرمان جو قدر نه ڪيو ۽ پو ان جي سزا کان به بچي نه سگهيا. تاريخ ۾ اچي ٿو ته اُهي چاليهه سالن تائين ريگستانن ۾ ڀٽڪندا رهيا. جنهن کان پو طالوت (ساؤل ) جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي وئي. ( طالوت جي بادشاهي ۽ تابوتِ سڪينه جو مختصر ذڪر اڳتي ايندو). بدقسمتي سان طالوت جنهن قوم جي غلامي کان فلسطين کي آزاد ڪرايو هو ڪجهه عرصي کان پو بني اسرائيل (يهود) انهي قوم جي مشرڪانه فعلن ۾ ملوث ٿي ويا ۽ پنهنجي بد عملن کان نه مڙيا. بني اسرائيل پنهنجن نبين جي ٻڌايل دين ۾ قسمين قسمين جو بدعتون شروع ڪري ڇڏيون ۽ اُهي ارضِ مقدس فلسطين کي پاڪ رکي نه سگهيا. وقت گذرڻ سان گڏ بني اسرائيل جا 12 ئي قبيلا پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ٿي ويا ۽ انهن ظلم ۽ زيادتين جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون..!!
فلسطن جي تاريخ جو اهو دور نهايت تاريڪ هو. دين جي تبليغ ۽ معاشري جي اصلاح بدران هر جا تي لُٽ مار شروع ٿي وئي هئي، بني اسرائيل جي سڄي قوم مشرڪن کي الله جي دعوت ڏيڻ بدران انهن سان شاديون ۽ مٽيون مائيٽيون ڳنڍڻ ۾ مصروف هئي. قوم جا سڀ فرد مشرڪن جي بدفعلين ۽ شرڪ وارن عملن کي روڪڻ بدران انهن جي هر بري عمل ۾ برابر جا شريڪ ٿيڻ لڳا.
قرآن پاڪ ۾ فرمان آهي ته....

۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارو نه آھي جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نه) موڪلي جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارا نه آھيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن.
(سورت القصص 59)
مفهوم: اسان وسندين کي هلاڪ ڪرڻ وارا نه آهيون جيستائين انهن جا رهاڪو ظالم نه ٿي وڃن.
آخرڪار جڏهن فلسطين کي انهن يهودين پنهنجي غرور ۽ تڪبر ۾ اچي فساد ۽ ظلم سان ڀري ڇڏيو ته پو الله تعالى جو عذاب انهن مٿان اچي پهتو. سورت بني اسرائيل جون مٿي ذڪر ڪيل 10 آيتون انهي طرف ئي اشارو ڪري رهيون آهن.
پو اسان پنهنجي ڪتاب ۾ بني اسرائيل کي ان ڳالهه تي خبردار ڪري ڇڏيو هو ته توهان ٻه ڀيرا زمين تي "فساد عظيم" برپا ڪندؤ ۽ وڏي سرڪشي ڏيکاريندؤ. آخرڪار جڏهن انهن مان پهرين سرڪشي جو موقعو آيو ته اي بني اسرائيل اسان توهان جي مقابلي تي پنهنجا اهڙا ٻانها آندا جيڪي نهايت زور آور هئا ۽ اهي توهان جي ملڪ ۾ گهڙي ويا ۽ هر طرف ڦهلجي ويا. هي هڪ وعدو هو جنهن کي پورو ٿيڻو ئي هو.
(سورت بني اسرائيل آيت 4 ۽ 5 جو مفهوم)
(سورت بني اسرائيل آيت 4 ۽ 5 جو مفهوم)
قرآن پاڪ جن ماڻهن طرف اشارو ڪري رهيو آهي اهي زبردست ۽ زور آور ماڻهو بابل جي فوج هئي. تاريخ موجب اتان جي حڪمران بخت نصر (Nebucadnazzer) فلسطين تي حملو ڪيو ۽ ان ظالم حڪمران جي هٿان فلسطين جي اها مقدس عمارت به جنهن کي الله جي برگزيده نبين تعمير ڪيو هو پهريون ڀيرو مسمار ٿي. ان حڪمران يهودين کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. پيغمبرن هٿان تعمير ٿيل ان مسجد جو نالو نشان ڌرتي تان مٽجي ويو ۽ "توريت" جا نسخا به ساڙايا ويا. ان کان پو بني اسرائيل جي قوم روس، ايران، روم، آزر بائيجان ۽ هنڌستان وغيره وغيره ۾ دربدر ڦرندي رهي.تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اندازن 100 سالن کان پو فارس جي شهنشاهه سائرس بني اسرائيل جي دشمن قوم کي شڪست ڏني. الله تعالى فارس جي شهنشاهه جي وسيلي هڪ ڀيرو ٻيهر بني اسرائيل جي مدد ڪئي ۽ انهن جي نسلن ۾ واڌارو به آندو. فارس جي شهنشاهه يهودين کي ٻيهر فلسطين وڃڻ جو فرمان جاري ڪيو ۽ پو حضرت عزيز عليه السلام فلسطين ۾ الله جي ان مقدس گهر کي ٻيهر تعمير ڪرايو. حضرت عزيز عليه السلام ڪلام الاهي "توريت" جي نسخن کي به ٻيهر جمع ڪرايو. ياد رهي ته حضرت عزيز عليه السلام اهي نبي آهن جنهن کي الله رب العزت 100 سالن تائين سمهاري رکيو، جنهن جو ذڪر قرآن جي سورت البقره جي آيت 259 ۾ آيل آهي.
بني اسرائيل کي فلسطين ۾ رهندي ڪافي عرصو گذري ويو. بني اسرائيل (يهودي) فلسطين ۾ ٻيهر عروج، شان شوڪت ۽ الله تعالى جي ڏنل انعامن ڪرامن ۽ ٻين قومن تي فضيلت ملڻ کان پو هڪ دفعو وري سڌي رستي تان هٽي ويا. روايتن ۾ اچي ٿو ته انهن سود جو ڪاروبار شروع ڪيو، حرام کي حلال ڪيو ويو ۽ الله جي مقرر ڪيل حدن کان ٽپڻ لڳا. وقت گذرڻ سان گڏ يهودي قوم ماضي وانگر بهتري بدران فساد طرف مائل ٿيڻ لڳي. انهن جي مڪاري ، بدڪرداري، ايمان کان ڦري وڃڻ ۽ الله جي نبين، رسولن کي قتل ڪرڻ جي نتيجي ۾ الله تعالى هڪ ڀيرو ٻيهر انهن تي عذاب نازل ڪيو.
تاريخ لکي ٿي ته بني اسرائيل جي هڪ ڀيرو ٻيهر ظالمانه عملن تي الله پنهنجي رسي کي ڇڪيو ۽ هن ڀيري عيسائي سلطنت جي جنرل Titus يهودين جو اهو برو حال ڪيو جو تاريخ ۾ موجود انهن داستانن کي پڙهندي روح کي ڏڪڻي ۽ جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا. جنرل ٽائيٽس يهودين جا ٻار، عورتون ۽ پوڙها وڏي بيرحمي سان قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ نوجوان قابل ماڻهن کي قيدي بڻائي انهن جي گهرن کي ساڙائي ڇڏيائين. فلسطين ۾ موجود "بيت الله" کي تهس نهس ڪيو ويو ايتريقدر جو سون ۽ زيورات جي لالچ ۾ ان مقدس مقام جي هڪ هڪ سِر پٽرائي ڇڏيائين..!!
قرآن پاڪ سورت بني اسرائيل جي ستين ۽ اٺين آيتن ۾ تاريخ جي ان ڀيانڪ داستان کي هن طرح بيان ڪري ٿو....
پو جڏهن ٻئي وعدي جو وقت آيو ته اسان ٻين دشمنن کي توهان تي مسلط ڪيو ته جيئن اهي توهان جون "شڪليون" بگاڙي ڇڏين ۽ "مسجد" (بيت المقدس) ۾ اهڙي طرح گهڙي وڃن جهيڙي طرح پهرين دشمن گهڙيا هئا ۽ جنهن شي تي انهن جو هٿ پوي اها تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏين. ٿي سگهي ٿو هاڻ توهان جو رب توهان تي رحم ڪري پر اگر توهان ٻيهر پنهنجي ساڳي روش برقرار رکي ته اسان به وري پنهنجي سزا کي دهرائينداسين ۽ ڪافر ماڻهن لا اسان جهنم کي قيدخانو بڻائي رکيو آهي.
(سورت بني اسرائيل جي آيت 7 ۽ 8 جو مفهوم)
محترم دوستو....جيڪڏهن غور ڪجي ته فلسطين ۽ مسجدالاقصى تي اهي حملا جن علائقن ۽ جن حڪمرانن ڪيا، اُهي موجوده يورپ جي ماڻهن جا بادشاهه هئا. تاريخ ۾ ان ساڳئي قسم جا حملاآور ۽ قوم ڳولهجي ۽ ڀيٽ ڪجي ته ظلم ۽ بربريت کي برداشت ڪندڙ هڪ ٻي قوم به ملي ٿي. اها قوم حضرت ذوالقرنين جي زماني ۾ ٻن جبلن جي وچ ۾ آباد هئي جنهن کي ياجوج ماجوج وڏي اذيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. ياجوج ماجوج جي سفاڪين ۽ ظلمن جي شڪايت حضرت ذوالقرنين سان ڪئي وئي هئي. جڏهن ڪڙي سان ڪڙي ملائبي ته اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اڄ جيڪو فلسطيني مسلمانن تي يهودين پاران طلم ڪيو پيو وڃي اهو انهن حملا آورن وانگر ئي آهي. ظالم بيرحم يهودي قوم ارضِ مقدس فلسطين تي پنهنجو زبردستي قبضو ڪري، اسرائيلي حڪومت جي قيام کان وٺي اڄ تائين فلسطين ۾ موجود لکين عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ساڳي درندگي سان شهيد ڪري رهي آهي جهيڙي طرح ماضي ۾ ياجوج ماجوج ان مظلوم قوم سان حشر ڪيو هو.
اسرئيلي يهودي فوجين پاران فلسطين ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيل ظلمن جون ڪجهه تصويرون...





بني اسرائيل (يهود) کي هاڻ آخري سزا ملندي....!!!
هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ماضي کي ورجائيندي بني اسرائيل (يهودي) پنهنجي پراڻي روش کي قائم رکندي اڄ جي هن جديد دور ۾ به ظلم ۽ بربريت جا نوان مثال قائم ڪري رهيا آهن.
الله تعالى جو فرمان آهي ته... "پر جيڪڏهن توهان ٻيهر پنهنجي ساڳي روش برقرار رکي ته اسان به وري پنهنجي سزا کي دهرائينداسين ۽ ڪافر ماڻهن لا اسان جهنم کي قيدخانو بڻائي رکيو آهي."
غور ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته الله پاڪ پاران بني اسرائيل کي هاڻ جيڪا سزا ملندي اها سندن آخري سزا هوندي جيڪا اڄ جي ظالم، فسادي يهودين کي ڏني ويندي. ڇاڪاڻ جو انهن الله جي آخري رسول حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جو انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ الله طرفان ڪو به ٻيو نبي انهن کي خبردار ڪرڻ نه ايندو...!!
فلسطين جو اهو Second Temple جنهن جي يهودي ان وقت حفاظت نه ڪري سگهيا جڏهن اهي ماضي ۾ فلسطين جا حڪمران، شان شوڪت وارا، وڏا باعزت ۽ طاقتور هئا هاڻ اهو Temple وري ٺهرائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي آهي. اهي پرعزم آهن ته هيڪل سليماني کي ٽيون ڀيرو Third Temple جي نالي سان حقيقت جو روپ ڏيندا.
اسان اڄ ڏسي رهيا آهيون ته فلسطين ۾ باقائده سوچيل سمجهيل عالمي سازش سان يهودين کي ٻيهر آباد ڪيو ويو آهي ۽ سندن ماضي وانگر ظلم ۽ جبر وارا عمل ٻيهر دهرائڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته الله تعالى جي ان سزا جو وقت به قريب اچي چڪو آهي.
هلندڙ....
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: