100 سال جيئرا رهو

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    100 سال جيئرا رهو​

    نوٽ؛ هڪ انگريزي ليک تان ترجمو
    [​IMG]
    ________________________________________
    حياتي ۽ موت ته الله جي هٿ ۾ آهي پر تنهن هوندي به جيستائين جيئرا آهيون ڇونه صحت ۽ عزت سان رهون ... اچو ته چار اهڙا طريقا سکون جنهن سان ڳچ عرصو صحت ۽ عزت سان زندگي گذاري سگهجي ...

    ڪجهه سال اڳ سئو سالن کان به وڌيڪ زنده ۽ صحت ۾ ڀڙ انسانن کان پڇيو ويو ته اوهين ايترا سال ڪئين گذاريا ۽ اوهانجي صحت جو راز ڪهڙو رهيو ته ڪجهه اختلافي ڳالهين سان گڏ جيڪي هڪجهڙيون ڳالهيون سڀني ٻڌايون سي هي آهن ...

    1. جسماني ؛
    جيئن جيئن اوهان وڏي عمر ڏانهن قدم رکندا آهيو تيئن تيئن اوهانکي جسماني ڦڙتيءَ جي ضرورت اڳي کان وڌيڪ رهندي آهي ... روزانه جسماني مشقت کي اوهان يقيني ٺاهيو، پنهنجي روزمرهه جي ڪار وهنوار کي اهڙو ته منظم ڪريو جو ننڍا ننڍا عمل به اوهانجي جسم جي ڦڙتي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. روزاني جو گهمڻ، ڏاڪڻيون لهڻ چڙهڻ يا وري اهڙيون عادتون اختيار ڪيو جنهن سان اوهانجو جسم ڦڙت رهي، مثلن باغباني، ڪا راند روند يا وري پهاڙي علائقو هجي ته پهاڙن تي چڙهڻ يا وري سڌو هموار زراعتي علائقو هجي ته ٻنيون گهمڻ ۽ جي درياهي ۽ نهري علائقو هجي ته ترڻ وغيرهه .... مطلب ايترو ڪجهه ڪجي جو روزانه اوهانجي جسم مان پگهر وهي نڪري .... جنهن سان اوهانجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿئي، جنهن سان اوهانجي ڦڦڙن کي تيز ۽ تڪڙن ساهن کڻڻ ۾ مدد ملي ...

    2. واڌو ذهن ؛
    پاڻکي کلمک، بردبار ۽ سهڻو رکڻ گهرجي، ۽ انجي اهميت انڪري آهي ته ان سان اوهين پنهنجي ڇڪتاڻ تي قابو ڪري سگهوٿا ۽ دل جي بيمارين کي روڪي سگهوٿا، اوهان پنهنجو پاڻکي شيشي ۾ هروروز ڏسو ۽ پنهنجي چهري جي تازگيءَ کي برقرار رکو ۽ شيشي جي سامهون پنهنجو پاڻ سان واعدا ڪريو ته اوهين واڌو سوچ رکندا، پاڻ کي تازو ۽ توانو رکندا ۽ پنهنجي ذهن ۾ ڪنهن به ڪاٽو قسم جي خيال کي جڳهه نه ڏيندا ...

    3. سماجي؛
    رشتيداريون ۽ دوستيون اوهانجي صحتمند زندگيءَ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اوهانکي پنهنجي پئدا ڪيل سٺي ماحول مان مزو ماڻڻ گهرجي، اوهين پنهنجن انهن رشتيدارن ۽ دوستن سان گهڻو وقت گذاريو جن سان ملي اوهانکي دلي مسرت حاصل ٿيندي هجي، ڪي اهڙيون اوطاقون جت اوهان ويهي پنهنجو پاڻکي وندرائي سگهو يا وري سماجي ڀلائيءَ جي ادارن ۾ وڃي پاڻ کان گهٽ درجي يا ضرورت مند ماڻهن جي مدد ڪريو. پنهنجي هم خيال ماڻهن سان گڏ گذارڻ سان اوهانکي جيڪا خوشي ملي ٿي سا اوهانکي صحتمند رکڻ ۾ سگهاري مدد ڪري ٿي.

    4. روحاني؛
    پنهنجي پنهنجي مذهب جي اصولن کي مڃيندي انهن جي پوئواري ڪندي، فطرت ۽ قدرت جو مشاهدو ڪريو ۽ رب جي شڪرگذاري ڪندي، هرروز خئير ۽ ڀلائي جا عمل ڪريو، عبادت ڪريو ۽ پنهنجي ذات کي پنهنجي خلقڻهار جي حوالي ڪريو ... شڪرگذاري واري جذبي سان اوهان پاڻ ۾ ڪا ڪمي محسوس نه ڪندا ۽ اوهانجي صحت ۽ شخصيت ۾ اهڙو ته بدلاءَ ايندو جو اوهين سڪون جي ننڊ ڪندا ۽ پاڻکي اعلا درجي جو انسان سمجهندي پنهنجي عمر ۾ اضافو ڪندا رهندا ....

    مطلب ته حيات رهڻ ڪا ڳالهه ناهي پر پاڻ کي زندهه رکڻ وڏي ڳالهه آهي ... پنهنجي جسم، ذهن، روح ۽ پنهنجي آس پاس جي ماحول کي زنده رکو ته اوهانجي عمر جيتري به هوندي پر صدين کان به وڏي هوندي، بلڪل ان پهاڪي جيئان ته ؛

    ”گدڙ جي سئو ساله زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي“​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    ”گدڙ جي سئو ساله زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي بهتر آهي“
    سائين منهنجا تمام بهترين شيئرنگ آهي، سائين توهان جي اهڙين ناياب لکڻين اسان جي جسماني ۽ ذهني طاقت بخشي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    دعا آهي ته اوهان انهيءَ جسماني ۽ ذهني طاقت سان ڀرپور زندگي گذاريو ۽ جيترو به جيئو زندگيءَ سان گذاريو ۔۔۔:x
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    سائين ابڙا صاحب سڀ جا سڀ نقته سون برابر آهن، ۽ اهيا حقيقت آهي، دعا آهي ته رب پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق ڏئي، آمين، اوهان جي اهيا ونڊ تمام گهڻي وڻي، ۽ مزو اچي ويو، الله توهان کي خوش ۽ آباد رکي آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    ادا ممتاز، همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔ بس سڌي راهه موجود آهي، اسانکي اڳتي وڌڻو آهي ۔۔۔ سٺي صحت سان پروقار زندگي گذارڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي ۔۔۔
     
  6. muhammad awais soomro

    muhammad awais soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    وا سائين وا واه جون ٽپس ٻڌايون اوهان ۔
     
  7. ناصر علي

    ناصر علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 مئي 2010
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    ادا مهرباني اهڙيو ڳالهيون شيئر ڪرڻ جون۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    تمام سٺي شيئرنگ آهي سائين
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    سائين ابڙا صاحب،
    حق موجود
    اوهان جي مهرباني سائين جو اوهان اسان کي زندگي گذارڻ لا۽ بهترين ٽپس کي ترجمو ڪري پيش ڪيو

    الله تعالى اسان کي انهن عملن تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي

    تمام بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    دوستن جا لک ٿورا جن هن ليک کي پسند ڪيو، بيشڪ ڪي ڳالهيون صرف ۽ صرف عمل ڪرڻ لاءِ هونديون آهن ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته ڳالهين سان اولاد ناهي ٿيندي ۽ ڳالهين سان ڪاميابيون ناهن ٿينديون

    انڪري عمل سان ٺهندي آهي جنت به دوزخ به۔۔۔

    وتائي فقير جيئان ڏيندو رب آهي پر کنگهڻ کڻڪڻ سان ۔۔۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    سائين نثار مهرباني

    سڀ ڳالهيون لَکن جون آهن۔ ڪنهن تي لکجي۔

    ادا ڪوشش ته ڏاڍي ٿا ڪيون ته پاڻ کي کلمک رکون پر هت نا انصافيون ڏسي اها کِل گم ٿيو وڃي۔

    پوء اوهان جا قرب جو اوهان دانائي ۽ ڏاهپ ڀريا نقطا ونڊ ڪيا آهن۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    سائين نثار ابڙو صاحب جڙيو هجين شال

    تمام ڪارئتيون ڳالهيون ونڊيون اٿئو انهن تي عمل ڪرڻ سان انسان بلڪل تازو ۽ توانو رهي ٿو

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    ادا وساڻ! اڄ هڪ حديث نظر مان گذري حاضر آهي؛

    عبد الله بن حارث کان روايت آهي ته؛ ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ رسول اڪرم کان وڌ ڪو به مسڪرائيندڙ شخص نه ڏٺو آهي“
    ترمذي 26412

    ادا وساڻ! تصور ڪريو ان ٻاجهاري شخص جو جنهن جي آڏو امت جو بار، معاشرتي مسئلا، ڪفارن ، مشرڪن جون سازشون هجن ۽ هو مسڪرائيندو رهي ۔۔۔!!!

    اصل ۾ ڏکيائن جي باوجود مسڪرائڻ بهادريءَ ۽ بردباريءَ جي نشاني آهي، انڪري اسانکي هميشه پاڻ کي سنڀالڻ گهرجي ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    سائين نثار سلام

    ڏاڍي ڪوشش ٿا ڪيون پر پوء به الاهي ڏکيايون آهن۔ پر وري مسڪرائڻ ٿا لڳون۔



    سائين بيشڪ سچ آهي پر ڪٿي هو رسول الله صه ۽ ڪٿي اسان نا چيز ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر پوء به ڪوشش ۾ آهيون ته نبي پاڪ صه جي زندگيء کي مثال بڻائي ڪم ڪيون۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    ادا نثار تمام بهترين معلومات آهن۔ پر اهي سڀ ڳالهيون اسان کي قرآن ۽ حديث ۾ بهتر انداز ۾ ملن ٿيون۔ مثال طور حديث ۾ته ڪجهه جي شين جي قدر ڪريو۔ جواني جي پوڙاهپي کان اڳ۔ صحت جي بيماري کان اڳ۔ وغيره۔ قرآن مجيد ۾ به ڪجهه مومنن کي ”فتى چيو ويو آهي يعني اهي هميشه جوان آهن جئين اصحاب ڪهف” انهم فتيه آمنوا بربهم“ قرآن هميشه اسان کي ”قيام ۽ جهاد“ جو حڪم ڏنو آهي۔ مثبت سوڇ لاءِ غيبت ڪنهن جي لاءِ سوچڻ کان منع ڪيو ويو آهي۔مطلب ته اسان جي جامع ۽ ڪامل دين اهي شيون اڳ ئي اسان کي سمجهائي ڇڏيون آهن پر ضرورت عمل جي آهي۔ الله سائين اسان کي عمل جي توفيق عطا ڪري۔آمين۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    بيشڪ محترم اوهان سچ چيو آهي ته اهي سڀ شيون اسانجي دين ۾ آهن، ۽ مٺا ڀاءُ آءُ هميشه اهڙي شئي ونڊ ڪندو آهيان جيڪا اسانجي دين سان مشابهه هجي مخالف نه هجي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اسانجو دين آهي ئي سراسر سلامتي ته پوءِ برائيءَ جو سوال ئي ناهي ۔۔۔

    انساني فطرت آهي ته ڪنهن عام ماڻهونءَ جي وڏي ڳالهه به ٻڌي اڻٻڌي ڪندو آهي ۽ ڪنهن وڏي ماڻهونءَ جي عام ڳالهه به وڏي محسوس ڪندو آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۔۔۔ انڪري پراڻا ماڻهون پنهنجيون ڳالهيون به ڪيترن اهم ماڻهن سان منسوب ڪري ڇڏيندا هئا ۔۔۔

    خئير چڱائي حاصل ڪريو برائي ختم ڪريو ۔۔۔ خس ڪم جهان پاڪ ۔۔۔

    لک ٿورا اوهانجا ۔۔۔
     
  17. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    ادا اڄ جي دور ۾ ساه کڻڻ جيترو ٽائيم مس ٿو ملي هقيقت ۾ انهن شين کان جيئن پري ٿيندا ٿا وڃون تيئن جلد پوڙها ۽ ڪمزور ٿيندا ٿا وڃو ۽ جلد وڃي کٽ ڀيڙو ٿا ٿيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 100 سال جيئرا رهو

    سائين محترم ممتاز، اوهان ته شاعر ماڻهون آهيو، فطرت کي ويجهڙائي سان محسوس ڪرڻ وارا ، اوهان جنهن جا تان بيهي تصوير ڇڪرائي آهي سا جڳهه به حيات رهڻ ۾ مددگار آهي، ڀلا رب جي ڪهڙي نعمت آهي جيڪا اسانکي خوش رهڻ لا نٿي اڀاري ۔۔۔۔ سج چنڊ تارا ڪتيون ۽ خود رات جي اونڌائي پڻ اسان لا خلقيل آهي ۔۔۔

    اي انسان ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندي ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔ همٿ مردان مدد خدا
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
  20. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    موضوعاتي اعتبار کان ليک وڻيو۔اوهان جو اسلوب (ڊڪشن)به ڏاڍو موهيندڙ آهي انداز بيان واقعي به اوهان کي اچي ٿو، منهنجي دل وٽان هن ۾ ڳالهيون آهن۔ترجمو وري ان کي سنڌي سٽا ۽ ماحول ۾ آڻن جيتوڻيڪ اوکائي جهڙو ڪم آهي جيڪو اوهان ڪاميابي سان ڪري ڏيکاريو آهي ان ڏس ۾ کيرون لهڻو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو