گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
اخبار جو ڇاپو هتي ڏِسو ۽ پڙهو.
ٻولي ۾ ڌارين لفظن جو استعمال ۽ تُرڪي ٻولي جو بااختيار اِدارو
گورڌن ولاسائي
وڏي عرصي کان جاري قومي سطح تي پنجابي، سنڌي، پشتو، بلوچي ۽ ٻين ٻولين جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ واري بل جي اسيلمبلين مان رد ٿيڻ يا پاس ٿيڻ واري بحث کي پاسيرو رکندي، اسان اهو ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته تُرڪي ملڪ ۾ سندن ٻولي کي ڌارين ٻولين جي اثرن کان پاڪ ڪرڻ ۽ ٻولي جي ترقي لاءِ کنيل مستقل قدم ۽ اسان پاران سنڌي ٻولي کي ڏنل مقام کي هڪ عام شاگرد پاران ڪيئن پيو ڏٺو وڃي.
ڪجهه ئي مهينا اڳ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي بيس بال جي هڪ جڳ مشهور رانديگر ڊيوڊ اورٽز سان گڏ وائيٽ هائوس ۾ ڇڪيل پنهنجي پاڻ تصوير، جنهن کي سيلفي چون، اها ڏاڍي مشهور ٿي. انٽرنيٽ تي، سوشل نيٽورڪس تي هر جاءِ تي ان تي بحث مباحثي سان گڏ خوشي جو اظهار پئي ڪيو ويو. گڏوگڏ سال 2014ع جي آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙن جي پڻ هڪ سيلفي، جيڪا ايلن ڊيگينيرز ڪڍي هُئي، مشهور ٿي، ايتري ته مشهور ٿي جو هاڻي اهو لفظ سيلفي انگريزي اربن ڊڪشنري جو حصو ٿي ويو آهي. اربن ڊڪشنري انٽرنيٽ تي موجود هڪ ڊڪشنري آهي جنهن ۾ رضاڪار روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ شامل ڪندا ويندا آهن.اُترين ترڪي جي رهاڪو سنڌي ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري انهي ڳالهه تي حيرانگي کائيندي چوي ٿو ته يار، عجيب ڳالهه ته اڄڪلهه ڪهڙي به تقريب هُجي، رانديگر هُجن، راند ڏسندڙ تماشائي هُجن، فلم بين هُجن يا فلم جا اداڪار، شاگرد هُجن توڙي پڪنڪ تي آيل گروپ هُجن سڀڪو انهي سيلفي نالي بُخار جو جو شڪار آهي!!! ٻئي ڪنهن کي منٿ ميڙ ڪري تصوير ڪڍرائڻ کان لهرائيندي هرڪو سيلفي مان ڪم هلائڻ ۾ عافيت پيو سمجهي. توڙي جو مارڪيٽ ۾ موجود ڊجيٽل ڪيمرائون مخصوص ڏنل وقت تي پاڻهي تصوير ڪڍڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
اوزچيڪم، جي ها، هي آهي اهو لفظ، جيڪو تُرڪن پنهنجي ٻولي ۾ نئون آندو آهي سيلفي جي جاءِ تي. دلچسپي جي ڳالهه اها ته تُرڪي ٻولي ۾ هر انگريزي ۽ ٻي ڪي ڪنهن به ڌاري ٻولي جي لفظ لاءِ ان جو ترڪ نعم البدل موجود آهي. اهو ڪم اصل ۾ شروع ٿيو سنه 1932ع ۾، جڏهن تُرڪي جي باباءِ قوم مصطفى ڪمال اتاتُرڪ انقلابي قدم کڻندي Turkish Language Research Society جي نالي سان هڪ قومي تحقيقي ادارو قائم ڪيو، جنهن جو هيڊڪوارٽر انقره ۾ قائم ڪيو ويو. جنهن کي هلائڻ لاءِ ملڪ جي مشهور عالمن، اديبن، شاعرن ۽ صحافين کي مُڪمل اختيار ڏنا ته تُرڪي ٻولي جي خوبصورتي ۽ شاهوڪاري کي قائم دائم رکڻ ۽ ڌارين ٻولين جي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ جنگي بُڻيادن تي ڪم ڪيو وڃي. جن جي ڏينهن رات جي لڳاتار محنت کان پوءِ هاڻي تائين تُرڪي ٻولي کي جديد بُڻيادن تي دنيا جي شاهوڪار ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ اثرانداز ٿيندڙ ٻولي کان اڄ تائين به آجو رکندا پيا اچن. پنهنجي ٻولي جي بقاء لاءِ تُرڪ ايترا ته اڳتي نڪري پيا جو ڪجهه سالن تائين اهي مسجدن مان ٻانگ به تُرڪي ٻولي ۾ ڏيندا هُئا. انهن جو چوڻ هو ته ٻانگ ته هڪ قسم جو سڏ آهي عبادت لاءِ، ڇونه ان کي پنهنجي ئي ٻولي ۾ ڏجي جيئن سڀ سمجهي سگهن. پر ڪجهه سالن کان پوءِ 16 جولاءِ 1950ع کان عدنان مينديريس جي حڪومت دوران واپس عربي ۾ ٻانگ ڏيڻ لڳا، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي.
انهي اداري جو هڪ انقلابي قدم اهو چئبو جو انهن تُرڪي ٻولي کي عربي لپي مان مُڪمل آجو ڪري، حليم بروهي واري سنڌي جو روپ ڏنو، يعني رومن لپي ۾ آندو. جنهن کان پوءِ ٻولي جا سڀئي ماهر، شاگرد اُستاد، ڄاڻو سڀ لڳي ويا ان ڪم کي جو انهن ڪجهه ئي سالن ۾ سمورو تُرڪي ٻولي جو مواد رومن لپي ۾ تبديل ڪري ورتو. انهي قدم کي انقلابي قدم انهي ڪري به چئجي جو هاڻي سڄي بُڻيادي توڙي سائنسي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏني وڃي ٿي، جنهن جا فائدا هنن ئي صفحن تي ڪافي ليکڪ بيان ڪري چُڪا آهن. پاڻ وارا همراه وري اهو چون ٿا ته انگريزي سکڻ کان سواءِ اسان پوئتي رهجي وينداسين. تُرڪي ۾ يونيورسٽي جي حد تائين سموري تعليم تُرڪي ٻولي ۾، ان کان پوءِ انجنيئرنگ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل شعبن ۾ داخلا کان پوءِ هڪ سال انگريزي سيکاري وڃي ٿي. اهي ته پوئتي ڪونه پيا رهجن، ملڪ جي سموري سالياني اُپت جي حساب سان دنيا جي 20 وڏن ملڪن ۾ شامل آهي.
هر مخصوص وقتن تي ٿيل گڏجاڻين ۾ اربن ڊڪشنري توڙي روزمره جي زندگي ۾ ٻي ٻولي جي ٿاڦيل هر نئين آيل لفظ لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ نئون لفظ ٺاهي پيش ڪندا آهن. هڪ تُرڪ دوست موجب اهي کل جوڳا هوندا آهي، پر جلد ئي سڀ انهي نئين لفظ کي استعمال ڪندا آهن. جيئن اسان جو مهراڻ يونيورسٽي جو هڪ پروفيسر دوست حتي الامڪان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ سنڌي ٻولي جا لفظ ئي استعمال ڪندو آهي، جيئن ٽي وي کي ڏور ڏسڻي، ٽيلي فون کي ڏور ٻڌڻي...... سندس ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ ڊپارٽمينٽ جو نالو سنڌي ۾ لکيل آهي. سنڌي ٻولي جي بهتري لاءِ حيدرآباد جي ڄامشورو روڊ تي هڪ بهترين اسڪول سندس نگراني ۾ قائم آهي جنهن ۾ سنڌي ٻولي ۾ بُنيادي تعليم ڏني وڃي ٿي، گڏوگڏ ثقافتي ۽ عملي هُنر به سيکاريا وڃن ٿا.
تُرڪي جي گادي واري هنڌ انقره شهر جي هڪ يونيورسٽي، هجيتيپي يونيورسٽي ۾ هڪ تحقيقي ڪم دوران تُرڪ دوست مون کي ڪنهن پاڪستاني دوست سان فون يا اسڪائپ وغيره تي ڳالهائيندي ٻڌندا آهن ته ڏاڍو حيران ٿيندا آهن ته توهان ته تقريبن اڌ انگريزي پيا ڳالهايو، توهان جي پنهنجي ٻولي ناهي ڇا؟ توهان ته چوندا آهيو ته توهان جي پنهنجي شاهوڪار ٻولي آهي، وڏا شاعر ۽ اديب آهن، 52 اکر آهن ٻولي ۾. توهان لاءِ ته تمام آساني هُجڻ گهرجي نوان لفظ ٺاهيندي! جنهن سان سئو سيڪڙو متفق ٿيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ڪونهي. تُرڪ پنهنجي ٻولي خاطر ايترا ته ديوانا آهن جو آئون گاڏڙ ساڏڙ ترڪش ڳالهائيندو آهيان ته سڀ پيا گد گد ٿيندا آهن. ڪي ته ماڳهين چون ته تُرڪي ٻولي جو هڪ جملو چئين ته چانهه جو ڪوپ پياريان.
حيرانگي جي ڳالهه اها به آهي ته ڪافي سال پهريان مهراڻ يونيورسٽي، ڄامشورو جي هاسٽل ۾ رهڻ دورن منهنجا اُتر سنڌ جا دوست مون تي ڏاڍو کلندا هُئا، جڏهن مون کي سنڌي ٻولي جا لفظ لاڙ جي لهجي ۾ ڳالهائيندي ٻڌندا هُئا، جيئن، ادا پکو ته بند ڪر، بتي ته چالو ڪر، هلو ته هلي ماني کائون، ڪُرسي اورتي کسڪائي اچ، تنهنجو ڪوپ ڪٿي آهي؟. سندس چوڻ هو ته انهي جي جاءِ تي مون کي چوڻ گهُرجي ته فين ته آف ڪر، لائيٽ ته آن ڪر، هلو ته لنچ ڪريون، چيئر کي ڪلوز ڪر، تنهنجو ڪپ ڪٿي آهي؟. انهن مان هڪ ايترو ته انگريزي ٻولي جو شيدائي هو جو مذاق خاطر ئي سندس چوڻ هوندو هو ته آئون پنهنجي ايوريڊي لائيف ۾ ريرلي انگلش لينگويج جا ورڊس يوز ڪندو آهيان.
سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ قائم سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي ڪيل اُپٽار کي ڏسندي هاڻي اُن اداري کي بي اختيار ادارو ٿا چون. توڙي جو آئون سائنس ۽ انجنيئرنگ جو شاگرد آهيان، تنهن هوندي به ٻولي جي بگاڙ ۽ ان کي مستقبل لاءِ سگهارو ۽ قائم دائم رکڻ لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششن جو قائل آهيان. انفرادي طور تي اسين ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ سنڌي جا لفظ استعمال ڪريون، پنهنجي ايندڙ نسلن کي به انهن شين ڏانهن متعارف ڪرايون. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ماجد ڀرڳڙي کان سواءِ ٻين کي به اڳتي اچي سنڌي ٻولي جي بچاءُ لاءِ عملي ڪم ڪرڻو پوندو. نه ته جيڪڏهن ٻولي جي بقاء ۽ واڌ لاءِ اسان جو پنهنجو اهو حال هوندو ته ٻين 70 سالن کان آيل انهن مستقل مهمانن تي ڪهڙي ميار ڪريون جن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي ڏاڍي ڏکي آهي، جڏهن ته اُهي ڊينش، فرينچ، جرمن، ڊچ، پولش ۽ ٻيون ٻوليون هڪ سال ۾ ئي سکي ڀڙ ٿي ٿا وڃن، جيئن 3 مهينن ۾ ئي آئون ڪُجهه تُرڪي سکي ويو آهيان، گهٽ ۾ گهٽ گِٽپِٽ ته ڪيڏانهن ڪونهي وئي.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: