ايس ايم درس
سينيئر رڪن
پروفيسر انيتا غلام علي
پروفيسر انيتا غلام علي جنھن کي پنھنجائپ مان آپا انيتا سڏيو ويندو ھو، سنڌ جي مشھور علمي ادبي گھراڻي سان تعلق رکيو ٿي. شمس العلماءِ ــ قيصر ھنڌ مرزا قليچ بيگ سندس پڙ نانو ھو. ھن 1960ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم ايس سي مائڪرو بائلاجي ۾ ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڪاليج فار وومين فريئر روڊ ڪراچي مان 1954ع ۾ ڪئي آپا انيتا والد صاحب جي وقفي وقفي سان ٿيندڙ بدلين سبب گھڻن ئي اسڪولن ۾ پڙھي جڏھن ته ميٽرڪ ان وقت سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. جو تنھن وقت يونيورسٽي ميٽرڪ جا امتحان وٺندي ھئي. آپا انتيا اٽڪل 22 سال سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي سربراھ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رھي.
ھو سنڌ حڪومت ۾ ٻه ڀيرا تعليم، ثقافت ، سائنس ٽيڪنالاجي، نوجوان ۽ راندين جي وزير رھي چڪي ھئي. پھريون دفعو 1996 کان 97 تائين ٻيو دفعو 1999 کان 2002 ع تائين ھو ريڊيو پاڪستان جي ڏيھي پرڏيھي نشريات ۾ خبرن واري شعبي سان انگلش نيوز ڪاسٽر (انگريزي خبرون پڙھندڙ) جي حثيت سان اٽڪل ويھه سال لاڳاپيل رھي.
تعليم، عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ سماجي مسئلن بابت سوين مضمون لکيا. جن مان گھڻائي ملڪي ۽ غير ملڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيا. ڪيترن ئي سرڪار ۽ خانگي ادارن سندس صلاحيتن مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس اعزازي عھدن تي پڻ پاڻ وٽ اھم جاءِ ڏني.
پاڪستان سرڪار سندس خدمتن جي مڃتا طور 1999ع ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ 2004ع ۾ ستاره امتياز سان نوازيو. سندس شمار سنڌ توڙي پاڪستان جي وڏن تعليمي ماھرن ۾ ٿيو ٿي.
اڄ 8 آگسٽ 2014 ع اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي وئي. سندس اھو وڇڙو اسان لاءِ بيحد ڏک ۽ افسوس جو سبب بڻيو. اسان سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏھن به وساري نه ٿا سگھون.

پروفيسر انيتا غلام علي جنھن کي پنھنجائپ مان آپا انيتا سڏيو ويندو ھو، سنڌ جي مشھور علمي ادبي گھراڻي سان تعلق رکيو ٿي. شمس العلماءِ ــ قيصر ھنڌ مرزا قليچ بيگ سندس پڙ نانو ھو. ھن 1960ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم ايس سي مائڪرو بائلاجي ۾ ڪئي. انٽر گورنمينٽ ڪاليج فار وومين فريئر روڊ ڪراچي مان 1954ع ۾ ڪئي آپا انيتا والد صاحب جي وقفي وقفي سان ٿيندڙ بدلين سبب گھڻن ئي اسڪولن ۾ پڙھي جڏھن ته ميٽرڪ ان وقت سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين. جو تنھن وقت يونيورسٽي ميٽرڪ جا امتحان وٺندي ھئي. آپا انتيا اٽڪل 22 سال سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اي ايف) جي سربراھ مئنيجنگ ڊائريڪٽر رھي.

آپا انيتا ۽ مسرت ذوالفقار
تعليم، عورتن، ٻارن، نوجوانن ۽ سماجي مسئلن بابت سوين مضمون لکيا. جن مان گھڻائي ملڪي ۽ غير ملڪي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڇپيا. ڪيترن ئي سرڪار ۽ خانگي ادارن سندس صلاحيتن مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس اعزازي عھدن تي پڻ پاڻ وٽ اھم جاءِ ڏني.

اڄ 8 آگسٽ 2014 ع اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي وئي. سندس اھو وڇڙو اسان لاءِ بيحد ڏک ۽ افسوس جو سبب بڻيو. اسان سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏھن به وساري نه ٿا سگھون.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: