سفر جو سانباهو
اسان جي منزل گوگل ميپ جي ٿورن سان ورتل هوائي سفر جو خاڪو
سڄي دُنيا ۾ ڪانفرنس سيمينار يا سمپوزيم نالي سان ميڙاڪا ٿيندا رهن ٿا جن ۾ سائنس توڙي آرٽ جي شعبن جا مُحقق توڙي لاڳاپيل ٻين شعبن جهڙو ڪر صنعت وغيره جا ماڻهو اچي پنهنجو ڪيل تحقيقي/تخليقي ڪم پيش ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪا ڪانفرنس گهڻي مڃتا ماڻي وٺي ته اها ورائي ورائي به ڪندا آهن جيئن ڪتابن جا وڌيڪ ايڊيشن يا فلمن جا نوان پارٽ پيا ٺهندا آهن. اهڙي ئي هڪ ميڙاڪي جو ذڪر ڪبو جيڪو 1999 ۾ ڪئنيڊا جي هڪ مهان سائنسدان پروفيسر پالسيمان ڪئنيڊا ۾ ڪوٺايو. انهيءَ ۾ مختلف مادي شين مان گهُربل ڪمائتي شئي کي وڌ کان وڌ آساني سان ڪڍڻ جي ٽيڪنڪس تي ڳالهايو ويو. جنهن کي انگريزي جي لفظ Extraction سان لکيو ويندو آهي. ڪانفرنس جو نالو به ايڪسٽريڪشن ٽيڪنالاجي هو جنهن کي مخفف طور ExTech لکيو ويو. ExTec-1999 کان پوءِ لڳاتار مختلف يورپين يا ٻين اولهه جي مُلڪن ۾ ٿيندي رهي پر پهريون دفعو 2011 ۾ ExTech-2011 ايشيا ۾ منعقد ٿي جنهن لاءِ ملائيشيا جي مشهور شهر ڪوالالمپور جي چونڊ ڪئي وئي. هن ناچيز کي انهيءَ ۾ گورنمنٽ جي خرچ تي وڃي حِصو وٺڻ جو موقعو مليو. سُٺي ڄاڻ ۽ وڏن ماڻهن سان قربت ملڻ جي ڪري ٻيهر به اهڙو شؤق ڄاڳيو. پر اها ڪانفرنس 2012 ۾ اٽلي ۽ 2013 ۾ برازيل ۾ ٿي. جتي پُهڄڻ ڏُکيو هو. 2014 ۾ هن جو وارو دُنيا جي تاريخ ۾ وڏو مقام رکندڙ مُلڪ يونان ۾ ٿيو. جتي به بس ويندي ويندي رهجي ويس. ڇو ته تُرڪي ۽ يونان گڏ هُجڻ ڪري هتان باءِ روڊ يا بلڪه اڃان به سولائي سان هڪ وڏي ٻيڙي ۾ ويهي پاڻي رستي به وڃي سگهجي پيو. ڇو ته اها ڪانفرنس يونان جي مکيه حِصي (جيڪو يورپ سان ڳنڍيل آهي) جي بجاءِ انهي جي ڏکڻ ۾ هڪ الڳ ٿلڳ جزيري تي هئي. اهو جزيرو ائين آهي جيئن انڊيا ۽ سريلنڪا. فاصلوکڻي هتي وڌيڪ هوندو نه ته ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. اهو پاڻ وڌيڪ سُٺو هو جو استنبول کان جهاز تي ايٿنز (يونان جي گادي جو هنڌ) وڃجي ۽ پوءِ وري ٻيڙي يا جهاز تي ان جزيري تي وڃجي جنهن جو نالو ڪريٽ آهي. ڪريٽ نالي اهو جزيرو وري ايٿنز جي ڀيٽ ۾ تُرڪي جي اولهندي شهر ازمير کان اڃان به ويجهو آهي. جتان وڏا ٻيڙا گرمين جي مُند ۾ هلندا رهن ٿا. ڪُجهه اڻ ٽر سببن ۽ ويزا جي پيچيدگي جي ڪري نه وڃي سگهڻ جو ڏُک رهيو. جڏهن ته پيش ڪرڻ لاءِ موڪليل ڪم به جلد ئي قبول پيو ۽ دعوت نامو به اچي پُهتو هو.
اسان جي منزل گوگل ميپ جي ٿورن سان ورتل هوائي سفر جو خاڪو
جيئن جيئن مئي جو مهينو ويجهو پئي آيو ته اهو احساس شِدت وٺڻ لڳو ته جيڪر ڪو طريقو ڪڍجي ها اِن پاسي وڃڻ جو. اچانڪ خبر پئي ته جنهن جزيري تي وڃڻ لاءِ ازمير وڃڻو پئي ٿو انهيءَ شهر ازمير لڳ سمنڊ ڪناري واري شهر ”چشمه“ ۾ به هڪ اهڙي قسم جي ڪانفرنس آهي. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته انتهائي مهانگي ۽ سياحتي مرڪز جي انهيءَ شهر وڃي رهڻ جو وڏو خرچ آهي ۽ ڪانفرنس جي فيس به لڳ ڀڳ پاڪستاني 50000 رُپيا هئي. مون ۽ هتي گڏ سؤٽ قيوم اڳتي جو سوچيو ئي ڪونه بس اهو خيال دِل مان ڪڍيو. ڪانفرنس کي اڃان ويهه ڏينهن هُجن جو سؤٽ قيوم جي سُپروائزر ميڊم ”سيوگي ڪولائلي“ اسان ٻنهي سؤٽن کي پاڻ وٽ گهُرايو. تُرڪن جا نالا اسان کي عجيب ضرور لڳن ٿا پر جيئن اسان وٽ به مسلمانن جا نالا لوڪل زبان جي لفظن يا شين تي آهي جهڙو ڪر ڌڻي بخش، نظير، تهذيب وغيره تيئن هتي به هنن جي لوڪل زبان ۾ نالا آهن. ”ڪولائي“ هي ”سولائي“ کي چون. سيوگي معنى محبت. نالي جي معنى ٿي ته اُهو شخص جنهن سان سؤلائي سان پيار جو رشتو جُڙي وڃي. ميڊم سيوگي واقعي به پياري شخصيت آهي. ان ڏينهن هُن ٻيهر پُڇيو ته اوهان انهيءَ ڪانفرنس ۾ وڃڻ چاهيو ٿا؟
چيم ”وڃڻ ۾ اسان کي کڻي ٻرو ناهي پر فيس ڳري آهي“.
چوڻ لڳي ”ها اُها ته آهي پر اوهان کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائيندا. اعلى قسم جو کاڌ پيتو هوندو. وڏن ماڻهن سان ملڻ جو موقعو ملندو. خاص ڪري جنهن ٽاپڪ تي اها ڪانفرنس آهي انهيءَ جو هڪ اعلى قسم جو تحقيق جرنل (Journal of Chromatography A.) نِڪري ٿو انهيءَ جو ايڊيٽر به اُتي ايندو.“
”ڳالهيون اوهان جون سڀ ڀليون پر. . . . “ ڳالهه کي سمجهي وئي. چوڻ لڳي ”ڀلا جي ڪُجهه رعايت ڪن ته؟؟“
”مون چيو اسان کي رهائش ۽ کاڌا وغيره ڪونه کپن. اُهو پاڻ ئي ڪري وٺبو بس جي رُڳو فيس معاف ڪن“.
ڪُجهه هُن جي ڪوشش ۽ ڪُجهه اسان جي اي ميلز جي ڪري نيٺ هُنن پاڪ-تُرڪ ڀائي ڀائي جو نعرو هڻي اسان جي فيس معاف ڪئي. پر گڏو گڏ اهو به چيو اوهان پنهنجي تحقيقي ڪم جو تت Abstract موڪليو جيڪو هتي پيش ڪندؤ. اهو جيوري پاس ڪندي ته اوهان کي دعوت نامون موڪلبو. خير سان اهو به ٿي گُذريو. دعوتنامو به اچي پُهتو. پر گڏ اهو به چوڻ لڳا اوهان کي اسان فائيو اسٽار هوٽل ۾ نه رهائي سگهنداسين. پاسي ۾ شايد 700 ميٽر تي هڪ غريباڻي هوٽل آهي جيڪا 40 ليرا هڪ رات جا وٺندي. اوهان اُتي رهڻ چاهيو ٿا؟ اهو ريٽ مناسب هو ڇو ته 40 ليرا معنى ڊيلي 2000. يقين ڪنهن سياحتي مرڪز تي سهولتن واري ڪنهن هوٽل جو اسان وٽ به ايترو ئي ريٽ ٿيندو. ڇو ته جيئن جيئن اسان ازمير پاسي انهيءَ شهر چشمه جي باري ۾ پڙهون پيا ته اهو واضع ٿيندو پئي ويو ته اهو انڊيا جو ”گووا“ پيو ڏسجي. جتي سڄو سال سيءَ ۾ سُڪندڙ تُرڪ توڙي پريان يورپي به اچي گرمين جو موڪلون گُذارين ٿا. سڄو سال ويران رهندڙ هي شهر گرمين ۾ جو رونق ۾ اچي ٿو ته هر شئي جا ريٽ به اُنهيءَ حساب سان آهن.
تُرڪي ۾ بس ۽ هوائي جهاز جي سفر ۾ خرچ جو ايڏو گهڻو فرق ناهي جيئن پاڻ وٽ آهي. مثال طور هن وقت ڪراچي کان اسلام آباد گهٽ ۾ گهٽ هڪ سائيڊ به 15000 ته آهي ئي آهي. جڏهن ته ايتري ئي فاصلي لاءِ هتي اڳواٽ (ٻه هفتا اڳ) بُڪنگ ڪرايو ته وڌ ۾ وڌ 150 ليرا (يعني 7500) لڳندا. پر جي صفا ويجهو جي تاريخ تي بُڪنگ ڪرائي ته به 200 ليرا کان مٿي نه هوندو. (جيڪي به 1000) ٿيا. جڏهن بس جو ڪرايو ڏسبو ته اُهو به 100 کان 110 ليرا هوندو. جڏهن پاڻ وٽ بس 3000 يا 4000 ۾ ملي ويندي.
اسان جو شؤق ته هو ته ايندي ويندي بس تي سفر ڪجي جو جهاز جي ڀيٽ ۾ بس تي نطارا ڏسڻ جو موقعو وڌي پر هڪ ته سفر وڏو هو. لڳ ڀڳ 20 ڪلاڪ جو. ۽ ٻيو ته پويان گهر جي فِڪر به ٿئي پئي ڇو ته ٻارن سان اڪيلي گهرواري کڻي اهڙن موقعن تي مينيج ڪري ته ويندي آهي پر وري به اُلڪو رهي ٿو. اهو سڀ ڏِسي وقت بچائڻ لاءِ وڃڻ مهل هوائي جهاز تي ۽ اچڻ مهل بس تي اچڻ جو رِٿيوسين.
هتي هوائي جهاز جو گورنمنٽ جون ٻه ۽ ٻيون چار پنج پرائيويٽ ڪمپنيون آهن. اسان انٽرنيٽ تي ريٽ ڏسي سڀ کان سستي فلائٽ جي چونڊ ڪري پُڇا ڪئيسين ته سندن ويجهي آفيس ڪٿي آهي؟ چوڻ لڳا آفيس پري آهي بهتر آهي ته ايئرپورٽ ئي هليا وڃو جتي اوهان کي سڀني ايئر لائنز جون آفيسون ملينديون. اڳي به لکيو اٿم ترابزون جو هي شهر جنهن ۾ اسان رهون پيا اهو بحرِ اسود جي ڪناري جبل تي آباد آهي. جبل ۽ سمنڊ وچ ۾ جيڪا پٽي آهي اها ايڏي ويڪري ناهي سو انهيءَ تي هاءِ وي هُجڻ ئي عنيمت آهي جيڪو جيارجيا کان ٿيندو استنبول وڃيو نڪري. شهر مان گُذرڻ وقت هاءِوي جي ٻنهي پاسي ڪُجهه ويڪر قدرتي هُئي ڪجهه هن سمنڊ پوري هٿرادو ٺاهي هڪ پاسي ايئر پورٽ ٺاهيو آهي ته ٻي پاسي اسان جي يونيورسٽي آهي Black Sea University. اسان کي ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ رُڳو هاءِ وي تي ٺهيل (فُٽ برج) ڪراس ڪرڻي هُئي. ايئرپورٽ پُهچي ٻولي جو مسئلو سُجهيو پئي ۽ اُهو ئي ٿيو. هنن استنبول جهڙي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي به اهڙا ماڻهو ناهن ويهاريا جيڪي انگريزي سمجهن سو هتي ته سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي. اچانڪ اسان کي اسان جي ليب جو پٽيوالو باريش مليو (جنهن جو ذڪر اڳي ٿيو هو). هي شايد پنهنجي ننڍن ڀائرن کي روانو ڪرڻ آيو هو جيڪي ڪنهن اسڪالرشپ تي چيڪ ريبلڪ پڙهڻ ٿي ويا. همراهه اسان کي ڏسي مدد جي آڇ ڪئي جيڪا اڳواٽ ئي قبول هُئي. انگريزي ته خير باريش کي به ڪونه ٿي آئي پر اسان جي وچ ۾ ڪافي وقت کان جيڪا اشارن جي ڀاشا هلي ٿي سا هو ايئرپورٽ جي اسٽاف کان وڌيڪ ٿي سمجهيو. اسان جي ڊمانڊ ۽ اڳين جي جواب لاءِ اشارن جي گوگل ٽرانسليشن نتيجو اسان جي هق ۾ نه آندو. ڇو ته ڪم نه ٺهيو جو انٽرنيٽ تي ڏٺل ۽ هتي جي ٽڪيٽ جي ريٽ ۾ ڪافي فرق هو. جنهن جي وجهه اها ٻُڌايائون ته انٽرنيٽ تي اوهان ڪارڊ سان پيمينٽ ڪريو ٿا. هتي اسٽاف اوهان کان ڪئش پئسا وٺي اوهان کي سروس ڏي ٿو تنهن جا ڪُجهه پئسا الڳ. انهيءَ وچ ۾ باريش واري ڀائرن جي فلائٽ جوو وقت ٿي ويو ۽ هو هن سان ملڻ بنا هليا ويا.
اسان ٻُڌتر ۾ هُئاسين ته قيوم کي چيم ته پاڻ ٻيون سڀ ڪمپنيون ته ڏٺيون پر سن ايڪسپريس کي چيڪ نه ڪيو نه ڪڏهن انهيءَ جو نالو به ٻُڌو آهي. قيوم هڪ اهم ڳالهه نوٽ ڪرائي ته ”هنن جي ٽڪيٽ آفيس ئي بند پئي آهي . اها ايئر لائن سروس هلندي سهي؟؟؟“. واقعي حيرت ٿي ته ايئرلائن جي آفيس ئي بند!!!
انهيءَ وچ ۾ اونيور (Honor) هي نالو به انگريزي لفظ آنر مان ورتل آهي. سان رابطو جيڪو منهنجو هتي هن مهل تائين واحد گهاٽو يار آهي. هُن چيو اوهان ٽڪيٽ ڪئش ۾ نه وٺو مهانگو پوندو. منهنجو ڪارڊ منهنجي زال صالحه وٽ آهي اوهان وٽس هُن جي ڊپارٽمينٽ ۾ آفيس ۾ وڃو. آئون چوانس ٿو اوهان جي عارضي بُڪنگ ڪرائي ڇڏيندي اوهان پُهچي اوڪي ڪجو ته هو پيمينٽ ڪندي ۽ اوهان پئسا ڀلي کيس ڪئش ۾ڏجو“. ٻه منٽ جو پنڌ هو وڃي پُهتاسين.
جڏهن سڀ ٿي گذريو ۽ ادي صالحه ٽڪيٽ پرنٽ ڪڍي هٿ ۾ رکيا ته قيوم ذري گهٽ ڇرڪ ڀريندي چيو ”اڙي هي ڇا؟“
مون پُڇيو ”ٽڪيٽ ٻيو وري ڇا“. چئي ”آهن ته ٽڪيٽ پر سن ايڪسپريس جا“.
هاڻي مون کي به ڳڻتي ٿي. صالحه اسان کي حيران ٿيندي ڏسي پُڇيو ”ڇا ٿيو؟“
چيم ”ادي اسان هيستائين کلندا پئي آياسين ته اهڙي غير معروف ۽ انڌي ايئر لائن جنهن جي آفيس ئي بند پئي آهي. ۽ هاڻي تو به وڃي انهيءَ جو ٽڪيٽ ورتو“.
صالحه اسان کي دلجاءِ ڏني ته پريشان نه ٿيو. ايئرپورٽ تي ايئر لائن جا ٽڪيٽ ڪائونٽر فقط ان ڏينهن کُلندا آهن جنهن ڏينهن فلائٽ هُجي. ڇو ته ايئرپورٽ تان ٽڪيٽ فقط ايمرجنسي ۾ ئي ورتو ويندو آهي نه ته شهر سڄي ۾ هنڌ هنڌ تي اهڙا ڪائونٽر آهن. سن ايڪسپريس سُٺي ايئرلائن آهي. بيو اُلڪو اهو به ٿيو ته هن کان اڳ اسان فلائي پيگاس جي ويبسائٽ پئي ڏِٺي ان جي اِزمير پُهچڻ جو وقت منجهند جو 1 هو ۽ هِن جو وري رات جو 1. پر هِڪ لحاظ کان ڀلو به هو ته جيڪڏهن اسان ڏينهن جو پُهچون ها ته ٻي ڏينهن تائين ڪٿي نه ڪٿي رات رهڻ جو بلو ڪرڻو پئي ها جيسين اسان کي ٻي ڏينهن صبح جو هوٽل ۾ انٽري ملي. اڃان به ڀلو ٿئي ها جيڪر اها فلائيٽ ٻي ڏينهن صبح جو سويري جي هُجي ها. پر خير هي رات جي فلائٽ به ٺيڪ هُئي. بس هاڻي فِڪر سا اها هُئي ته رات جا اهي پويان ٻه پهر ڪٿي ڪٽبا.
انهيءَ وچ ۾ ڪانفرنس انتظاميه فون ڪري چيو ته اوهان کي ٻي هوٽل جا جيڪي ريٽ ڏنا هُئا اوتري ۾ ئي اسان اوهان جو هوٽل شيريٽن ۾ بندوبست ڪيو آهي. اها فائيو اسٽار هوٽل آهي ۽ اوهان کي وڌيڪ فرحت ايندي جيڪڏهن اوهان هِتي رهو.
سوچيم ها هوندي فرحت پر خبر انهن کي جيڪي اهڙين هوٽلن ۾ رهيا هُجن. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته اندازو ڪونهي جو هڪ ٻه دفعو پنجاب جي ٽوئر دؤران سستين هوٽلن ۾ رهڻ ٿيو يا حيدرآباد ۾ دير سوير مجبوري ۾ پيراڊائز يا گُلشن هوٽل ۾ رهڻ ٿيو آهي. جتي ٻي فرحت ته خبر ناهي پر سڄي رات در کڙڪائي ڪڃر ننڊ فِٽائيندا رهيا ته ”لڙڪا چاهيئي لڙڪا؟ بهت خوبصورت هي صرف اِتني ۾ صرف اُتني ۾“ ۽ سؤٽ يونس ملڪاڻي پئي پِٽيو جنهن کي صبح سوير لاهور نڪرڻو هوندو هو ۽ مون کي واپس ڳوٺ. اهڙن موقعن تي حيدرآباد ۾ ڪو ٺڪاڻو يا يار دوست نه هُجڻ ڪري اهڙي ڪنهن سستي هوٽل تي رهبو هو. ڳوٺان صبح سوير حيدرآباد ريلوي اسٽيشن نه پُهچي سگهڻ ڪري اهڙي هوٽل جو انتخاب ڪبو هو سو به تڏهن جڏهن پئسا هُجن. نه ته هڪ اڌ دفعو ته ٿورو پريان قدم گاهه علي (رضه) تي وڃي ڇت تي پيل ميرن بسترن واري کٽ به ورتي هُونديسين جيڪا پڻ غنيمت لڳندي هُئي.
جاري آهي. . . . .ٻي قسط لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
(نوٽ: ايندڙ قسطن ۾ تصويرون شامل هونديون)