Sindhi Media
سينيئر رڪن
(راءِ ڏيو يا ٻيو ڪو دڳ ڏيو ڇو جو توهانجي راءِ لازمي آهي)
زميني حقيقتون ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جو ڌارين قومن ۽ ٻين صوبن وارن جو ڊوميسائل ٺهرائي حق هڙپ ڪرڻ
پاڪستان جي 18 ڪروڙ آدم شماريءَ ۾ صوبن ۾ رهندڙ هر زبان (مدرٽنگ (گرين پارٽ آف فليگ) ۽ اڪليتي (وائيٽ پارٽ آف فليگ)) ڳالهائڻ وارن جو حق آهي ته هو فيڊريشن تحت قائم ٿي جُڙي رهندڙ جنهن به صوبي جا رهائشي هُجن تن کي پاڪستان ۾ رائج ڪوٽا سسٽم تحت پرائيويٽ توڙي سرڪاري ادارن، ۽ تعليمي مرڪزن ۾ نوڪريون ۽ تعليم ۽ ٻيون سهولتون برابري ۽ تعداد جي بُنياد تي (تناسب جي حساب سان) پنهنجن پنهنجن صوبن يا فيڊريشن ۾حاصل هُجن.
پرافسوس جو سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهون (اصلي باشندا) اڃان به محروم آهن ۽ معمولي ڪوٽا سسٽم هُئڻ جي باوجود به، ٻاهرن صوبن جي ماڻهن جو سندُن علائقن ۾ اچي نوڪري (روزگار خاطر) ۽ تعليم تي قابض ٿيڻ (سنڌ ۽ بلوچستان ۾ عارضي يا دائمي رهائش اختيار ڪرڻ ۽ لڏ پلاڻ ڪري) اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي اصلي رهاڪُن جي معمولي ڪوٽا به هڙپ ڪيو ويٺا آهن جيڪي کين ڊبل ڊوميسائل جي بُنياد تي ملي ٿي ۽ اُهي پنهنجن صوبن جو ڊوميسائل رکندي به سنڌ ۽ بلوچستان جو ڊوميسائل حاصل ڪري ويٺا آهن، جنهن ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا اصلي باشندا مُڪمل تعليمي، صحت ۽ نوڪرين جي ميدانن ۾ محروم ٿيل آهن.
اسان هن زميني حقيقتن جي اڀياس ڪري هاڻ سمجهون ٿا ته هن مُلڪ ۾(مدرٽنگ) مادري زبان جي بُنياد تي ئي ۽ آباديءَ جي حساب سان پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ تعليم ۽ نوڪريون ڪرڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان صوبن جي محرومي ۽ پنجابي ڊومينيشن جو پڻ خاتمون ايندو ۽ هن سان نه صرف پاڪستان مان ٻيائيءَ جو خاتمون ايندو پر ڀائيچاري ۾ به گهڻو اضافو ايندو. ۽ اهوئي قائم آهي ۽ حقيقت به ته هرڪو ٻولي بُنياد تي ئي نوڪريون ۽ ترقيون به ڏي پيو ۽ وسيلا حاصل ٿين پيا. ته پوءِ ڇو نه ان کي قانون ۾ آڻجي ائين ڪرڻ سان هر صورت ۾ اهو تناسب ايندو ۽ محروميون بچنديون.
پنجابي ڊومينيشن ته تڏنهن ختم ٿيندي جڏنهن پنجاب کي ٻن صوبن ۾ ورهايو ويندو (پنجابي ۽ سرائڪي) ۽ پوءِ پاڪستان فيڊريشن جا سڀ يونٽ صوبائي، قومي اسيملبلين ۽ سينٽ ۾ برابر سيٽون رکندا ۽ هر يونٽ (صوبي) کي برابريءَ جي بُنياد تي سرڪاري توڙي خانگي نوڪريون ۽ تعليم ملڻ جو حق حاصل ٿيندو.
هاڻ جيئن ته سينسز 2014 ۽ ووٽنگ ڪرڻ اليڪٽرانڪ مشينن ذريعي ٿي رهيو آهي. ۽ هر فرد رجسٽر ٿيندو ۽ رپيٽ شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل کان به بچڻ گهورجي. ته توهان ڇا ٿا ڀانيو ته اليڪٽرانڪ سينسز 2014 جي ڪري ڪوٽا سسٽم تعليمي ۽ گورنمنٽ نوڪرين لاءِ ساڳيو ڊوميسائل سسٽم تي برقرار رهي يا هاڻ ٻولي (مدرٽنگ + اڪليت سيٽون جُدا) لاءِ ٿئي جو ڊوميسائل سسٽم تي به سراسر نقصان ۽ تعليم ۽ نوڪرين کان محرومي به سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ڳالهائڻ وارن کي ٿي رهيو آهي ان ڪري جو ٻين صوبن جون جيڪي قومون سنڌ ۾ عارضي يا دائمي وسيل آهن اُنهن يا جيڪا ٻين صوبن جي رهائشي بيوروڪريسي ۽ اسٽيبلشمنٽ سنڌ ۾ مقرر آهي اُها سنڌ ۽ بلوچستان جي شهر ۽ ڳوٺن جا ڊوميسائل هٿ ڪري ڪوٽا تحت مليل داخلائون ۽ نوڪريون حاصل ڪري سنڌي ۽ بلوچن کي محروم ڪري رهيون آهن.
ته جيڪي ٻوليون (مدٽنگ) پاڪستان ۾ رهن ٿيون ۽ جيڪي 18 ڪروڙ آباديءَ ۾ آهن تن جي مدرٽنگ ڊيٽا بيس تي ۽ پرسنٽيج بيس تي ئي هاڻ ڪوٽا سسٽم جُڙڻ گهُرجي ته اُهي صوبا جيڪي ڊبل ڊوميسائل ۽ ڊبل فائدا وٺي رهيا آهن سي سنڌ ۽ بلوچستان ماڻهن لاءِ مليل معمولي ڪوٽا به هڙپ نه ڪري سگهن. ۽ جيترا به ٻين صوبن جا ماڻهون سنڌ يا بلوچستان ۾ رهائش پذير ٿيل آهن اُنهن تي ريزيڊنشيل ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي جيڪي ٻئي صوبي جو سهولتون يا زمينون وسائي ويٺا آهن.
توهان نٿا بانيو ته اهو سسٽم ۽ ڪوٽا جي ريشيڊولنگ سان ڪنهن سان به زيادتي ڪانه ٿيندي ۽ هر ٻوليءَ (مدر ٽنگ) وارو پنهنجا حق حاصل ڪري سگهندو ۽ پاڪستان مان نا انصافيءَ ۽ محروميءَ کي ٻُنجو به اچي ويندو. اها حقيقت آهي ته پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي جنهن ۾ هر صوبي جي پنهنجي مدرٽنگ، پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجي تواريخ ۽ تهذيب، روايت آهي جيڪي صرف برابر اختيارن سان فيڊريشن تحت گڏ آهن.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: