• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مان اعتراف ٿو ڪريان ته..... عبدالقادر منگي

منصور سرور

سينيئر رڪن
شايد بهار جي مند هئي ۽ 1997ع جو سال هئو، مان لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر هئس! ڪم گهڻو، مصروفيت ڏاڍي، ذهني ۽ جسماني طرح سستي جي موسم، اهڙي حالت ۾ ڪي ڀُلون ٿيو وڃن. جنهن واقعي جو مان ذڪر ڪري رهيو آهيان، ان تي سوچجي ته گهڻو اهم به ڪونهي پر اهو هر ڪنهن جي ذهن، دل ۽ حالتن تي مدار آهي ته اهو هن واقعي کي ڪيئن ٿو محسوس ڪري.

سچ ته مون زندگيءَ ۾ گهٽ ڳالهين تي ايڏو پڇتاءُ محسوس ڪيو آهي ڪيئن ڀيرا سوچيو اٿم ته هن واقعي کي Undo ڪريان پر ڪيئن؟پنهنجي دل ۽ دماغ مان مڪتي نٿي ملي.

ٿيو هيئن ته لياقت جتوئي صاحب جي چيف منسٽريءَ جي دور ۾ اسان جا ڪيئي نيڪ نام دوست وزير هئا، هڪڙو اهڙو ئي وزير صاحب لاڙڪاڻي آيو.پنهنجي ڊپارٽمينٽ جا ادارا گهميائين، آفيسرن سان گڏجاڻي ڪيائين. پنهنجي پارٽيءَ وارن سان ملاقاتون ڪيائين. سندس محڪمي جي آفيسرن سندس اعزاز ۾ سرڪٽ هائوس ۾ لنچ جو بندوبست ڪيو هئو، جنهن جي مونکي پڻ ڪوٺ هئي. ملاقات ٿي، ماني کاڌي سون، موڪلاڻي وقت سندس ڊپارٽمينٽ جو هڪ آفيسر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ کڻي آيو ته، محترم وزير صاحب کي ڊي سي صاحب اجرڪ ۽ ٽوپي پارائيندو. وزير صاحب اٿي بيٺو، منهن مون طرف لڙڪايائين، مون سندس کاتي جي سينئر آفيسر کي چيو ته بهتر اهو آهي ته صاحب کي اجرڪ ۽ ٽوپي اوهان ئي پارايو.وزير صاحب وچ ۾ دخل ڏيندي فرمايو ته ” ڊي سي صاحب آپ سب سي بڙي هين، آپ ئي پهنائين نا!… مرتا ڪيا ڪرتا!..“

هاءِ ! اسانجي رواداري، انڪساري ۽ منهنجي ڪچائي! انڪار نه ڪري سگهيس پر اڄ تائين پڇتايان پيو، ان وزير صاحب جا اعمال، افعال ۽ اسانجي ماڻهن طرف سندس رويو ڏسندي!

شايد هن اعتراف سان منهنجي دل جو بارُ ڪجهه گهٽ ٿئي!
 
پنهنجي سوشل ميڊيا فورم کي فڪري ۽ ذهني سوچ علمي انقلاب ۾ آڻي سنڌ بچايو علم وڌايو!
سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب آڻڻ (برين واش) جي ضرورت تي زور ڏجي. ۽ اهو ڪردار صرف ۽ صرف سنڌي ۽ بلوچي ليکڪ ئي ڪري سگهن ٿا ٻيو ڪو به نه. جيڪي پنهنجي هر سماجي، معاشرتي، ڊرامائي، تخليقي يا خابرو(نيوز) لکت ۾ علم جي حصول لاءِ لکتون لکي قوم جي برين واش ڪن. جيسين لکياري اهو ڪم نه ڪندا سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن ۾ ذهني انقلاب ڪونه ايندو ڇو جو سندن ذهنن ۽ رت کي سازشي قُوتن بُزرگن ، ولين ۽ درويشن جي مزارن تي اوتارا يونيورسٽيون قائم ڪري نشي (سُلفي، ڀنگ، شراب ، هيروئن وغيره) جهڙو زهر پياري سنڌي غريب عوام کي ذهني طور تي بلڪل مائوف ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي رت مان نشي واري غلاظت ڪڍڻ بنان علم جو حصول ممڪن ئي ناهي. جديد سائنسي طريقن موجب انهيءَ کي برين واش چئي سگهجي ٿو. پاڪستان جي 67 سالن کان قائم ٿيڻ، جلسن، جُلوسن، نعرن، شامون ۽ راتيون ملهائڻ جي 67 سال جدوجهد کان پوءِ به سنڌي ۽ بلوچ قومن ۾ علم لاءِ گهُربل ذهني سوچ ۽ سُڄاڳي پئدا نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو واحد ۽ واحد ڪارڻ تنظيمن ۾ ڊومينيشن ڪندڙ نشائي ڪلچر آهي جيڪو هر اجتماع کان کائڻ ۽ کارائڻ واري تقريب ۾ پوءِ ڏسي سگهجي ٿو جتي سُوٽا به لڳن ٿا ته پيگ جا پيالا به پيئجن ٿا. مشاهدي ۾ آيل آهي ته جنهن تقريب ۾ اهو اهتمام ناهي اُتي وري تقريب دوران ڪوڪا ڪولا۽ پيپسيءَ ۾ ڪن خاص مدعو ٿيندڙن لاءِ اهي اهتمام ڪيل هوندا آهن. ڪن وائيٽ ڪالر اديبن ۽ شاعرن طرفان دعوت به تڏنهن قبول ڪئي ويندي آهي جڏنهن کين کائڻ پيئڻ وارن لوازمات ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائبي آهي ۽ جيڪي خُشڪ محفلون اهن اُنهن ۾ تعداد ئي ڪونه هوندو آهي. ادب، شاعري ۽ ڊراما نگاريءَ جي لکتن ۾ گهڻي قدر پيار ۽ عشق سمايل آهي ته جرنلزم ۽ خبرنامن وغيره ۾ وري ڌاڙيلگيري، ڪامورا شاهي، جاگيرداري، ۽ گهڻي ڀاڱي وڏيرا شاهيءَ کي اُجاگر ڪيل آهي ۽ انهن پاٿاريدارن جي فروغت لا انٽرويو به . جيڪي سول سوسائٽي، سماجي تنظيمون يا اين جي اوز ڳوٺ ڳوٺ وڃي تبليغون ڪن ٿا اُهي به انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن ۽ ڪامورن جا مهمان هوندا آهن ته تقريرُن يا بيٺڪن سان ذهني انقلاب ڪونه ايندو. پهريون انقلاب قومن جي رت ۾ نشي جهڙو زهر ڪڍڻ ، جنهن ۾ يقينن وقت گهربو ڇو جو هن ۾ هاڻ معاشري جو هر فرد وڪڙجي ويو آهي ۽ اهو تڏنهن مُمڪن آهي ته نشي جو آزاديءَ سان ملڻ وارو هضول بند ڪيو وڃي ۽ هر نشائيءَ جو سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي. ٻيو حصول نئين جنريشن کي ان علت کان بچائڻ ۽ پاسيرو ڪرڻ جو آهي ته هي سماجي، سول ۽ اين جي اوز تنظيمون هر علائقي ۾ وڃي اُتي پاڻ به موبائل ايجيوڪيشن جو اهتمام ڪن ۽ اُتي جي ماڻهن کي به انگيج ڪن ۽ بنگلن ۽ گهرن ۾ ويهي نه پر ٽينٽن ۽ جهوپڙين ۾ ويهي، وڻن هيٺان ويهي جيئن عام ڳوٺائي رهندڙ آهي ۽ پوءِ اُن جي مُسلسل رکوالي ۽ نگراني ڪن ته علم جو انقلاب ايندو. ٻيو ڪو حل آهي ئي ڪونه 67 سالن جو تجربو ٻُڌائي ٿو بلڪه ويتر بُڇڙائي، جهالت، توهم پرستي وڌندي وڃي. شعر شاعري، ڊراما، ڪتاب به علم پرايو مضمونن تي ئي هُجن ڇو جو عشق مُشڪ ۽ فحاشي تبليغ هاڻ گهڻي ٿي، سون تي سُهاڳ جو ڪم ٿيندو جڏنهن عام سنڌي به پنهنجي سوشل ميڊيا ڪرتن کي به خود نمائيءَ کان ڪڍي علم انقلاب طرف آڻڻ لا استعمال ڪندو ڇو جو سنڌ جي بقا جو سوال اهي. ائين ڪرڻ سان اجاين تصويرن کي فليش ڪري ڪامينٽس وٺڻ بجا گهر ويٺي به هر فرد علم انقلاب ۽ سوچ پئدا ڪري سنڌ ۽ بلوچستان بچائي سگهي ٿو. ممڪن ڪا ڳالهه ناهي پر وقت طلب ۽ ٿورڙي مُشڪل ضرور آهي جي ٻه ماڻهون به ايجيوڪيٽ مشن طرف راغب ٿيا ته هو ٻيا گهڻا گهر راغب ڪري وٺندا ۽ سنڌ جي روايت به ته آهي! (ڦُڙي ڦُڙِي درياءُ) پوءَ گهٻرايو ڇو ٿا ٻانهه ٻيلي ٿيو اسان سان ، اسانجي آئڊيا سان! يا پنهنجو پاڻ پنهنجي آئڊيا سان !پر آڻيو تعليمي انقلاب! جلد از جلد سنڌي قوم ۾!
 
Back
Top