هڪ دفعي هڪ عورت موٽر وي تي انتهائي تيز رفتاري سان گذري ۔۔۔ موٽر وي پوليس رفتار جي اضافي کي محسوس ڪندي گاڏي ڊوڙائي ۽ کيس ڪار سائيڊ تي ڪرڻ جو اشارو ڪيو۔۔۔ مائي سمجهي وئي ته کيس تيز رفتاري ڪري روڪيو ويو آهي۔۔ ان لاءِ هن ذهن ٺاهيو ۽ مرڪي ڏنائين۔۔۔ عورت: آفيسر۔۔! ڇا ڳالهه آهي۔۔؟o-+ آفيسر: ميڊم توهان جي رفتار خطرناڪ حد تائين تيز هئي۔۔۔ عورت: اڇا ۔۔ پوءِ۔۔ آفيسر: ڇا مان توهان جو ڊرائيونگ لائيسنس ڏسي سگهان ٿو۔۔؟ عورت: مان توهانکي ڏيان ها۔۔۔ پر مون وٽ نه آهي۔۔ آفيسر: ڇا چيوَ توهان وٽ لائيسنس نه آهي۔۔۔؟ عورت: 4 سال اڳ ڪري پيو هو شايد گاڏي نشي جي دوران هلايم پئي ۔۔۔ آفيسر: اوه۔۔۔۔ ڇا توهان گاڏي جا رجسٽريشن ڪاغذ ڏيکاريندو۔۔؟ عورت: مان نه ٿي ڏيکار سگهان۔۔۔ آفيسر: ڇو۔۔؟ عورت: مون هي ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔ آفيسر: ڇا۔۔۔ توهان ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔؟:-o عورت: ها۔۔۔ ڇا ڪيان مالڪ آرام سان ڏئي نه پيو ان ڪري کيس مارڻو به پيو۔۔۔ آفيسر: ڇا۔۔۔۔:-o عورت: ها۔۔۔ هن جي لاش جا ٽڪڙا پويان ڊگي ۾ رکيل آهن ۔۔۔ جيڪڏهن توهان ڏسڻ چاهيو ته۔۔۔ آفيسر عورت کي حيران ٿي ڏٺو ۽ آهستي آهستي ڪار جي ڊگي طرف وڌندي پنهنجي مدد لاءِ پنهنجي سينيئر کي ڪال ڪيائين۔۔۔] ٿوري ئي دير ۾ هڪ پوليس جي ڪار پهتي جنهن مان 5 پوليس آفيسر ٻاهر نڪتا۔۔۔ سينيئر پوليس آفيسر پنهنجي پاڪيٽ مان پستول ڪڍيو ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل عورت ڏانهن وڌيو۔۔۔ آفيسر2: ميڊم ڇا توهان ٿوري دير لاءِ ڪار مان لهندو۔۔۔؟ عورت: ڇا ڪو مسئلو آهي۔۔۔؟ (عورت ڪار مان لهندي پڇيو۔۔) آفيسر2: مونکي پهرين آفيسر ٻڌايو آهي ته توهان ڪار مالڪ جو خون ڪري ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔ عورت: ڇا خون۔۔۔؟ آفيسر2: ها ۔۔۔۔! ڇا توهان گاڏي جي ڊگي کوليندو۔۔۔؟ عورت ڪار جي ڊگي کولي ۔۔۔ جتي ڪجهه به نه هو۔۔۔ ڊگي کي خالي ڏسندي آفيسر پڇيو۔۔۔ آفيسر2: ڇا هي ڪار توهان جي آهي۔۔۔؟ عورت: ها ۔۔۔! هي ڏسو ڪار رجسٽريشن ڪاڳر۔۔۔ آفيسر ڪاڳر ڏسندو رهيو۔۔۔ ڪجهه وقت خاموشي کان پوءِ آفيسر چيو۔۔۔ آفيسر2: منهنجي هڪ آفيسر چيو پئي ته توهان وٽ ڊرائيونگ لائيسنس به نه آهي۔۔۔ عورت اڳتي وڌي ۽ پرس مان ڊرائيونگ لائيسنس ڪڍيو ۽ آفيسر کي ڏيکاريو۔۔۔ آفيسر ڊرائيونگ لائيسنس چڱي طرح ڏٺو ۔۔۔۔ هو ڪافي حيران ٿي لڳو۔۔۔۔ :-/ آفيسر2: تعاون ڪرڻ لاءِ توهان جي وڏي مهرباني ميڊم۔۔۔ اصل ۾ منهنجي هڪ آفيسر مون کي ٻڌايو ته توهان وٽ نه لائيسنس آهي ۽ نه وري ڪار رجسٽريشن ڪاڳر۔۔۔ هن چيو ته توهان مالڪ کي قتل ڪري گاڏي چورائي نڪتا آهيو۔۔۔۔ عورت: هن ڪوڙي کي موچڙا رکو۔۔۔۔ هو ته مون کي به چئي رهيو هيو ته توهان گاڏي تيز رفتاري سان ڊرائيو ڪري رهيا آهيو۔۔۔۔ )=))
جواب: صورتحال کي قابو ڪرڻ جو بهترين انداز۔۔۔ سائين ان ڳالهه مان خبر پئي ته جي مائي پنهنجي رڳ تي چڙهي ته وڏن وڏن افيسرن جون ٽوپيون ۽ وڏيرن جون پڳون ڌوڙ ڪري سگهي ٿي۔
جواب: صورتحال کي قابو ڪرڻ جو بهترين انداز۔۔۔ واه واه۔۔۔۔۔۔ ان کي چوندا آهين حاضر دماغ۔ پر ههڙا بيان پڙهي ڪري هرڪنهن کي ائين به نه ڪرڻ گهرجي۔ان جي جڳه تي جيڪڏهن پاڪستاني پوليس هجي ها ته ان مهل مائي کي چئي ها ته "خرچي ڪرائي پنهنجو رستو وٺ"