صورتحال کي قابو ڪرڻ جو بهترين انداز۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي هڪ عورت موٽر وي تي انتهائي تيز رفتاري سان گذري ۔۔۔ موٽر وي پوليس رفتار جي اضافي کي محسوس ڪندي گاڏي ڊوڙائي ۽ کيس ڪار سائيڊ تي ڪرڻ جو اشارو ڪيو۔۔۔
    مائي سمجهي وئي ته کيس تيز رفتاري ڪري روڪيو ويو آهي۔۔ ان لاءِ هن ذهن ٺاهيو ۽ مرڪي ڏنائين۔۔۔
    عورت: آفيسر۔۔! ڇا ڳالهه آهي۔۔؟o-+
    آفيسر: ميڊم توهان جي رفتار خطرناڪ حد تائين تيز هئي۔۔۔
    عورت: اڇا ۔۔ پوءِ۔۔
    آفيسر: ڇا مان توهان جو ڊرائيونگ لائيسنس ڏسي سگهان ٿو۔۔؟
    عورت: مان توهانکي ڏيان ها۔۔۔ پر مون وٽ نه آهي۔۔
    آفيسر: ڇا چيوَ توهان وٽ لائيسنس نه آهي۔۔۔؟
    عورت: 4 سال اڳ ڪري پيو هو شايد گاڏي نشي جي دوران هلايم پئي ۔۔۔
    آفيسر: اوه۔۔۔۔ ڇا توهان گاڏي جا رجسٽريشن ڪاغذ ڏيکاريندو۔۔؟
    عورت: مان نه ٿي ڏيکار سگهان۔۔۔
    آفيسر: ڇو۔۔؟
    عورت: مون هي ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔
    آفيسر: ڇا۔۔۔ توهان ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔؟:-o
    عورت: ها۔۔۔ ڇا ڪيان مالڪ آرام سان ڏئي نه پيو ان ڪري کيس مارڻو به پيو۔۔۔
    آفيسر: ڇا۔۔۔۔:-o
    عورت: ها۔۔۔ هن جي لاش جا ٽڪڙا پويان ڊگي ۾ رکيل آهن ۔۔۔ جيڪڏهن توهان ڏسڻ چاهيو ته۔۔۔
    آفيسر عورت کي حيران ٿي ڏٺو ۽ آهستي آهستي ڪار جي ڊگي طرف وڌندي پنهنجي مدد لاءِ پنهنجي سينيئر کي ڪال ڪيائين۔۔۔:)]
    ٿوري ئي دير ۾ هڪ پوليس جي ڪار پهتي جنهن مان 5 پوليس آفيسر ٻاهر نڪتا۔۔۔ سينيئر پوليس آفيسر پنهنجي پاڪيٽ مان پستول ڪڍيو ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل عورت ڏانهن وڌيو۔۔۔
    آفيسر2: ميڊم ڇا توهان ٿوري دير لاءِ ڪار مان لهندو۔۔۔؟
    عورت: ڇا ڪو مسئلو آهي۔۔۔؟ (عورت ڪار مان لهندي پڇيو۔۔)
    آفيسر2: مونکي پهرين آفيسر ٻڌايو آهي ته توهان ڪار مالڪ جو خون ڪري ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔
    عورت: ڇا خون۔۔۔؟
    آفيسر2: ها ۔۔۔۔! ڇا توهان گاڏي جي ڊگي کوليندو۔۔۔؟
    عورت ڪار جي ڊگي کولي ۔۔۔ جتي ڪجهه به نه هو۔۔۔ ڊگي کي خالي ڏسندي آفيسر پڇيو۔۔۔
    آفيسر2: ڇا هي ڪار توهان جي آهي۔۔۔؟
    عورت: ها ۔۔۔! هي ڏسو ڪار رجسٽريشن ڪاڳر۔۔۔
    آفيسر ڪاڳر ڏسندو رهيو۔۔۔ ڪجهه وقت خاموشي کان پوءِ آفيسر چيو۔۔۔
    آفيسر2: منهنجي هڪ آفيسر چيو پئي ته توهان وٽ ڊرائيونگ لائيسنس به نه آهي۔۔۔
    عورت اڳتي وڌي ۽ پرس مان ڊرائيونگ لائيسنس ڪڍيو ۽ آفيسر کي ڏيکاريو۔۔۔ آفيسر ڊرائيونگ لائيسنس چڱي طرح ڏٺو ۔۔۔۔ هو ڪافي حيران ٿي لڳو۔۔۔۔ :-/
    آفيسر2: تعاون ڪرڻ لاءِ توهان جي وڏي مهرباني ميڊم۔۔۔ اصل ۾ منهنجي هڪ آفيسر مون کي ٻڌايو ته توهان وٽ نه لائيسنس آهي ۽ نه وري ڪار رجسٽريشن ڪاڳر۔۔۔ هن چيو ته توهان مالڪ کي قتل ڪري گاڏي چورائي نڪتا آهيو۔۔۔۔
    عورت: هن ڪوڙي کي موچڙا رکو۔۔۔۔ هو ته مون کي به چئي رهيو هيو ته توهان گاڏي تيز رفتاري سان ڊرائيو ڪري رهيا آهيو۔۔۔۔
    :D:))=))
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: صورتحال تي قابو پائڻ جو بهترين انداز۔۔۔

    واه سائين واه

    واه جو مائي اصل ڪمال ڪري ڇڏيو


    سدائين گڏ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: صورتحال کي قابو ڪرڻ جو بهترين انداز۔۔۔

    سائين ان ڳالهه مان خبر پئي ته جي مائي پنهنجي رڳ تي چڙهي ته وڏن وڏن افيسرن جون ٽوپيون ۽ وڏيرن جون پڳون ڌوڙ ڪري سگهي ٿي۔
     
  4. اصغر علي

    اصغر علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2010
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Electrical Engineer
    ماڳ:
    Karachi
    جواب: صورتحال کي قابو ڪرڻ جو بهترين انداز۔۔۔

    واه واه۔۔۔۔۔۔ ان کي چوندا آهين حاضر دماغ۔ پر ههڙا بيان پڙهي ڪري هرڪنهن کي ائين به نه ڪرڻ گهرجي۔ان جي جڳه تي جيڪڏهن پاڪستاني پوليس هجي ها ته ان مهل مائي کي چئي ها ته "خرچي ڪرائي پنهنجو رستو وٺ"
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو