
هڪ دفعي هڪ عورت موٽر وي تي انتهائي تيز رفتاري سان گذري ۔۔۔ موٽر وي پوليس رفتار جي اضافي کي محسوس ڪندي گاڏي ڊوڙائي ۽ کيس ڪار سائيڊ تي ڪرڻ جو اشارو ڪيو۔۔۔
مائي سمجهي وئي ته کيس تيز رفتاري ڪري روڪيو ويو آهي۔۔ ان لاءِ هن ذهن ٺاهيو ۽ مرڪي ڏنائين۔۔۔
عورت: آفيسر۔۔! ڇا ڳالهه آهي۔۔؟o-+
آفيسر: ميڊم توهان جي رفتار خطرناڪ حد تائين تيز هئي۔۔۔
عورت: اڇا ۔۔ پوءِ۔۔
آفيسر: ڇا مان توهان جو ڊرائيونگ لائيسنس ڏسي سگهان ٿو۔۔؟
عورت: مان توهانکي ڏيان ها۔۔۔ پر مون وٽ نه آهي۔۔
آفيسر: ڇا چيوَ توهان وٽ لائيسنس نه آهي۔۔۔؟
عورت: 4 سال اڳ ڪري پيو هو شايد گاڏي نشي جي دوران هلايم پئي ۔۔۔
آفيسر: اوه۔۔۔۔ ڇا توهان گاڏي جا رجسٽريشن ڪاغذ ڏيکاريندو۔۔؟
عورت: مان نه ٿي ڏيکار سگهان۔۔۔
آفيسر: ڇو۔۔؟
عورت: مون هي ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔
آفيسر: ڇا۔۔۔ توهان ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔؟:-o
عورت: ها۔۔۔ ڇا ڪيان مالڪ آرام سان ڏئي نه پيو ان ڪري کيس مارڻو به پيو۔۔۔
آفيسر: ڇا۔۔۔۔:-o
عورت: ها۔۔۔ هن جي لاش جا ٽڪڙا پويان ڊگي ۾ رکيل آهن ۔۔۔ جيڪڏهن توهان ڏسڻ چاهيو ته۔۔۔
آفيسر عورت کي حيران ٿي ڏٺو ۽ آهستي آهستي ڪار جي ڊگي طرف وڌندي پنهنجي مدد لاءِ پنهنجي سينيئر کي ڪال ڪيائين۔۔۔

ٿوري ئي دير ۾ هڪ پوليس جي ڪار پهتي جنهن مان 5 پوليس آفيسر ٻاهر نڪتا۔۔۔ سينيئر پوليس آفيسر پنهنجي پاڪيٽ مان پستول ڪڍيو ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل عورت ڏانهن وڌيو۔۔۔
آفيسر2: ميڊم ڇا توهان ٿوري دير لاءِ ڪار مان لهندو۔۔۔؟
عورت: ڇا ڪو مسئلو آهي۔۔۔؟ (عورت ڪار مان لهندي پڇيو۔۔)
آفيسر2: مونکي پهرين آفيسر ٻڌايو آهي ته توهان ڪار مالڪ جو خون ڪري ڪار چوري ڪئي آهي۔۔۔
عورت: ڇا خون۔۔۔؟
آفيسر2: ها ۔۔۔۔! ڇا توهان گاڏي جي ڊگي کوليندو۔۔۔؟
عورت ڪار جي ڊگي کولي ۔۔۔ جتي ڪجهه به نه هو۔۔۔ ڊگي کي خالي ڏسندي آفيسر پڇيو۔۔۔
آفيسر2: ڇا هي ڪار توهان جي آهي۔۔۔؟
عورت: ها ۔۔۔! هي ڏسو ڪار رجسٽريشن ڪاڳر۔۔۔
آفيسر ڪاڳر ڏسندو رهيو۔۔۔ ڪجهه وقت خاموشي کان پوءِ آفيسر چيو۔۔۔
آفيسر2: منهنجي هڪ آفيسر چيو پئي ته توهان وٽ ڊرائيونگ لائيسنس به نه آهي۔۔۔
عورت اڳتي وڌي ۽ پرس مان ڊرائيونگ لائيسنس ڪڍيو ۽ آفيسر کي ڏيکاريو۔۔۔ آفيسر ڊرائيونگ لائيسنس چڱي طرح ڏٺو ۔۔۔۔ هو ڪافي حيران ٿي لڳو۔۔۔۔ :-/
آفيسر2: تعاون ڪرڻ لاءِ توهان جي وڏي مهرباني ميڊم۔۔۔ اصل ۾ منهنجي هڪ آفيسر مون کي ٻڌايو ته توهان وٽ نه لائيسنس آهي ۽ نه وري ڪار رجسٽريشن ڪاڳر۔۔۔ هن چيو ته توهان مالڪ کي قتل ڪري گاڏي چورائي نڪتا آهيو۔۔۔۔
عورت: هن ڪوڙي کي موچڙا رکو۔۔۔۔ هو ته مون کي به چئي رهيو هيو ته توهان گاڏي تيز رفتاري سان ڊرائيو ڪري رهيا آهيو۔۔۔۔

