جهنگ جو قانون۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ ڏينهن ٻه دوست سير سپاٽي خاطر ڀرسان ئي جهنگ گهمڻ لاءِ نڪتا۔۔۔ هڪ خوبصورت ۽ سرسبز نظاري کي ڏسي ٻئي ويهي رهيا ۽ منظر جو لطف وٺڻ لڳا۔۔۔ اچانڪ ٻنهي جي نظر پري کان ايندڙ چيتي تي پئي ۔۔۔ چيتي کي ڏسي ٻنهي جو ساهه سڪي ويو۔۔۔:-o
    هڪڙي دوست فورن ئي پاڻ سان آندل ٿيلهو کوليو ۽ ان مان پنهنجا جوگر جوتا ڪڍيا ۽ پائڻ لڳو۔۔۔۔ اهو ڏسي ٻئي دوست کائنس پڇيو۔۔۔ ”ڇا تون سمجهين ٿو ته اهي جوتا پائي تون چيتي جهڙي تيز ڊوڙندڙ جانور کان وڌيڪ ڊوڙي سگهندي۔۔۔؟“
    پهرئين دوست وراڻيو۔۔۔ ”اها ته مون کي خبر آهي ته مان چيتي کان وڌيڪ تيز ڊوڙي نه سگهندس پر اهو ڄاڻان ٿو ته هي جوتا پائي مان توکان وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي سگهندس۔۔۔“
     
  2. نياز ابڙو

    نياز ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2010
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    122
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: جنگل جو قانون۔۔۔۔

    پيارا دوست مان سمجهان ٿو ته توهان پنهنجي ڪمري ۾رات ڪو 'خواب ڏٺو آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جنگل جو قانون۔۔۔۔

    يا وري خواب ۾ مون جيان مذاحيه هندي فلم ڌمال ڏٺي هوندائين، جنهن ۾ پڻ لڳ ڀڳ ساڳيو ڀوڳ عملي طور ٿيل آهي ۔۔۔

    مطلب ته انسان جو مقابلو انسان سان ئي ٺهي ٿو، جانور سان مقابلي ڪرڻ مان ڇا فائدو ۔۔۔ :))
     
  4. اصغر علي

    اصغر علي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 مئي 2010
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Electrical Engineer
    ماڳ:
    Karachi
    جواب: جهنگ جو قانون۔۔۔۔

    واه سائين واه۔۔۔۔۔ پنهنجن دوستن کي ائين اڪيلو ڏکئي وقت ۾ ڇڏي ڀڄي ٿا ونڃو۔۔۔۔۔۔ سٺو توهان جي خبر پئيجي ويئي۔ هاڻي توهان جا جتا لڪائي اتي باٿ روم چمپل رکي ڇڏبي۔۔۔۔۔۔۔ ته جئين ڀڄي نه سگهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو