
هڪ ڏينهن ٻه دوست سير سپاٽي خاطر ڀرسان ئي جهنگ گهمڻ لاءِ نڪتا۔۔۔ هڪ خوبصورت ۽ سرسبز نظاري کي ڏسي ٻئي ويهي رهيا ۽ منظر جو لطف وٺڻ لڳا۔۔۔ اچانڪ ٻنهي جي نظر پري کان ايندڙ چيتي تي پئي ۔۔۔ چيتي کي ڏسي ٻنهي جو ساهه سڪي ويو۔۔۔:-o
هڪڙي دوست فورن ئي پاڻ سان آندل ٿيلهو کوليو ۽ ان مان پنهنجا جوگر جوتا ڪڍيا ۽ پائڻ لڳو۔۔۔۔ اهو ڏسي ٻئي دوست کائنس پڇيو۔۔۔ ”ڇا تون سمجهين ٿو ته اهي جوتا پائي تون چيتي جهڙي تيز ڊوڙندڙ جانور کان وڌيڪ ڊوڙي سگهندي۔۔۔؟“
پهرئين دوست وراڻيو۔۔۔ ”اها ته مون کي خبر آهي ته مان چيتي کان وڌيڪ تيز ڊوڙي نه سگهندس پر اهو ڄاڻان ٿو ته هي جوتا پائي مان توکان وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي سگهندس۔۔۔“