سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساري دنيا جا سنڌي سڄڻو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ
    دوستو هي سنڌ سلامت جو خير سان 40 (چاليهون) وڊيو آهي، هن دفعي سنڌ جي هڪ اڀرندڙ فن موسيقيءَ سان تعلق رکندڙ نئين فنڪاره پارس علي پارس کان انٽرويو ورتو اٿم، ۽ اهو به ثابت ڪرڻ جي حقير ڪوشش ڪئي اٿم ته سنڌ سلامت سنڌ جي هر سنڌي عورت توڙي مرد جي حوصله افزائي ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ڪانه ڇڏي آهي جيڪي ڪنهن به شعبي ۾ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪري رهيا آهن، دوستو پارس علي پارس موسيقي جي دنيا ۾ بلڪل نئون نئون قدم رکيو آهي، کيس سان ملاقات ڪجهه ڏينهن پهرين مختلف موضع ۾ موڪليل منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي مشترڪا پوسٽ ” بنديا آرٽ سرڪل حيدرآباد طرفان ملهايل ” سنڌي فنڪار گل حسن خاصخيلي سان شام واري تقريب ۾ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ٿي، جيئن ته آئون ۽ ادا عبدالغفور سمون سنڌ سلامت لاءِان تقريب کي ڪور ڪري رهيا هُئاسين اتي هن فنڪاره سان دُعا سلام ٿي، پاڻ دل جي گهرائين سان پنهنجي گهر قاسم آباد حيدرآباد ۾ اسان کي چانهه پيئڻ جي دعوت ڏني جيڪا دل نه چاهيندي به موٽائي نه سگهياسين ٻه ڏينهن پهرين آئون ۽ ادا عبدالغفور سمون سندس گهر وياسين، پاڻ ۽ سندس جيون ساٿي اسان جو مُرڪندي استقبال ڪيو، چانهن جي دعوت هُئي پر اها چانهه واري دعوت رات جي مانيءَ ۾ هن اڀرندڙ فنڪاره تبديل ڪري ڇڏي، ان کان پوءِ سنڌ جي هن خوبصورت فنڪاره کان ڪجهه ڳالهه ٻول ٿي جيڪا توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان، دوستو، توهان کي خبر آهي ته مان ڪوشش ڪري سنڌ سلامت لاءِ ڪجهه مختلف کان مختلف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، هن وڊيو ۾ توهان کي ڪجهه نواڻ نظر آئي هوندي اها نواڻ ڪهڙي آهي، براءِ مهرباني انهي نواڻ جي باري ۾ ترتيب سان پنهنجا رايا لکندا ته مان سمجهندس ته سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لاءِ منهنجون ۽ ادا عبدالغفور سمي جون هي ڪمتر ۽ حقير ترين ڪوششون ڪامياب ويون۔ توهان جي ساٿ جو منتظر
    پيش آهي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي خالص پنهنجي پيش ڪش ” سنڌ سلامت پاران سنڌ جي نئين اڀرندڙ سنڌي فنڪاره پارس علي پارس کان انٽرويو​


     
  2. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    dear nisar sahib please arrange a mike having monogram of sindhsalamat and getting interview while sitting.
     
  3. mujeeb

    mujeeb
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    its a very good attempt
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    مهرباني ادا
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    پيارا ڀاءُ توهان جا لک ٿورا جو منهنجي هن غريباڻي پوسٽ کي توهان ڏٺو ۽ هڪ مفيد مشورو ڏنو، اهو مشورو ته ڪنهن کان به انٽرويو وٺان ته باقاعده مائڪ هُجي جنهن تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو لوگو لڳل هُجي اهو ئي ساڳيو مشورو جيڪو توهان مونکي ڏنو آهي آئون سڀني سنڌ سلامت جي ميمبر دوستن ۽ سنڌ سلامت جي انتظاميه جي سامهون ٿو رکان ته انهي مشوري جي باري ۾ سندن ڪهڙي راءِ آهي، مونکي ته توهان جو ڏنل مشورو تمام بهترين لڳو ۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    پيارا ڀاءُ توهان منهنجي ۽ ادا عبدالغفور سمون جي گڏيل ڪاوش کي تمام سُٺي ڪوشش ڪري لکيو توهان جون مهربانيون جو توهان پنهنجي بي انتها مصروفيتن مان وقت ڪڍي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ڀيرو ڀريو ٿا۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    ادا علي اڪبر شر شال جُڙيو هُجين توهان منهنجي هن پوسٽ تي صرف مهرباني ادا جو رايو ڏنو آهي، اهو رايو به منهنجي لاءِ ڪنهن خوشيءَ کان گهٽ ڪونهي۔
     
  8. محمد جمن شيخ

    محمد جمن شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    محترم سائين
    شال سدائين خوش و آباد هجو
    بعد از عرض ته توهان پارس علي پارس جي جيڪا تعريف وربلي ڪئي هئي ان جي اشتياق ۾ مون سندس انٽرويو ڏٺو ڪجهه را ڏيندي چوندس ته توهان جو هي پهريون انٽرويو ڏٺو اٿم جيڪو ڪنهن فنڪار سان اهو به انهي جي گهر ۾ بيهي وٺجي اهيو ٿورو عجيب لڳو پئي پارس علي پارس الله ڪري ته نالي جيان ئي فن جي اڀ تي چمڪي ۽ فني دنيا ۾ پارس بڻجي ٻين کي به فائدو ڏي۔ سندس آواز ٻڌو پر اڃا کيس گهڻي محنت جي ضرورت آهي جيڪڏهن فن کي مسقبل ٺاهڻ چاهي ٿي ته ڪنهن ٍٍڄاڻو استاد کان باقاعدگي سان سکيا وٺڻي پوندي ، باقي توهان جي محنت سنڌ سلامت اسٽوڊيو لا ساراهه لائق آهي
     
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    علم ۽ عزت سلامت ... سنڌ سلامت

    تمام سُٺي ڪوشش آهي، پر جيئن ته سنڌ سلامت مُهنجو پنهنجو فورم آهي، اُن ڪري ڪي مشهورا ڏيڻ جي جسارت ضرور ڪندس، جنهن کي ڪور ڪرڻ سان وڊيو رڪارڊنگ، ايڊٽنگ ۾ اڃا بهتري آڻي سگھجي ٿي.
    1. مهرباني ڪري رڪارڊنگ ڪرڻ وقت لائيٽنگ جو خيال ضرور رکو ته جيئن آبجيڪٽ خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي.
    2. مهرباني ڪري آٽو فوڪسنگ جي بجاءِ مينئوئل فوڪس تي توجه ڏيو ته بهتر ڪوالٽي آڻي سگھجي ٿي.
    3. انٽرويو وغيره ڪرڻ وقت رڪارڊنگ هميشه ڪنٽينيو نه ڪجي پر ٽن ٽن منٽن جي سينن جي حساب سان ڪجي ۽ اسڪرپٽ به اهريءَ طرح شيدول ڪجي.
    4. رڪارڊنگ ڪرڻ وقت سين جو پهريون ۽ آخري عڪس ماسٽر ۾ وٺجي جنهن ۾ سڀئي آبجيڪٽ ڏسڻ ۾ اچن، جنهن کي اسين فرسٽ ماسٽر ۽ اينڊ ماسٽر چئون ٿا.
    5. جي وچ ۾ ڪا اينٽر هُجي ته اُن کي به فرسٽ ماسٽر سان ملائي مِڊ ماسٽر جي نالي سان وٺجي.
    6. پوءَ ڪوشش ڪجي ته هر آبجيڪٽ، چاهي اٽرويو ڏيڻ وارو هُجي يا وٺڻ وارو جا علحده علحده سين وٺجن جنهن کي سولو چئون ٿا، جنهن کي پوءِ اسڪرپٽ تحت پاڻ ۾ ڳنڍجي جنهن کي ايڊٽ چئون ٿا.
    7. ٽو شاٽ، ٿري شاٽ، اوٽي (ڪُلهي کان) وٺجن ۽ پوءِ اسڪرپٽ جي ترتيب سان ايڊٽ ڪري فٽ ڪجي.
    8. تمام ڪوشش ڪجي ته انٽرويو وٺن دوران ڪئمرا هٿن ۾ نه هُجي پر ڪنهن اسٽينڊ تي هُجي.
    9. هوسٽ کي تاڪيد ڪجي ته جھولي نه، ۽ سڌو سئون ڪئمرا ۾ ڏسي ڳالهائي جي، لفظن کي پبلڪ ڪرڻو آ.
    11. آن ايئر ڪرڻ کان پهرين ڪوشش ڪجي ته پوري وڊيو تمام هلڪي موسيقيءَ جي بيڪ گرائونڊ ۾ هُجي جيڪا ڪو قومي نغمو يا گلوڪار جو آواز به ٿي سگھي ٿي، ان سان ماحول جو هلڪو گوڙ پس منظر ۾ هلي ويندو.
    12. ڪي مووونگ سين ڪري سگھجن ٿا ۽ پوِ اُنهي ڪٽ ۽ ايڊيٽنگ سان پنهنجي جاءِ تي فڪس ڪجن.
    13. رڪارڊنگ ڪرڻ وقت نيوٽر ٿجي، پهرين هوم ورڪ ڪجي، ۽ اُن کي اهڙي ترتيب سان ٺاهجي، ڪنهن کي يا ڪنهن سين کي اجايو پروجيڪٽ نه ڪجي متان پروگرام جو مقصد پس منظر ۾ نه هليو وڃي.
    14. ماحول ۾ جيڪو ڪُجھه هُجي اُن کي به سين جو حصو ٺاهجي.

    فلحال ايترو ئي هُجي ته سوني تي سُهاڳو، مداخلت تي معافي. بحرحال مجموعي طور تي واه واه ۽ تمام سُٺي ڪوشش آهي. احڙا انٽرويو وٺڻ گھُرجن يا ڪن پروگرامن ، جنهن ۾ شرڪت ڪجي ٿي جي انهيءَ ترتيب سان رڪارڊنگ ڪري آن ايئر ڪري سگھجي ٿي.

    علم ۽ عزت سلامت ... سنڌ سلامت
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    ادا محمد جُمن شيخ صاحب توهان جا لک لائق جو هي انٽرويو توهان ڏٺو ۽ پنهنجا ڪامينٽس ڏنا پيارا اسين فقير لڏو آهيون، بس هڪڙي ڳالهه ٻول هُئي سا به بغير اسڪرپٽ جي اُٿي بيهي انٽرويو ورتم آئنده ڪوشش ڪبي ته ويهي ڪنهن سان ڳالهه ٻول ڪجي باقي جيڪي مشورا توهان پارس علي پارس کي ڏنا آهن سي ڪوشش ڪري کيس پهڇائبا۔ باقي سنڌ سلامت ته ساهه سان جُڙيل آهي ان کي خوبصورت بنائڻ‌ منهنجي فرضن ۾ شامل آهي۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    ادا سنڌي ميڊيا وارا لک لائق جو توهان نهايت ئي مفيد مشورا ڏنا آئنده ڪوشش ڪبي ته توهان جي مشورن جي روشني ۾ وڊيو وغيره ڀري سگهون پر دوست مان ڪو پروفيشنل اينڪر ڪونه آهيان نه ئي مونکي سولو يا ماسٽر جي خبر آهي، نڪو ئي ڪو آئون لکت ۾ اسڪرپٽ تيار ڪري ويندو آهيان بس سنڌ سلامت کي خوبصورت بنائڻ لا جيڪو به سنڌي فنڪار يا فنڪاره پنهنجي ڳالهه ٻول رڪارڊ ڪرڻ لا تيار ٿيندو آهي بس غريباڻي حال ۾ موبائل ڪئميرا مان ان جي فلمبندي ڪري وٺندا آهيون هاڻي توهان ٻُڌايو ته موبائل ٽائپ جي ڪئميرا ۾ اسٽينڊ يا سرچ ڪٿان لڳائي ٿا سگهون۔ ان هوندي به توهان ڀائرن جي مهرباني جو توهان کي اسان جي هي حقير ترين ڪوشش وڻي ۔
     
  12. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    ادا مان وارا سائين مائينڊ ڪرڻ يا جذباتي ٿيڻ جي ضرورت ناهي. ڀاءُ مون سمجھيو ته توهان شايد هينڊي ڪيم تي رڪارڊنگ ڪندا آهيو جو توهان جي فورم تي ڪي ٻه ٽي مضمون پڙهي ائين ئي لڳو سو صلاح ڏيئڻ جي جسارت ۽ غلطي ڪري ويٺس. اها جسارت به ان ڪري جو ادا رشيد صاحب سان گفتگو ته هريل هوس، سمجيم ته شايد ٻيا دوست به...؟
    مان ته سنڌ سلامت جي بهتري ۽ وڌيڪ خوبصورتيءَ لاءِ خوامخواهه وچ ۾ ٽُپي پيس. مقصد تنقيد نه پر وڌيڪ اصلاح ۽ خوبصورتي آڻڻ هو. توهان جي فورم جو هڪ سيڪشن سُٺو لڳندو آهي ”پُڇڻا نه مُنجھڻا“ ادا ڪو ڄائي ڄم کان سيکيل نه هوندو آهي، ڀانڀڙا ۽ ريڙهيون پائي ئي اڳتي وڌبو آهي، بس غلطي اها ٿي ته ڏٺم ته هڪ ٻار بانبلڙا پائي اڳتي وڌي پيو، بس اُن کي صحيح دڳ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم، نه ڪه جواب طلبي. ته سندس گوڏا رهڙجي نه وڃن، سندس هٿ ڪوسي پٽ تي سڙي نه پون، معاف ڪجو اڳتي اهڙي گُستاخي ڪونه ٿيندي، بس اسان جي ته اهائي خواهش هُئي ته ڀلا ”اينڪر“ هوسٽ ٿي وڃو ته لوڪ به خبر پئي ته سنڌ سلامت ته علم ۽ عزت سلامت. ڀاءُ برداشت ڪرڻ لاءِ مهرباني.
    پر ڇا اها عام معلومات نه آهي ته ُوڊيو ڪيئن ٺاهجي؟
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره پارس علي پارس جو سنڌ سلامت پاران انٽرويو

    پيارا ادا عبدالرزاق ميمڻ‌ (سنڌي ميڊيا وارا) مٺا ڀا ڪو ته هُجي جيڪو سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي اسان اڻ ڄاڻن کي دڳ لائي، ادا رزاق توهان جي هر مضمون ۾‌ فني نقطه نگاهه سان ڪافي ساريون مفيد ڳالهيون هونديون آهن، اسان کي توهان کان گهڻو ڪجهه سکڻ‌ جي آرزو پڻ آهي، چوندا آهن ته زندگي سکڻ ۽ سيکارڻ ٻيو نالو آهي، ادا اڻ ڄاڻ هوندي صرف اهڙيون ڪوششون انهي لا ڪندو آهيان ته اسان جي سنڌ سلامت جو ڪو نوجوان دوست ۽ ڄاڻون دوست اڳيان اچي، ۽ اسان جي ڪچائين کي ڏسي سنڌ سلامت کي خوبصورت کان خوبصورت بنائڻ ۾‌ اهي سلسلا جيڪي عمر جي 52 هين سال مان هلائيندو اچان اهو هلائي۔ لک لائق ادا جهڙي طرح ادا رشيد سمي کي محبتي ڳالهيون ونڊيندا آهيو بلڪل اهڙي طرح مان به توهان جو مٺو ۽ محبتي ڀا آهيان ۔ مونکي به پنهنجي علمي ۽‌ادبي خزاني مان ڪجهه ڪڻا ونڊ ڪريو ته توهان جا لک لائق ٿيندا۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو