Sindhi Media
سينيئر رڪن

ائين ئي پنهنجي مذاح سان خوش رهندا ڪريو ۽ سنڌ ساريءَ ۾ پنهنجون مذاح ڀريون خوشيون به ورهائيندا رهو ته پيڙهن، ڏُکن، تڪليفن، بُکن، اُڃن، جهالت، بيوسي، ڪم چوري، ڪاهليت، بي گهري ۽ دردن ۾ وڪوڙيل مُنهنجي سنڌ جنهنکي سنڌ دُشمن قوتن سان ملي سنڌ سماج جي ظالم پيرن، شاهن، ميرن، رئيسن، وڏيرن، ڪامورن، راشي افسرشاهي، جاگيردارن، ڪانڀوخانن، ڀوتارن ۽ انهن جي مڙني ڇاڙتن ۽ ذاتي گهر نوڪرن کين ان مُسڪراهٽن جو سهارو موالي ۽ نشائي ڪلچر ڏئي، سُلفي، ڀنگ، پيگ پيالا، هيروئن ۽ اهڙين ٻين غلاظتن ۾ جڪوڙي، سُمهاري غُلام ڪري پنهنجي اڳٺ سان ٻڌي رکيو آهي اُتي اوهانجو مذاح کين اصلي سُڪون ڏيڻ سان گڏ ذهني تبديلي انقلاب برپا ڪري 7000 سال بي.سي وارو (سولائيزڊ سنڌي) ۽ 711ع واري باب الاسلام جو شهري، علم ۽ عمل وارو ۽ سماج سُڌار بڻائي سگهي ٿو! (آمين) ان اُميد سان پڻ ته توهان ڌاڙيل ڪلچر، موالي ڪلچر، وڏيرو ۽ ڪمدار ڪلچر، پوليس ۽ پاٿاريدار ڪلچر بجاءِ پنهنجي لکت ۽ ادائگيءَ ۾ علم دوست ڪلچر ڏيڻ ۽ فروغ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ سنڌي قوم کي سُٺو دڳ ڏيندا !