شاعري

'مختلف موضوع' فورم ۾ آدرش ڪليري طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2014۔

  1. آدرش ڪليري

    آدرش ڪليري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    59
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ايمپلائي
    ماڳ:
    سائيٽ ايريا ڪلاچي ، سنڌ
    ۽ بار بار سڏ ڪيو
    اسان ڪَنائي سَڏ اهو
    هَڪل سان گڏ ڏني هَڪل
    نہ دير ٿي ڪا پَل ٻہ پَل
    اسان سموريون لذتون
    اُٿاهَہ پيار سڀ ڇڏي
    حسين يَار سڀ ڇڏي
    وصل خوشي گنوائي آ
    اَي ديش تنهنجي ئي ڪري
    هي زندگي گنوائي آ
    اسان جيڪو لَهو ڏِنو
    انهئي سَبب اي وَطن !
    تون شاد باد ٿي وڃين
    ۽ سدا آزاد ٿي وڃين
    اسان کي ٻيو کپي تہ ڇا ؟
    ازل جي ان خوشي ڪري
    هي ڪَنڌ ڪو ڪَپي تہ ڇا
    هي ڪَنڌ ڪو ڪَپي تہ ڇا .
    نواز خان زئور
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو