• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
۽ بار بار سڏ ڪيو
اسان ڪَنائي سَڏ اهو
هَڪل سان گڏ ڏني هَڪل
نہ دير ٿي ڪا پَل ٻہ پَل
اسان سموريون لذتون
اُٿاهَہ پيار سڀ ڇڏي
حسين يَار سڀ ڇڏي
وصل خوشي گنوائي آ
اَي ديش تنهنجي ئي ڪري
هي زندگي گنوائي آ
اسان جيڪو لَهو ڏِنو
انهئي سَبب اي وَطن !
تون شاد باد ٿي وڃين
۽ سدا آزاد ٿي وڃين
اسان کي ٻيو کپي تہ ڇا ؟
ازل جي ان خوشي ڪري
هي ڪَنڌ ڪو ڪَپي تہ ڇا
هي ڪَنڌ ڪو ڪَپي تہ ڇا .
نواز خان زئور
 
Back
Top