
سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طور تي ڊجيٽائزڊ ڪرڻ ۾ اوڻايون : امر فياض
مان اهو محسوس ڪيو ته سنڌيءَ جا جيڪي اکر ٻين ٻولين ۾ ناهن اهي ڪل ارڙنهن آهن. ۽ اهي هي آهن:
”ٻ، ڀ، ٺ، ٽ، ٿ، ڦ، ڳ، ڱ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڄ، ڃ، ڇ، ڙ، ڻ، ڪ“.
مان اهو به محسوس ڪيو ته اسان جي ٻوليءَ ۾ جيڪا ”ي“ سَکڻي آهي سا به معذور آهي. ان حساب سان اردوءَ ۾ جيڪا ”ی“ بغير نقطن جي آهي ۽ ان سان ئي گڏ وري وڏي ”ے“ آهي اهي ٻئي ڪمال جون آهن، بغير نقطن جي (ی) ۾ زير پاڻ هرتو اچي ٿي وڃي ۽ وري وڏي (ے) ۾ زبر. ان سان اعرابن مان جان ڇٽي ٿي وڃي. سو جيڪڏهن سنڌي ۾ جھ يا گھ کي ڪڍي انهن ٻنهي ی ۽ ے کي ڪم آڻجي ته واه جو ڪم ٿي ويندو.
ٻي ڳالهه ته اسان جي ٻوليءَ ۾ مخرجن جو به وڏو گند ٿيل آهي. جيئن ض، ذ، ز ۽ ظ هڪڙا ئي اواز ڪڍن ٿا انهن جو اسان جي ٻوليءَ سان ڪوبه تعلق ناهي. مثال مان هتي لفظ ”ضامن“ لکان ٿو. اوهان سڀني کي پڙهي اچاري محسوس ڪريو ته اچار ۾ ڪو فرق اچي ٿو؟
زامن
ذامن
ظامن
ضامن...... ڇا فرق پيو؟ نه.... وري اهڙي ئي نموني سان اسان وٽ ”س، ص ۽ ث“ وارا اکر آهن.. جن جي اچارن جي وچ ۾ ڪوبه فرق ناهي... اوهان سال کي ثال، صال پڙهو ۽ اچاريو... لڳندو ڪو فرق؟ ڪڏهن به نه.... اهي عربي ٻوليءَ جا اچار آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ اسان جا آهن ئي ڪونه. ها باقي "ھ ۽ ح“ جو استعمال آهي، اهڙي نموني سان ڪنهن قدر وري به الف ۽ عين يا وري ڪ ۽ ق ۾ به اچارن جو فرق محسوس ٿيندو آهي... سي ڀلي ڪنهن صورت ۾ رکجن ته ڪم ۾ اچي ويندا.
مان سمجھان ٿو ته اسان جي ٻوليءَ جا ماهر ۽ ادارا هن سلسلي ۾ اڳرائي ڪن، ته ڪافي وقت ۽ سرمايو بچي پوندو.... ڇوته مستقبل ۾ اسان وٽ ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ يا اسپيچ ٽو ٽيسڪٽ پروگرامن جي سخت ضرورت پوندي، آخرڪار ٻولي کي به ڊجيٽائيز ڪرڻو آهي يا نه؟