سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طور تي ڊجيٽائزڊ ڪرڻ ۾ اوڻايون : امر فياض

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 سيپٽمبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طور تي ڊجيٽائزڊ ڪرڻ ۾ اوڻايون : امر فياض

    مان اهو محسوس ڪيو ته سنڌيءَ جا جيڪي اکر ٻين ٻولين ۾ ناهن اهي ڪل ارڙنهن آهن. ۽ اهي هي آهن:
    ”ٻ، ڀ، ٺ، ٽ، ٿ، ڦ، ڳ، ڱ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڄ، ڃ، ڇ، ڙ، ڻ، ڪ“.
    مان اهو به محسوس ڪيو ته اسان جي ٻوليءَ ۾ جيڪا ”ي“ سَکڻي آهي سا به معذور آهي. ان حساب سان اردوءَ ۾ جيڪا ”ی“ بغير نقطن جي آهي ۽ ان سان ئي گڏ وري وڏي ”ے“ آهي اهي ٻئي ڪمال جون آهن، بغير نقطن جي (ی) ۾ زير پاڻ هرتو اچي ٿي وڃي ۽ وري وڏي (ے) ۾ زبر. ان سان اعرابن مان جان ڇٽي ٿي وڃي. سو جيڪڏهن سنڌي ۾ جھ يا گھ کي ڪڍي انهن ٻنهي ی ۽ ے کي ڪم آڻجي ته واه جو ڪم ٿي ويندو.
    ٻي ڳالهه ته اسان جي ٻوليءَ ۾ مخرجن جو به وڏو گند ٿيل آهي. جيئن ض، ذ، ز ۽ ظ هڪڙا ئي اواز ڪڍن ٿا انهن جو اسان جي ٻوليءَ سان ڪوبه تعلق ناهي. مثال مان هتي لفظ ”ضامن“ لکان ٿو. اوهان سڀني کي پڙهي اچاري محسوس ڪريو ته اچار ۾ ڪو فرق اچي ٿو؟
    زامن
    ذامن
    ظامن
    ضامن...... ڇا فرق پيو؟ نه.... وري اهڙي ئي نموني سان اسان وٽ ”س، ص ۽ ث“ وارا اکر آهن.. جن جي اچارن جي وچ ۾ ڪوبه فرق ناهي... اوهان سال کي ثال، صال پڙهو ۽ اچاريو... لڳندو ڪو فرق؟ ڪڏهن به نه.... اهي عربي ٻوليءَ جا اچار آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ اسان جا آهن ئي ڪونه. ها باقي "ھ ۽ ح“ جو استعمال آهي، اهڙي نموني سان ڪنهن قدر وري به الف ۽ عين يا وري ڪ ۽ ق ۾ به اچارن جو فرق محسوس ٿيندو آهي... سي ڀلي ڪنهن صورت ۾ رکجن ته ڪم ۾ اچي ويندا.
    مان سمجھان ٿو ته اسان جي ٻوليءَ جا ماهر ۽ ادارا هن سلسلي ۾ اڳرائي ڪن، ته ڪافي وقت ۽ سرمايو بچي پوندو.... ڇوته مستقبل ۾ اسان وٽ ٽيڪسٽ ٽو اسپيچ يا اسپيچ ٽو ٽيسڪٽ پروگرامن جي سخت ضرورت پوندي، آخرڪار ٻولي کي به ڊجيٽائيز ڪرڻو آهي يا نه؟
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امر سائين اوهان جون ڳالهيون پنهنجي جڳهه تي پر اهو ڊگهو بحث آهي. گهوڙو لاء آواز گهه جو نڪرندو .... ان حساب سان آواز ۾ فرق آهي. ساڳي ڳالهه جهه سان به آهي. جهرڪ JHirik & جهرڪ Jahrik ٻه الڳ آواز آهن.

    ذامن
    ضامن
    زامن
    ڀلي اوهان چئو ته فرق ناهي، ڀلي اسان به فرق نه ڪيون پر زبان ۾ اهي آواز ڪڍڻ جا الڳ ذريعا آهن.

    هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته اسان لطيف جي رسالي، سچل جي رسالي ۽ هيڏي وڏي ادب کي ڪاڏي ڪنداسين، جيڪڏهن اهي اکر ڊجيٽل ڪرڻ وقت ڪڍي ڇڏجن.

    باقي مونکي اميد آهي ته اوهان جهڙا دوست جيستائين آهن ته يقين آهي ته اهي ڊجيٽل ڪرڻ لاء ڪو رستو ضرور ڳولي وٺندا جيئن اياز شاهه ۽ ماجد ڀرڳڙي ڪري ڏيکاريو.

    سدا خوش هجو
     
    15 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,239
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين توهان جي ڳالھ سان متفق آهيون
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    محترم امر فياض سان جڏهن گذريل سومر تي ملاقات ٿي ته ساڳي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيائون.. سندن خيال مطابق اسان جي الفابيٽ ۾ جهه ۽ گهه اضافي اکر آهن.. جن جي لکائي ۽ اچار انهن جي نه هجڻ باوجود ڪري سگهجي ٿو... اهڙن اضافي اکرن کي ختم ڪري ٻيا اکر شامل ڪجن ته جيئن لفظن جي جوڙجڪ ۾ اعرابن جو ڪردار ختم ڪري سگهجي... ان سان ڪمپيوٽر مشينس کي سنڌي ٻوليءَ کي سمجهڻ سولو لڳندو...
    ساڳي طرح اهڙن اکرن کي جنهن جو تلفظ ملندڙ جلندڙ هجي ۽ اچارڻ سان ڪو فرق نه پوندو هجي پڻ اضافي اکر آهن جن کي گهٽائي الفابيٽ جي اکرن کي مختصر ڪري ڪمپيوٽر مشينس کي سمجهائي سگهبو ته اها اسان جي ڳالهائڻ کي ٻڌي، سمجهي ساڳيا ٻول لفظن ۾ تبديل ڪري ڏئي...

    ان سان ڪمپيوٽر يقينن سنڌي ٻوليءَ کي سمجهڻ لڳندو... پر ڳالهه سليمان جي پڻ وزنائتي آهي... ان سلسلي ۾ جڏهن منهنجي ڪچهري محترم Dr. Asif Jamal Charan سان ٿي ته انهن ٻڌايو ته سنڌي الفابيٽ کي گذريل دورن ۾ پڻ مختصر ڪيو ويو آهي.. سندن خيال موجب شروعاتي سنڌي الفابيٽ ۾ 60 اکر شامل هئا... پر اڳتي هلي اهي اکر جيڪي اسان جي استعمال ۾ نه رهيا ته انهن کي ختم ڪندي 52 اکر ڪيا ويا... جنهن سان ڪو خاص فرق نه پيو.. سندن خيال موجب اسان کي ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو ان کي ڇڏي ڪري مستقبل جو فڪر ڪرڻ گهرجي جو ائين نه ٿئي ته دنيا جون ٻيون ٻوليون ڊجيٽلائيز ٿيڻ جي سفر ۾ اڳتي وڌي وڃن ۽ اسان جي ٻولي بس رڳو ڪتابن ۾ ئي رهجي وڃي...
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    اکر آوازن کي اُچارڻ لا۽ ڪتب ايندا آهن. ها انهن مان هر اکر جو صحيح اُچار ڪهڙو آ اهو ڳولڻ ۾ ٿوري محنت لڳندي.
    ملندڙ جُلندڙ آوازن کي مختلف طريقن سان اُچاري ڏسو ته خبر پئجي ويندي. جيئن نِڙي مان آواز ڪڍڻ، زبان جو چپن سان ملڻ يا وري نه ملڻ وغيره وغيره.

    صحيح طريقو معلوم نه هُجڻ جي ڪري اسان کي ساڳي جهڙن آوازن وارا اکر فضول پيا لڳن.

    مسئلو صِرف اِهو آهي ته سنڌي الفابيٽ جا 52 اکر ته سڀني کي ياد آهن پرانهن جي صحيح اُچارن جي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي. جيئن ”ک“ ۽ ”خ“ جو اُچار الڳ آهي ۽ باقي ٻيا به ائين ئي آهن. قسمت سان ئي ڪو تمام سينئر استاد ئي هوندو جنهن کي انهن اکرن کي اچارڻ جو صحيح طريقو ايندو هوندو... باقي اهو ڪم هينئر هر اُستاد جي وس کان ٻاهر آ جو ٻارن کي الفابيٽ ياد به ڪرائي ۽ اُچارڻ به سيکاري. عربي ٻولي ۾ انهي ڳالھ جو خاص رکيو وڃي ٿو ۽ اها ڳالھ ڪنهن ديني مدرسي مان معلوم ڪري ٿا سگهو.


    ”خرچ ۽ کرچ خ جو آواز واضع آهي.
    قلم ۽ ڪلم ، ڪاتب ۽قاتل ق کي اُچارڻ لاءِ نِڙِي جو سهارو“
    سال ۽ وِصال وِصال پڙهڻ مهل هلڪو وصُئال جو آواز ڪڍڻ
    تاريخ ۽ طارق طارق کي هلڪو طُئارق وانگر هِجي ڪرڻ
    غم ۽ گُم گُم کي غ سان لکڻ ۾ فرق


    ٻيا به گهڻا ئي الفاظ آهن جن ۾ اکرن جو الڳ آواز مختلف ۽ واضع آهي.
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,773
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    آئون امر فياض سان سهمت آهيان. رهي ڳالهه سليمان وساڻ جي ته ڀٽائي جي شاعري يا ٻيو مواد ته ان لاءِ ٻه دليل آهين.
    هڪ ته اها مڃيل حقيقت آهي ته ڀٽائي جي وقت ۾ سنڌي ٻولي ٽيهه اکري هُئي. مطلب ته ان وقت ٽيهه اکر هُئا. ان وقت شايد ن ۽ ڻ لاءِ به رُڳو ن استعامل ٿيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڪُجهه بيتن تي بحث ٿين ٿا. ٻيو دليل اهو ته ڪافي مُلڪن اکر گهٽائڻ ته ڇا پر سڄي لپي ئي بدلائي ڇڏي پر ڪو فرق نه پيو. مواد اهميت جو هوندو ته پاڻ ئي ان کي نئين لپي ۾ بدلايو ويندو. باقي اسان ڀلي چائنا ۽ جاپان جا مثال ڏيون پر انهن وڌ اکري رسم الخط ۽ لپي ساڳي رکي آهي ته پاڻ کي ٻين انيڪ ڳالهين ۾ پاڻ ڀرو ڪيو آهي جو ٽيڪنالاجي سان مطابقت لاءِ پاڻ به ڪم ڪن ٿا ته ٽيڪنالاجي وارا ادارا به کين اهميت ڏين ٿا. اسان وٽ ته ڪو جان جي امان جي خاطري رکي اچڻ لاءِ تيار ناهي ته ٽيڪنالاجي ۾ اسان پاڻڀرائي جي تقاضا ڪيئن ڪريون.
    مون کي ياد آهي هڪ دوست 2003ع ۾ ئي چيو هو ته اسان کي 52 اکرن کي گهٽائڻو پوندو نه ته اڳتي هلي تنگ ٿينداسين. ڀلي چائنه جو مثال ڏجي پر اُتي هڪ نه پر هزار امر فياض آهن هتي هڪ امر فياض ڪٿي پوري پئي.
    تُرڪي ۾ پڻ هنن x جو ڪم K ۽ S ملائي ڪڍن پيا. J کي هنن ان وقت ئي C ۾ ڪري انگريزي واري K لاءِ C کي سيڙهائڻ وارو ڪم ڇڏيو. هنن وٽ رُڳو چار اکر وڌيڪ آهن. U تي ٻه ٽُٻڪا ڏئي ان کي OO جي ڪم آڻين. G کي ڪاما ڏيئي غ جو ڪم وٺن.
    هنن وٽ به ش ۽ چ جو مسئلو هو جو هنن انگريزي لپي کنئي ته اهي اکر SH ۽ CH سان پئي ٺهيا. هنن ان لاءِ به ٻه اکر سيڙهائڻ بجاءِ ç ş هنن اکرن مان ڪم ورتو ويو.
    منهنجي خيال ۾ سنڌ ۾ هڪ ڀٽائي پر تُرڪن وٽ سلطنت جي دؤر جو اڻ ميو مواد هو جيڪو عربي لپي ۾ هو پر سڀ جو سڀ نئين لپي ۾ بدلجي چُڪو آهي. پر ڳالهها ها آهي ته مثنوي رومي سنڌي ۾ به ترجو ٿي چُڪي آهي پر ڀٽائي جي شاعري؟؟؟؟؟؟
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جون ڳالهيون بلڪل درست ..... پر يار هڪ ڳالهه ٻي به آهي، اها آهي ته ترڪن وٽ انقلاب آيو، اسان وٽ اهڙا انقلاب ناهن آيا ۽ ٻيو ته جي اوهان ٻولي جي ماهرن سان ويهو ته اهي اوهان کي چُپ ڪرائي ڇڏيندا.

    اهڙي حالتن ۾ سچ اهو آهي ته امر فياض اڪيلو ٿي ويندو، ڇو ته ماجد ڀرڳڙي پڻ سندس مخالفت ڪندو
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,663
    ورتل پسنديدگيون:
    6,922
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    واقعي به جيڪڏهن ٻولي کي ترڪين وانگي انگريزي رومن ۾ ڪجي ته ڪمپيوٽر کي پڙهڻ ۾ آساني ٿيندي پر پو ٻولي جي سڃاڻپ ويندي هلي .
    اسان جي سنڌي ٻولي سڀني ٻولين کان مختلف آهي ان ڪري اها ٻولي يونيڪ ٻولي آهي ۽ ان کي ڊجيٽائيز ڪرڻ لا سڀ کان پهرين لئنگيج اٿارٽي کي ڪم ڪرڻو پوندو. جيستائين اسان جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ملندو تيستائين اسان جي ٻولي کي ڊجيٽائيز ڪرڻ ۾ اوڻايون پيش اينديون رهنديون.

    اڄ بابا سائين سان ان مسئلي تي ڳالهه پئي ڪيم ته بابا به اهو چيو ته جيڪا ٻولي شروع ۾ هئي شاھ ڀٽائي رحمت الله عليه جي ٻولي ، ان ۾ ”ڙ“ کي ”ر“ ۽ ”:“ ٻه نقطا مٿان لڳل هوندا هئا، ”ڻ“ جي به الڳ نشاني هئي، ”ڱ“ ”ڃ“ ۽ ڪجهه ٻيا لفظ موجود نه هئا جيڪي بعد ۾ لڳايا ويا. اڳوڻي سنڌي ۾ اکر ٻاونجاھ کان گهٽ هئا.

    جيڪڏهن ٻولي کي ڊجيٽائيز ڪرڻو آهي ته ان لا تمام گهڻي محنت ۽ هڪ ٽيم جي ضرورت پوندي ، محترم امر فياض اڪيلو نه پڄي سگهندو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    ت
    سهڻا سائين رشيد صاحب ...
    توهانجي درستگي ڪندو هلان ته..تنهن ڏهاڙي توهان تڪڙ ۾ هيو جنهن ڪري منهنجي لفظن کي سمجهي نه سگهيو..
    " مون اهو چيو هئو ته هڪ وقت سنڌي ٻولي ۾ 60 اکر به رهيا آهن ۽ هاڻ وڃي 52 بچا آهن ۽ ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اسان لفظن کي اُچارڻ ڇڏي ڏنو سو اهي اسانجي ٻولي مان هليا ويا..." جيڪر اسان ٻولي کي عربي جي ڪُلهي تي چڙهي ڪتب آڻينداسين ته اسان جا پنهنجا اکر هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندا... "

    تنهن کان سوا اهو به عرض ڪيو هئم ته عربن وٽ "پ" "چ" لفظ ڪونهي سو اهي ٻئي لفظ هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندا...

    مان امر فياض صاحب جي مسئلي کي سمجهان ٿو جو مان پاڻ يونيڪوڊ تي ڪم ڪري رهيو آهيان پر سائين سان پيار قرب محبت ۽ احترام سان اختلاف ٿو ڪيان ته لفظن کي هم آواز توڙي رڳي ان ڪري ڪڍي ڇڏجي جو اهي يونيڪوڊ يا عربي جي گهرج پوري نٿا ڪن. ان ڳالھ ۾ اسان کي اڙدو وارن کي سلام ڪرڻ گهرجي جن انتها جو بهترين ڪم ڪيو آهي. اسان کان ڪم نٿو پڄي سو هاڻ ٻولي جي اکرن جي پويان اچي پيا آهيون ته جيڪو نٿو ٺهي ان کي ڪڍي ڦٽو ڪيون. ان سلسلي ۾ مان هڪ رسرچ تي ڪم ڪري رهيو آهيان ...انشاالله توهان سڀني دوستن ساڻ ونڍبي جنهن جو ڪجھ ذڪر سائين رشيد ساڻ پڻ ڪري چڪو آهيان...


    چارڻ آصف جمال ، دادو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 فيبروري 2015
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. محمد ابراهيم حيدري

    محمد ابراهيم حيدري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جنوري 2015
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واه سائين واهه گڏ ۽ گهوڙي ۾ فرق نه آهي اهو توهان جي واتان پيا ٻڌيون سائين سنڌي ٻولي کي سمجهڻ لاءِ سنڌي ٻولي جي اندر وڃڻو پوندو مگر شايد توهان ڊجيٽل دور جا ماڻهون آيو توهان وٽ ايترو ٽائيم نه آهي جو سنڌي ٻولي جي اچارن کي سمجهي سگهو افسوس آهي توهان سڀني اکرن کي هڪجهڙو ڪري ڇڏيو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,719
    ورتل پسنديدگيون:
    3,877
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    چوندا آهن سو سونارجا هڪ لوهار جو، محمد ابراهيم حيدري جو هڪ ڌڪ ئي ڪافي آهي...باقي سائين سليمان واري ڳالهه بهترين ۽ وري ان مٿان سائين حفيظ جو جواب وزنائتو آهي.
     
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,773
    ورتل پسنديدگيون:
    5,821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا مسئلو آهي ته اسان وٽ گهڻن ڳالهين جي اسان کي خبر ناهي هوندي. اسان جي حالت اُها آهي جيئن ڪنهن مريض کي پنهنجي خرچ تي علاج لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته هو چوي نه ڪوڙيون ٽڪيون ۽ سُيون مون کان نه سهبيون. پر گڏوگڏ پنهنجي مرض جي سبب ايذاءَ لاءِ رڙيون به ڪندو رهندو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    ڳاله ڀلي پر ڪڙي.سڀ کان پهريائين ته مهرباني ڪري الف بي مان نقطا ته گهٽايو.نشانيون صرف 21 نقطا وري 72.اٽينشن ڊيفيسٽ هائيپر ايڪٽيوٽي ڊس آرڊر وارو ٻار ته سنڌي پڙهي ئي نه سگهندو.اچو ته سنڌي ٻولي جي مشڪل هجڻ تي فخر ڪرڻ جي بدران ان کي آسان بنائڻ جي جستجو ۾ لڳون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان سلسلي ۾ اوهان جي ڳالهه فيسبوڪ جي هن لنڪ تي رکيم .... جواب ڇا آيا اهي ڏسو ۽ اتي پنهنجي راء ۽ جواب موڪليو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    جھڙا رايا تهڙا جواب.اتي لکي ڇڌيا اٿم.هتي ته سمجھدار ۽ سلجھيل ماڻهو آهن پنهنجا رايا پيا لکبا محبتي دوستن سان تعميري بحٿ جاري رهندا.
     
  16. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين جميل احمد صاحب جي ذاتي بلاگ تي هي پيرا گراف رکيل آهي


    ” سنڌي الف بي جي پٽي جو تجزيو

    سنڌي الف بي جي پٽي
    ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جھ ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گھ ڱ ل م ن ڻ و ه ء ي.
    انگريزي الفا بيٽ
    A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z.
    سنڌي جي الف بي تمام مشڪل آهي.ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌي ٻولي تمام امير آهي،جو ان ۾ ايترا ته آواز آهن،جن جي اظهار لاء 52 اکر آهن.پر مسئلو هي آهي ته 52 اکرن جي اظهار لاءِ صرف 21 نشانيون استعمال ڪيون ويون آهن. باقي سڀ ڪم نقطن کان ورتو ويو آهي.سنڌي الف بي ۾ ڪل72 نقطا آهن. جڏهن ته توهان ڏسندا ته انگريزي جي الفابيٽ ۾ صرف 26 اکر آهن پر انهن جي اظهار لاءِ به 26 ئي نشانيون آهن.
    ان کانسواءِ سنڌي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ آوازن جي اظهار لاءِ اعرابن جي به ضرورت پوي ٿي.اعرابن سان گڏوگڏ و،ي، وغيره کي ملائي آواز به ٺهن ٿا، جيڪي وري پهرين ڪلاس جي درسي ڪتاب کان پهريائين ٻارن کي پڙهايا وڃن ٿا.مطلب ته انهن سڀني سببن جي ڪري سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ ٻار لاءِ مشڪل بڻجيو پوي.تنهنڪري ٻار انگريزي ۽ عددن جي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ٿا........................... “

    هي پيرا گراف ڏسي حيرت ٿي آهي ته اسان ڪيئن پنهنجي پنج هزار پراڻي ٻولي کي بس ڪي صديون اڳ خيراتي اکر، ٻين ٻولين (لاطيني وغيره) مان وصولي ڪندڙ ٻولين (انگريزي ۽ اڙدوءَ) ساڻ ڀيٽي پنهنجي ٻولي تي انهن ٻولين جي خاصيتن کي ترجيع ڏيون ٿا. انگريزي ٻولي ۾ موجود 26 اکرن ساڻ جيڪر سنڌي 52 اکرن کي ڀيٽبو ته اندازو ٿي ويندو ته انگريزي ٻولي ۾ سنڌي ٻولي جيان وسعتون ۽ فني مهارتون موجود ڪونهن. ان جو هڪ سادو مثال اهو آهي ته انٽرنيٽ ۽ موبائيل ميسيجز تي اڄ جيڪو انگريزي ٻولي جو حشر ٿي رهيو آهي سو سنڌي جو نٿو ٿئي ۽ ٿي به نه سگهندو ... آخر ڇو ؟ ..ادا ان ڪري جو سنڌي ٻولي جي هر هڪ اکر جي پنهنجي بيهڪ ۽ اُچارڻ جو مخرج (اُچارڻ جو عضو) الڳ الڳ موجود آهي... جيڪر انگريزي جي هڪ اکر آڏو سنڌي جا ٻه ٻه ٽي ٽي اکر اچن ٿا ته اها انگريزي جي نه سنڌي ٻولي جي وسعت آهي سهڻا سائين. باقي جيڪر نقطا گهٽائيڻ ساڻ توهانکي لڳي ٿو ته ٻولي جا اکر ساڳيا رهندا ۽ ٻولي به سولي ٿي پوندي ته مهرباني ڪيو ۽ اهڙي الفابيٽ تيار ڪري ڏيو ۽ ان ۾ ٻولي جا جملا به لکي ڏيکاريو ته جيئن اسان به اهڙي عمل تي بحث ڪرڻ بدران توهان جو ساٿ ڏيون...سائين منهنجا ٻولي ڪيئن ٿي ٺهي ۽ ان کي ڪيئن ٿو جيارڻو پوي اهو انهن کان پڇو جيڪي ان تي ڪم ڪن ٿا پيا. ٻولي تي نقطا چيني ڪرڻ ته سولو آهي پر انهن نقطن آهر مثالون ۽ لکڻيون ڏيڻ لاءِ لڪيءَ جي جبل جيڏو دل کپي سائين.

    جس هجي انهن ڌارين ( پرپولا ۽ راجيش رائو وغيره) کي جيڪي اسانجي اصلي سنڌي ٻولي (جيڪا موهن جي دڙي ۾ دفن آهي جنهن جون 400 اکري نشانيون ڳولهي به لڌيون اٿن) کي پورو ڪرڻ لاءَ پنهنجو جيون ارپي رهيا آهن ۽ حيف آهي اسان تي جيڪي موجوده 52 اکرن جي الفابيٽ جو تين وال ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيون جو اهي انگريزي دانن، فارسي دانن، عربي دانن ۽ اڙدو دانن جي ڇاتي تي بار بڻي پئي آهي. موهن جي دڙي جي اڃا 10 سيڪڙو کوٽائي ٿي آهي ته 400 نشانيون مليون آهن سوچو جڏهن 100 سيڪڙو کوٽائي ٿي ته هن عظيم ٻولي جي وسعت ۽ انهي جا اکر ڪيترا وڃي بيهندا ؟؟؟ بس الله انهن ڌارين کي همت ۽ اسان توهان کي هدايت ڏي...


    سڻايون...
    چارڻ دادو
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 فيبروري 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    ڪاش هتي دلائل سان گفتگو ڪرڻ ممڪن هجي ها.هڪڙي پاسي حڪم ته اهڙي الفابيٽ تيار ڪري ڏيو۽ جملا به لکي ڏيکاريو.ٻي پاسي وري بحٿ جي گنجائش ئي نه ڇڏڻ.۽ اهو قطعي فيصلو ٻڌائي ڇڏڻ ته ان ڳاله تي سوچڻ ئي نه گهرجي .منهنجي خيال ۾ اهو بهتر ٿئي ها ته دلائل سان جواب ڏيوها.جنهن موضوع تي ايڏي جزباتيت هجي تنهن تي ڳالهائڻ جي گنجائش ئي ختم ٿيووڃي.هن وقت عملن ته اسين مڪمل طورتي انگريزي تي ڊپينڊ ڪريون پيا.ميٽرڪ کان پو سنڌي لڀي ئي ڪونه.سائنس مڪمل انگريزي ۾ پڙهون،ڪميشن صوبائي ۽ وفاقي سڀ انگريزي ۾.ميڊيڪل سائنس سڀ انگريزي ۾.وڌيڪ دوستو جنهن ۾ خوش هجو.جيڪر ڪنهن جي دل ڏکي هجي ته معاف ڪندا.
     
  18. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    وسعت جي ڳاله اها آهي ته انگريزي ٻولي ۾ لفظن جو تمام گهڻو ذخيرو موجود آهي.اسان وٽ لفظن جي کوٽ آهي بقول الطاف شيخ صاحب جي لغت ۾ لکيو پيو هوندو ته هڪ گل جو نالو.مطلب ته ڪم ڪرڻو پوندو.
     
  19. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    سنڌي ۾
    Quantity & volume ٻنهي لاهڪڙو ئي لفظ مقدار استعمال ٿئي ٿو.جيڪر ڪير مون کي اهو ٻڌائي ته ان لا سنڌي ۾ ڪهڙا ٻه لفظ آهن.هڪ ته مقدار آهي سو انگريزي جي ڪهڙي لفظ لا آهي.
     
  20. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    هر ٻولي ۾ چار اسڪل هوندا آهن.ڳالهائڻ،ٻڌڻ،لکڻ،پڙهڻ.ٽن اسڪلس جو ته مون نالو به نه ورتو آهي.باقي صرف هڪ اسڪل يعني لکڻ کي ٻار دوست بڻائڻ جو هڪ تصور پيش ڪيو آهي.سو به ان لاچاري ۽ مجبوري جي ڪري ته مون ٻارن کي پريشان ٿيندي،اسڪول کي ڇڏيندي،اسڪول جونالو ٻڌي بيمار ٿيندي به ڏٺو آهي.گذريل 24 سالن کان وٺي هڪ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيوآهيان.جيڪي ماهر سنڌي ٻولي تي ڪم ڪري رهيا آهن،تن کي صرف هڪ درخواست پيش ڪئي اٿم ته هن پهلو تي به ڪم ڪن.انهن ماهرين کي وڌيڪ خبر هوندي ٿي سگهي ٿو ان جو اڃا به ڪو سٺو حل ڪڍي اچن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو