Dr. Asif Jamal Charan
سينيئر رڪن
ڪاش هتي دلائل سان گفتگو ڪرڻ ممڪن هجي ها.هڪڙي پاسي حڪم ته اهڙي الفابيٽ تيار ڪري ڏيو۽ جملا به لکي ڏيکاريو.ٻي پاسي وري بحٿ جي گنجائش ئي نه ڇڏڻ.۽ اهو قطعي فيصلو ٻڌائي ڇڏڻ ته ان ڳاله تي سوچڻ ئي نه گهرجي .منهنجي خيال ۾ اهو بهتر ٿئي ها ته دلائل سان جواب ڏيوها.جنهن موضوع تي ايڏي جزباتيت هجي تنهن تي ڳالهائڻ جي گنجائش ئي ختم ٿيووڃي.هن وقت عملن ته اسين مڪمل طورتي انگريزي تي ڊپينڊ ڪريون پيا.ميٽرڪ کان پو سنڌي لڀي ئي ڪونه.سائنس مڪمل انگريزي ۾ پڙهون،ڪميشن صوبائي ۽ وفاقي سڀ انگريزي ۾.ميڊيڪل سائنس سڀ انگريزي ۾.وڌيڪ دوستو جنهن ۾ خوش هجو.جيڪر ڪنهن جي دل ڏکي هجي ته معاف ڪندا.
سائين جميل صاحب ... سڀ کان پهريان ته هٿ ٻڌي معافي جو توهان جي ايڏي دل آزاري ٿي آهي. منهنجو هرگز اهو مقصد ڪونه هيو ته توهانجي دل آزاريان. مون ته فقط توهانجي سوال جو جواب ڏنو آهي سو به دليلن ساڻ. تنهن کان سواءِ عرض رکيو اٿم ته توهان جيڪا نقطن کي ختم ڪرڻ واري ڳالھ ڪئي آهي تنهن لاءَ ڪجھ مثالون ڏيو ته جيئن اسان به ان مان فيضياب ٿي سگهون. توهان هي ٻڌايو ته ان ۾ مون ڪهڙي غلط ڳالھ ڪئي آهي سهڻا سائين ؟ توهان پنهنجا دليل ڏيو ان پوري آزادي ساڻ ڏيو هن محبت خاني ۾.
سائين ٻيو عرض ته آءُ پاڻ 14 سالن کان ڪامپيوٽر جي گريجوئيٽس ٻارن کي پاڙهي رهيو آهيان. منهنجا سائين منهنجو هر ليڪچر سنڌي ۾ هوندو آهي توڙي جو الله جي ڪرم ساڻ انگريزي ڄاڻان ٿو. اصل ڳالھ اها آهي ته اسان پنهنجي ٻولي کي پاڻ پٺتي ڌڪيو آهي. انگريز انهي ٻولي کي تباھ ڪرڻ لاءِ صدين کان جتن پيو ڪري پر ان تي الله جو ڪرم اڄ به آهي جو مون جهڙو حرفت (Technology)جو ماڻهو به ان مان فائدو وٺي رهيو آهي. مان پوري وسوق ساڻ اهو چوندس سنڌي ٻولي ۾ ڪا به ڪمي ناهي، جيڪر ڪمي آهي ته اسڪولن ۾ ڪلف ٿيل ڪاٽن جا ڪپڙا پاتل انهن استادن ۾ آهي جيڪي ٻارن کي پڙهائڻ بدران سڄو ڏينهن پگهارون وڌائڻ لا نالي جون هڙتالون ڪندا رهندا آهن. ڪمي آهي ته انهن استادن ۾ جن جا پنهنجا ٻار ته وڏن وڏن مهانگن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر پاڻ غريب جي ٻار تي هڪ ڏينهن جي به محنت نٿا ڪن. ڪمي آهي ته انهن استادن ۾ جيڪي پاڻ ته ڪاپيون ڪري رشوتون ڏئي نوڪريون وٺي اسڪولن ۾ ڀرتي ٿين ٿا پو پنهنجي اُڻائي لڪائڻ لا ٻولي تي ٺهلا بحث ڪن ٿا ته ادا اسانجي ٻولي غريب آهي پراڻي آهي ..جديد ناهي! مان پاڻ هڪ اسڪول ساڻ سلهاڙيل آهيان ۽ اهو تماشو روز ڏسان ٿو منهنجا سهڻا سائين...
توهان Volume ۽ Quantity جي ڳالھ ٿا ڪيو ته ان لاءِ سنڌي ۾ هڪ ئي اکر آهي ته سهڻا سائين اها شاهوڪاري سنڌي جي ٿي يا انگريزي جي ؟؟؟ مان ته ڪالھ به اها ڳالھ عرض ڪري چڪو آهيان. تنهن هوندي به اهو چوندس ته ٻنهي انگريزي اکرن لاءِ سنڌي ۾ الڳ الڳ معني به موجود آهي. ڪنهن چيو ته ڪانهي ؟؟؟ باقي سائين الطاف شيخ صاحب واري ڳالھ جي لاءِ اهو عرض آهي ته جيڪر کين ڪنهن گل جي معني نه لڌي اٿن ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪهڙو ڏوھ آهي سائين ؟؟؟
انگريزي اکرن جي تعداد جي ڳالھ ڪيون ته توهان ٿورڙو انهن اکرن جي ڳولها ڪيو، انهن جو اصل (Etymology) ڳولهيو ته اندازو ٿي ويندو ته انگريزي وٽ وڌيڪ اکرن آهن يا تامل (Tamil) ٻولي ۾ ..سنڌي ته پري جي ڳالھ آهي منهنجا سهڻا سائين. پوءِ ڪيئن ٿا چئو ته انگريزي وٽ لفظن جو ڀنڊار آهي.
سائين مون اڳ به عرض ڪيو هو ته توهان انهن نقطن کانسواءِ واري الفابيٽ ٺاهيو ۽ ثابت ڪيو ته جيئن اسان به توهان ساڻ ان ڪوشش ۾ اچون جنهن ساڻ شاگردن ۽ استادن کي سنڌي ٻولي سکڻ لکڻ ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ آسان ٿي پوندي... مون سميت سڀ دوستن کي انتظار رهندو..