السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو!.
هي ليک محترم سائين ذيشان رشيد جن کي لکڻو هو پر سائين جن جي علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن کان انٽرنيٽ جي سروس خراب ٿيڻ ڪري آئون لکي رهيو آهيان. ۽ هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته اهو ويب بيس فونٽ مونکان دوستن گهريو هو جن کي مون سنڌسلامت تان ڊائونلوڊ ڪرڻ جو چيو هو. هن فونٽ جو نالو ايس.ايس. اسدڀٽو آهي. (سنڌ سلامت اسد ڀٽو)
هي ويب بيس فونٽ محترم ابو واصف جن وڏي محنت سان ٺاهيو آهي، فونٽ ٺاهڻ ڪو آسان ڪم ناهي اهو انتهائي ٿڪائيندڙ ۽ محنت طلب ڪم آهي. جس هُجي محترم اسدالله ڀٽو جن کي سائين جَن پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي ٽائم مان وقت ڪڍي هي ويب بيس فونٽ سنڌسلامت تي رکڻ لا پيش ڪيو.
هن فورم تي اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها آهي ته سنڌي ٻولي ۾ نوان ويب بيس فونٽ آڻجن نيون شيون آڻجن نوان سافٽويئر آڻجن. اڃا به ڪافي ڪم ڪرڻو آهي پنهنجي سنڌ جي لا. اوهان جي دعائن جو ساٿ رهيو ته انشا الله سنڌي ٻولي ۾ اڃا وڌيڪ نوان ويب بيس فونٽ آڻبا.
هن ويب بيس فونٽ جي ميموري تقريبن 112KB آهي سڀني فارميٽس جي..
فونٽ سڀني فارميٽس (.ttf , .woff , .otf .svg .eot) ۽ سي.ايس.ايس امبيڊ ڪوڊ سميت ڊائونلوڊ ڪرڻ لا ڪلڪ ڪريو.
هي ليک محترم سائين ذيشان رشيد جن کي لکڻو هو پر سائين جن جي علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن کان انٽرنيٽ جي سروس خراب ٿيڻ ڪري آئون لکي رهيو آهيان. ۽ هڪ ٻيو سبب اهو به آهي ته اهو ويب بيس فونٽ مونکان دوستن گهريو هو جن کي مون سنڌسلامت تان ڊائونلوڊ ڪرڻ جو چيو هو. هن فونٽ جو نالو ايس.ايس. اسدڀٽو آهي. (سنڌ سلامت اسد ڀٽو)
هي ويب بيس فونٽ محترم ابو واصف جن وڏي محنت سان ٺاهيو آهي، فونٽ ٺاهڻ ڪو آسان ڪم ناهي اهو انتهائي ٿڪائيندڙ ۽ محنت طلب ڪم آهي. جس هُجي محترم اسدالله ڀٽو جن کي سائين جَن پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي ٽائم مان وقت ڪڍي هي ويب بيس فونٽ سنڌسلامت تي رکڻ لا پيش ڪيو.
هن فورم تي اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش اها آهي ته سنڌي ٻولي ۾ نوان ويب بيس فونٽ آڻجن نيون شيون آڻجن نوان سافٽويئر آڻجن. اڃا به ڪافي ڪم ڪرڻو آهي پنهنجي سنڌ جي لا. اوهان جي دعائن جو ساٿ رهيو ته انشا الله سنڌي ٻولي ۾ اڃا وڌيڪ نوان ويب بيس فونٽ آڻبا.
هن ويب بيس فونٽ جي ميموري تقريبن 112KB آهي سڀني فارميٽس جي..
فونٽ جي لکت جو نمونو اوهان پيش آهي.دوستن کي اها پڻ آگاهي ڏجي ٿي ته هيءُ فونٽ اڃا تيارين جي مرحلي ۾ آهي. هن فونٽ ۾ ڪجهه اوڻايون آهن، جن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اڃا به. دوستن کي گذارش آهي ته هن کي انسٽال ڪري چيڪ ڪري ڏسن ته جيئن ڪا اوڻائي هجي ته ان کي درست ڪجي.
هن فونٽ جي تياريءَ ۾ سوچ اها رکي وئي هئي ته اهو ليگيچرز بيس تي هئڻ گهرجي. جيئن ته ليگيچرز جو ڪم پيچيده آهي، ان ڪري ڪم رڙهي رهيو آهي. دوستن جي وڌيڪ صلاح ۽ مشوري جي ضرورت آهي.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: