ابو واصف
سينيئر رڪن
ادا.... ڀرڳڙي صاحب جو ”سنڌي خطاطي“ نالي سان فونٽ منهنجي نظر مان ناهي گذريو. باقي جيڪو مون فونٽ ٺاهيو آهي، اهو ڪتابن جي ٽائيٽل وارن نالن کي اسڪين ڪري، انهن مان ٺاهيو آهي. حُسن اتفاق اهو بڻيو جو مون پڻ ان کي ”سنڌي خطاط“ نالو ڏنو هو، جيڪو مانائتي دوست عبيدالله ٿهيم مٽائي منهنجي نالي سان ڪيو هو. مون سائين سليمان کي جيڪو فونٽ ڏنو هو ان ۾ نالو ”سنڌي خطاط“ ئي هو. مهرباني فرمائي اوهان سائين ڀرڳڙي صاحب وارو فونٽ شيئر ڪريو ته اهو به ڏسجي...