ادا راشد علي ۽ ادا عبيد جيئن ته ڪجهه عرصو پهرين مون پي ايڇ پي شروع ڪئي ته جيئن دوست سکن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڃان تائين ڪوبه فيڊ بيڪ يا سکڻ لاڪو دوست نه مليو يا ان منهنجي ليسنس تي ڪا مشق نه ڪئي آهي، ان جو سبب اهو لڳو ته دوستن کي اڃان سمپل ويب ڊيزائننگ ئي نه پئي اچي ته ويب ڊويلپمينٽ ته پري آهي، ان لا جي دوست چون ته بنيادي ڪورس ويب ڊيزائننگ شروع ڪيان؟
ادا توهان پي.ايڇ.پي ڪورسز کي جاري رکو. اڄ نه ته سُڀاڻي اهي نيٺ ڪم ايندا.
منهنجي هڪ دوست بلاگر ٽيمپليٽ ٺاهيو، ان کي اهو يقين به نه هو ته منهنجو بلاگرٽيمپليٽ ايترو گهڻو استعمال ٿيندو. يا ايم.بي سنڌي ئي ڏسو پوين 7 سالن کان استعمال ۾ پئي اچي پر تمام گهڻو استعمال گذريل 3 سالن ۾ ٿيو آهي.
توهان پنهنجي محنت جاري رکو، جن دوستن کي اڄ سمجهه ۾ نٿو اچي انهن کي جڏهن ضرورت پئي ته ضرور سکندا. پر ادا توهان پي.ايڇ.پي ڪورسز جاري رکو..
توهان ڳالهه ڪئي بنيادي ڪورس جي ته جيڪڏهن توهان بنيادي ڪورس رکندؤ ته ويتر ڀلو ٿيندو. مون جهڙا سيکڙاٽ شاگرد جن کي بنيادي ڳالهيون سمجهه نٿيون اچن انهن کي تمام گهڻو فائدو پهچندو.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: