Sindhi Media
سينيئر رڪن

سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)، ساليوُوڊ رائيٽرس گلڊ، سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد) ضلع مٽياري سنڌ جي انتظاميا ۽ رجسٽرڊ آرٽسٽس ڪميونٽيءَ طرفان دُنيا جي پهرئين سنڌي سئٽلائيٽ چينل (KTN) کي سندس جنم جو 12 سال ۽ (KTN NEWS) کي 7 سال مُبارڪ هُجي ۽ گڏوگڏ ، دُنيا جي ٻئي سنڌي سيٽلائيٽ چينل (SINDH TV) کي به پنهنجا 10 سال مڪمل ڪرڻ تي دل جي گهراين سان واڌايون هُجن. ان ٻنهين جنم ڏهاڙن جي خوشيءَ جي موقعي تي سنڌي ميڊيا ويوئرس جي نمائندگي ڪندي سنڌ جي نه صرف هنن ٽنهين چينلس پر باقي چينلس (AWAZ TV, MEHRAN TV, DHERTI TV , KASHISH TV) جي انتظاميا کي گُذارش ٿي ڪجي ته ايندڙ سالن لاءِ پنهنجا اهڙا پروگرام ترتيب ڏين جنهن سان سنڌي قوم کي علم طرف راغبو رکڻ جي ترغيب ۽ دڳ ملي ، ڌاڙيل ۽ موالي ڪلچر جو خاتمون اچي ۽ سنڌ مٿان ڇانيل مصيبتن جي هي سمورا سنڌي چينل ڍال بڻجن. موقعي جو فائدو وٺندي اسان سوشل ميڊيا کي به گُذارش ڪنداسون ته هو اسانجي سيٽلائيٽ چينل کي کوڙ کوڙ واڌايون ڏين.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: